نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي
شاعر ۽ اديب معاشري جي ٽين اک هوندو آهي گڏجاڻي جي صدارت ڪندڙ ڊاڪٽر احمد نوناري جو اظهار
رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمد ناز
رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمد ناز
گُذريل آچر مورخه 30 آڪٽوبر 2011 ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي دستوري گڏجاڻي سنگت جي پنهنجي آفيس سوڪ سينٽر ۾ ٿي گُذري جنهن جي وقتي صدارت سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ڪئي، جنهن ٽنڊو محمد خان شهر جي ڪافي شاعرن ، اديبن ۽ ادب دوستن شرڪت ڪئي . هن دستوري گڏجاڻي ۾ شاعرن پنهنجون تخليقون اصلاح لاءِ پيش ڪيون ، ۽ اصلاحي تنقيد وسيلي انهن جي شاعري ءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي . جن شاعرن ۽ اديبن هن هفتيوار دستوري گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي انهن ۾ اهم ترين نالا، مشهور کاهوڙي اديب مشڪور ڦلڪارو، بهترين شاعر محمد رفيق آس لغاري، ٻن ڪتابن جو تخليق ڪار جهونو شاعر محترم تاج ٽکڙائي، محترم انعام ٽکڙائي، محترم محمد سومار ملهار، محترم حاجي حُسين ڀٽي، عاشق حسين ڳاهو، نوشاد ڀٽي، ۽ راقم الحروف توهان جو جهونو نثاراحمد ناز شامل هُئا. جڏهن ته سنگت جي ڪاروائي شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر هلائي.
دوستو سنڌي ادب کي هٿي ڏيڻ واسطي مان ڪوشش ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي هر دستوري گڏجاڻي جي رپورٽ تصويرن سميت ۽ شاعرن جي شاعري جيڪا اصلاح لاءِ پيش ٿيندي سا ان شاعر جي تصوير جي هيٺان توهان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن ۽ فيس بُڪ جي ساٿين سان ضرور ونڊ ڪندس ، حالانڪه اهو ڪم ڪافي ٿڪائيندڙ آهي پر وري به سنڌي ادب جي خدمت ۽ شاعرن جي حوصلا افزائي ۽ همت افزائي جي ڪري اهو ٿڪائيندڙ ڪم ضرور ڪندس اميد ته پڙهندڙ منهنجي انهي ڪم جي باري ۾ اڃان به ڪي مفيد مشورا ڏيندا، ۽ پنهنجي ڪامينٽس ۾ منهنجي هن ڪم جي باري بي لوث منهنجي رهنمائي پڻ ڪندا
پيش آهي ان گڏجاڻي جو تصويري احوال
سنڌ ترقي پسند پارٽي جو اڳواڻ ڊاڪٽراحمد نوناري سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي هفتيواري دستوري گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو آهي۔
ڊاڪٽر عزيز ٽالپر سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان دستوري گڏجاڻي جي ڪاروائي هلائي رهيو آهي۔
شاعر: مشڪور ڦلڪارو، پيپلز ڪالوني ٽنڊو محمد خان
وائِي
ڀيرو ڳائج ڀانَ سنڌوءَ جا، اسر ويل اَسُور،
تڻڪي تند طنبور.
جيسين سارِي جُوءَ نه جاڳي،ماٺ ڪجان ءِ تُون مُور
تڻڪي تند طنبور
سَئن سان تُون بي چين ڪري ڇڏ، پنهنجو سارو تُور.
تڻڪي تند طنبُور
سُر سان اهڙا مَرهم مَکُ تُون ، ڇُٽن سڀ ناسُور.
تڻڪي تند طنبُور.
آزاديءَ جي آس کڻي سڀ، جاڳن جُوان ۽ جُهور،
تڻڪي تند طنبُور
ڀُونءَ جا ماڻهو ڀيڙا ڪر توُن ، محبت سان ”مشڪُور،
تڻڪي تند طنبُور
مشڪور ڦلڪاري کان لفظ اسُور جي معنا پُڇي وئي ته هُن ڀنڀرڪي جي ويل کي اَسُور جي معنا ٻُڌائي .
شاعر: محترم دائود ميمڻ المعروف تاج ٽکڙائي ويٺل مومن منزل ٽالپر ڪالوني ٽنڊو محمد خان
پاڻ نظم پڙهيائون مگر سنگت جي ريڪارڊ واسطي ان شاعري جي ڪاپي ڪونه ڏنائون ان ڪري سندن نظم هت ڪمپوز ڪري پيش ڪرڻ کان قاصر آهيان
شاعر: محمد رفيق آس لغاري ٽنڊو محمد خان
غزل
هُن جي ڳلڙن تي سدا پيا رقص ڪن،
وار ڪارن جي سدائين عيد آ...
ٿو وهي مهراڻ موجن سان جڏهن ،
ڪَپَ ڪنارن جي سدائين عيد آ...
شام جو ٿا مئه ڪدن جا در کُلن،
مئه خوارن جي سدائين عيد آ....
عشق جا ماتم مقدر ۾ ملن،
”حُسن وارن جي سدائين عيد آ...
هُو ڏسي ڄڻ طنز مان چوندو هُجي،
”آس“ پارن جي سدائين عيد آ.....
محمد رفيق آس لغاري جي هن غزل کي متفقه طور ساراهيو ويو.
شاعر : نثاراحمد ناز سنڌي ٽوپي وارو (بهراڻي پاڙو ٽنڊو محمد خان
وائي
جيئن جيئن پرهه ڦُٽي.....!
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان .
دهشت ساري جڳ مان،
خُوني کيل کُٽي......!
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان .
دوکي جون ديوارون .
باقي ڏينهن ٻه ٽي ......!
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان .
اُجيارا هت انڌ کي ،
ويندا نيٺ لُٽي.........!
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان .
ڌُنڌ جو بادل سنڌمٿان،
سگهڙو ”ناز“ ٽُٽي..... !
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان .
جيئن ته سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ميمبرن مان الله جي فضل ۽ ڪرم سان نثاراحمد ناز(مان ) واحد شاعر آهيان جنهن کي باقائده پنهنجي شاعري برزبان ياد هوندي آهي هن ڀيري نثار ناز پهريون ڀيرو مٿئين وائِي ترنم ۾ ڳائي اصلاح لاءِ دوستن جي سامهون پيش ڪئي، ڪافي سارن دوستن منهنجي هن وائي تي اصلاحي تنقيد ڪئي جنهن مان ڪجهه حصن تي انهن جي تنقيد مون مڃي ۽ ڪجهه حصن تي ٿيل تنقيد جو جواب لطيف سائين جي بيتن جي حوالن سان ڏنم.
سنڌ جو سُريلو شاعر انعام ٽکڙائي وسي ملوڪ شاهه ٽکڙ
غزل
واءُ اهڙو آ وريو جو تازگي گُم ٿِي وئي
هر لمحو مايوس ڪُن سارِي خوشي گُم ٿي وئي
ٻاٽ ۾ جا لاٽ ٻرندڙ هُئي وسامي سا جڏهن ،
ايڏي انