يونين ڪائونسل خيرپور گمبو ۾ برساتن ۽ گهارن سبب آيل تاريخي تباهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2011۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    يونين ڪائونسل خير پور گمبو ضلع بدين جي تعلقي ٽنڊو باگو جي حدن ۾ واقع آهي، هي يونين ڪائونسل ضلع بدين جي مرڪزي شهر بدين کان 70 ڪلوميٽر پري اتر طرف آخري يونين ڪائونسل آهي جنهن جون حدون ضلع ميرپورخاص سان ملن ٿيون. هن يونين ڪائونسل جي آبادي 40 هزارن کان مٿي آهي ۽ هتي 200 کان وڌيڪ ڳوٺ آهن جن مان ڳوٺ ولي محمد ملڪاڻي، ڳوٺ حيات خاصخيلي، ڳوٺ ڌڻي بخش پتافي، ڳوٺ سرائي مبارڪ، ڪنڊڙي لغاري ۽ ٻيا ڳوٺ ذڪر جوڳا آهن. يونين ڪائونسل خيرپور گمبو جي معيشيت جو دارومدار زراعت ۽ چوپائي مال تي آهي ، جڏهن ته هتي جو زرعي ڪارونهوار سکر بئراج جي پاڻي تي آهي جنهن جو هتي آخري ڇيڙو آهي جنهن سبب هن علائقي ۾ پاڻي جي اڪثر کوٽ رهندي آهي ۽ غربت جو ريشو وڌندو رهندو آهي. ضلع بدين جي آخري حدن ۾ هجڻ سبب هن علائقي تي انتظامي توجه به نه هجڻ جي برابر آهي ان لا۽ ئي هتي ترقياتي ڪمن، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي اڻهوند آهي، 200 ڳوٺن جي لا۽ هتي صرف هڪ بنيادي صحت مرڪز ، هڪ هاءِ اسڪول ۽ هڪ گرلس مڊل اسڪول آهي، جڏهن ته نان گورنمينٽ سيڪٽر جي به هن علائقي تي ڪڏهن به ڪا سنجيده توجه نظر ناهي آئي.
    سڄي سنڌ وانگر يونين ڪائونسل خيرپور گمبو ۾ مون سون جو سلسلو 10 آگسٽ 2011ع تي شروع ٿيو جيڪو 14 سيپٽمبر 2011 تي ختم ٿيو، مسلسل برساتن هن علائقي ۾ وڏي پيماني تي تباهي آندي علائقي ۾ پوکيل 20 هزار ايڪڙ فصل مڪمل ٻڏي ويا، برساتن دوران ايريگشن کاتو ڪٿي به نظر نه آيو جنهن سبب شاخن ۾ پاڻي جي مقدار مقرر حد کان انتهائي وڌي وئي جنهن جي نتيجي ۾ شخن کي هنڌان هنڌان گهارا پئجڻ شروع ٿي ويا جن کي بند ڪرڻ لاءِ ڪوبه اڳتي نه آيو، ليفٽ آئوٽ فال ڊرين ( ايل بي او ڊي) سم نالو يونين ڪائونسل خيرپور گمبو ۾ ديهه گاڏ وٽان داخل ٿئي ٿو جنهن ۾ پڻ مقرر حد کان 500 سيڪڙو ڀيرا وڌيڪ مقدار ۾ پاڻي اچي رهيو هو جنهن جي نتيجي ۾ ايل بي او ڊي کي پڻ گهارا لڳي ويا ۽ ان جو پاڻي پڻ يونين ڪائونسل خيرپور گمبو جي ڳوٺن ۾ داخل ٿيو، ٻي طرف ميرپور مين ڊرين ( ايم ايم ڊي) سم نالو پڻ ميرپورخاص ضلع جو پاڻي کڻي اچي يونين ڪائونسل خيرپور گمبو جي حدن ۾ ايل بي او ڊي ۾ ڇوڙ ڪندو آهي ان سم نالي ۾ پڻ پاڻي جي سطع وڌي وڃڻ جي ڪري يونين ڪائونسل خيرپور گمبو جي حدن ويجهو ديهه 202 جي حدن ۾ گهارو لڳي ويوجنهن سبب علائقي ۾ وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا. ان دوران هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن هڪ ئي وقت جرڪس شاخ، کوسڪي شاخ، سانگي شاخ، ٻنگار شاخ، آئلپور شاخ، خيرپور مائنر، ايل بي او ڊي، ايم ايم ڊي، پراڻ ڍورو ۽ لنڪ سم نالن کي لڳل 20 کان وڌيڪ گهارن جو پاڻي يونين ڪائونسل خيرپور گمبو جي ڳوٺن کي ٻوڙي رهيو هو. ان پاڻي جي وڌي وڃڻ سبب يونين ڪائونسل خيرپور گمبو جي مرڪزي ڳوٺ ولي محمد ملڪاڻي ۾ پاڻي انتهائي وڌي ويو، ۽ ڳوٺ جي 10 هزارن کان مٿي جي آبادي کي رات پيٽ جو نڪرڻو پيو جڏهن ته وڌيڪ 5 هزار آبادي وسيلن جي کوٽ سبب نه نڪري سگهي. جڏهن ته چوپائي مال جو به پڻ انتهائي گھڻو زيان ٿي چڪو آهي.
    برساتن ۽ گهارن جي پاڻي سبب يونين ڪائونسل خيرپور گمبو جا 200 کان وڌيڪ ڳوٺ مڪمل ٻڏي ويا جڏهن ته انهن مان 100 کن ڳوٺن جو ته نالو نشان ئي ختم ٿي ويو آهي ۽ انهن ڳوٺن جي آبادي شاخن جي ڪپرن ۽ مٿانهين جاين تي پناهه وٺي دربدري واري زندگي گهاري رهيا آهن. يونين ڪائونسل ۾ 8000 کان وڌيڪ گهر هئا جن مان 70 سيڪڙو ڪچا گهر هئا جيڪي 100 سيڪڙو ڊهي چڪا آهن جڏهن ته باقي پڪن گهرن مان پڻ 10 سيڪڙو گهر پٽ پئجي چڪا آهن، جڏهن ته يونين ڪائونسل جو اهڙو ڪو ڳوٺ باقي ناهي بچيو جيڪو ٻڏل نه هجي ان طرح ڪافي وقت کان پاڻي بيهڻ سبب باقي گهر به ڪمزور ٿي چڪا آهن ۽ اهو چوڻ ڪنهن به طرح سان غلط ناهي ته يونين ڪائونسل خيرپور گمبو ۾ 100 سيڪڙو گهر ختم ٿي چڪا آهن ۽ رهواسي پاڻي نڪرڻ کان پوءِ اجهي لاءِ سخت پريشان ٿيندا جڏهن ته برساتي پاڻي ۾ بيٺل گهر اڳتي هلي رهواسين لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا.
    يونين ڪائونسل خيرپور گمبو جي معيشيت جو دارومدار زراعت تي آهي 95 سيڪڙو ماڻهو زراعت سان وابسطه آهن هتي عام طرح سان ربيع ۽ خريف جا مکيه فصل مرچ، ڪپهه، سرنهن ۽ ڪڻڪ پوکيا ويندا آهن جڏهن ته ڪمند، بصر، ٽماٽو ۽ ٻيون ڀاڄيون، چوپائي مال جو گاهه وغيره پڻ پوکيو ويندو آهي برساتن کانپوءِ علائقي ۾ پاڻي جي سطع 5 کان 12 فٽن تائين وڌي وئي جنهن جي ڪري علائقي ۾ موجود مرچ، ووئڻن. ڪمند، ڪيلو، ٽماٽو، بصر، ڀاڄيون ۽ چوپائي مال جو گاهه مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي، جنهن سان آبادگارن ۽ هارين کي اربين روپين جو نقصان ته ٿيو پر اڳتي جي ڇهن مهينن جي روزگار جو واحد ذريعو به ٻڏي ويو جڏهن ته ايندڙ فصل به پاڻي هئڻ سبب ٿي نه سگهندو.
    علائقي ۾ تمام گهڻو وقت پاڻي بيهڻ سبب علائقي ۾ خاص طور تي چمڙي جي بيمارين جنم ورتو آهي مسلسل پاڻي بيهڻ سبب پاڻي ۾ بدبوءَ پيدا ٿي وئي آهي ٻي طرف جيڪي جانور مري ويا اهي پڻ پاڻي ۾ اڇلايا وياجن جي گندگي سبب ويتر بيماريون وڌيون آهن ٻي طرف هن علائقي ۾ تعليم جو رجحان گهٽ هجڻ سبب صحت ۽ صفائي جو ڪو خاص خيال ناهي رکيو ويندو، برسات جي بيٺل پاڻي جنهن جو رنگ ڪارو ۽ سائو ٿي چڪو آهي ان ۾ اڪثر جاين تي ننڍڙا ٻار وهجندي نظر ايندا آهن جن جي مائٽن کي هن پاڻي جي هاڃيڪار هجڻ بابت ڪا به ڄاڻ ناهي جنهن سبب چمڙي جون بيماريون ويتر وڌي رهيون آهن. جڏهن ته بيٺل پاڻي مڇرن جي نرسري بڻيل آهي مڇرن جو آزار حد کان وڌي چڪوآهي جنهن سبب علائقي ۾ مليريا جو آزار پڻ وڌي ويو آهي، پيئڻ جو صاف پاڻي موجود ناهي جنهن سبب رهواسي برساتي پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن جنهن سبب گيسٽرو ۽ ٻيا پيٽ جا مرض اٿي پيا آهن، ٻي طرف روڊ ۽ رستا پاڻي ۾ ٻڏل هجڻ سبب علائقي جا مسقل مريض جن ۾ شوگر، دل جي مريض، بلڊ پريشر ۽ ٻين موذي مرضن ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجي معالجن سان پنهنجي صحت بابت مشورو نه ڪري سگهيا آهن جن جون زندگيون پڻ خطري ۾ آهن. علائقي ۾ گيسٽرو، مليريا کان علاوه وقت سر طبي امداد نه ملڻ سبب 20 کان وڌيڪ ماڻهو مري چڪا آهن جڏهن ته ٻڏي فوت ٿيندڙن جو اننگ ان کان علاوه آهي. افسوس جهڙي ڳالهه اها به آهي ته 200 کان وڌيڪ ڳوٺن جي صحت جي سهولت خاطر قائم ڪيل اڪيلو بنيادي صحت مرڪز ولي محمد ملڪاڻي 3 کان 4 فٽ پاڻي ۾ ٻڏي چڪو آهي ۽ صحت کاتي پاران متبادل انتظام به نه ڪيا ويا.
    هي علائقو جاگرافيائي طرح سان بدين جي بلڪل آخر ۾ واقع آهي جنهن سبب هتي انتظاميه جو وقت سر پهچڻ هميشه ڏکيو رهي ٿو، ٻوڏ دوران به اهو ئي ٿيو. علائقي جا سمورا ڳوٺ ٻڏي ويا هئا، جڏهن ته گهارن سبب پاڻي جي سطع ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو هو پر انتظاميه هتي نه پهتي جنهن سبب رهواسين لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندا رهيا يونين ڪائونسل جي ڳوٺن ڏانهن ايندڙ جهڏو کان پنگريو روڊ مڪمل ٻڏي چڪو هو ۽ ڪجهه جاين تي ته 5 فٽن تائين پاڻي بيٺل نظر آيو جنهن سبب علائقي جو زميني رابطو بلڪل ڪٽجي چڪو هو ضلعي حڪومت يونين ڪائونسل خيرپور گمبو کي خالي ڪرڻ لاءِ ريڊ الرٽ جاري ڪيو پر ماڻهن کي متاثر علائقن مان ڪڍڻ لاءِ ڪي به اپاءُ ورتا نه ويا، 15 هزار جي ابادي واري ڳوٺ ولي محمد ملڪاڻي جي رهواسين ٻڌايو ته ”کين ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ڪا به ٻيڙي يا ٻي ٽرانسپورٽ نه موڪلي وئي ۽ هو پنهنجي خرچن تي علائقو خالي ڪري نڪتا، برساتن دوران هنن کان ٽرانسپورٽن انتهائي گهڻو ڪرايو ورتو جڏهن ته اجهي جي لاءِ به هنن سان ضلعي انتظاميه ڪوبه تعاون نه ڪيو“. جڏهن ته 20 هزارن کان مٿي ماڻهن مختلف شاخن ۽ واهن جي ڪپرن تي پناهه ورتي جن کي برساتن دوران ڪو شيلٽر مهيا نه ڪيو ويو هو. برساتون بند ٿيڻ جي باوجود شروع وارا ٻه هفتا هتي ڪوبه انتظامي عملدار نظر نه آيو ۽ ئي ڪا ٻاهريان نان گورنمنٽ آرگنائزيشن هتي پهتي. ٻن هفتن کان پوءِ جڏهن هتي امدادي سرگرميون شروع ٿيون ته ان وقت تائين انتهائي وڏي پيماني تي غذائي قلت پيدا ٿي چڪي هئي رهواسي بکن ۾ پاهه ٿي چڪا هئا ان دوران اختيارين انتهائي محدود طرح سان سپلائي شروع ڪئي جنهن ۾ به خشڪ جاين تي گهڻو ڪم ڪيو ويو ۽ جيڪي ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل هئا انهن تائين پهچڻ جي ڪنهن به زحمت نه ڪئي، رهواسين کي اٽي، گيهه ۽ صاف پاڻي لاءِ 2 کان 3 ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پوندو هو. هن مهل تائين به ڪجهه ڳوٺن ۾ جتي رستو پاڻي کان اجو ٿي چڪو آهي انهن کانسواءِ يونين ڪائونسل ۾ امدادي سرگرميون انتهائي محدود پيماني تي جاري آهن ۽ انهن ڳوٺن جا رهواسي ڪنهن مسيحا جي انتظار ۾ آهن.
    برساتن جو سلسو شروع ٿيڻ وقت دي فائونڊرس ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن بدين هن علائقي ۾ موجود هئي جنهن پنهنجي محدود وسيلن سان علائقي ۾ امدادي سرگرمين جي شروعات ڪئي، سڀ کان پهريون مرحلو پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي پاڻي مان ڪڍڻ جو هو فائونڊرس جي رضاڪارن رات جو گهرن جي ڪرڻ سبب اندر ڦاٿل عورتن ۽ ٻارن توڙي ٻڍڙن کي پاڻي مان ڪڍڻ جو سلسلو شروع ڪيو جنهن ۾ ڳوٺ ولي محمد ملڪاڻي جي نوجوانن به حصو ورتو. ان مرحلي ۾ 100 کان وڌيڪ ٻارن، عورتن ۽ ٻڍڙن کي پاڻي مان ڪڍي انهن جون جانيون بچايون ويون ۽ انهن کي ڳوٺ جي مسجد ۾ پناه گاه ٺاهي ڏني وئي. جيڪي خاندان علائقي مان نڪرڻ جا خواهشمند هئا انهن لاءِ ٽرانسپورٽ جو انتظام ڪيو ويو ۽ انهن کي محفوظ ماڳن تائين پهچايو ويو ان سلسلي ۾ ٻين تنظيمن کان به مدد حاصل ڪئي وئي. جيڪي ماڻهو مسجدن ۽ محفوظ ماڳن تي موجود هئا انهن کي تيار کاڌو فراهم ڪيو ويو ان دوران فائونڊرس پاران اهڙين جاين تي موجود ٻارڙن جو به خيال رکيو ويو ۽ انهن کي وقت بوقت بسڪٽ، چاڪليٽ ۽ ٻيون شيون فراهم ڪيون ويون. بعد ۾ فائونڊرس پاران ٻاهران ايندڙ آرگنائيزيشنز جي به علائقي ۾ مڪمل راهنمائي ڪئي وئي جنهن سان انهن کي متاثرن تائين پهچڻ ۾ آساني ٿي ۽ ٻوڏ متاثر انهن پاران ملندڙ امداد مان فائدو حاصل ڪري سگهيا.
    يونين ڪائونسل خيرپور گمبو ۾ برساتن ۽ گهارن جي پاڻي 100 سيڪڙو تباهي آندي آهي ۽ 200 کان وڌيڪ ڳوٺ مڪمل تباهه ٿي ويا آهن جنهن سبب 8000 خاندان ڏکاين کي منهن ڏيئي رهيا آهن علائقي ۾ ٻيهر بحالي جي جامع پرگرام سان گڏ فوري طور تي ٽينٽ ، راشن، دوائن ۽ ٿانون ڪپڙن جي سخت ضرورت آهي جنهن جي لاءِ وس وارن کي اڳيان اچڻ گهرجي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: يونين ڪائونسل خيرپور گمبو ۾ برساتن ۽ گهارن سبب آيل تاريخي تباهي

    هن يونين ڪائونسل جي گهڻي تباهي ٿي آهي پر اڃان تائين پاڻي ڪڍڻ جون ڪي بهتر ڪوششون ڪونه ٿيون آهن۔ منهنجي ڄاڻ موجب اڃان به گهڻو پاڻي گهرن ۾ ۽ ڳوٺن ۾ پڻ موجود آهي۔

    هتان جي ماڻهن جي روزگار جو ذريعو زراعت آهي پر گهڻي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب ربيع جي فصل ٿيڻ جا امڪان به گهٽجي ويا آهن۔ جيتوڻيڪ هتي کاڌي جون سهولتون به مهيا ٿيون پر پوء به ڪيترائي ماڻهو پنهنجو ڳوٺ ڇڏڻ لاء تيار ڪونه هئا۔ هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڻي کي ڪڍيو وڃي۔

    ادا يونس ۽ ادا حفيظ لغاري سميت سنڌ سلامت جا گهڻا دوست هتان سان واسطو رکن ٿا۔ سندن بهتري لاء رب جي در دعاگو آهيون۔
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: يونين ڪائونسل خيرپور گمبو ۾ برساتن ۽ گهارن سبب آيل تاريخي تباهي

    سٺو ٿيو فائونڊرس هئي۔ يار انهن وڏو ڪم ڪيو آهي۔ خاص ڪري ايندڙ ڊونرس جي مدد ڪرڻ جو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو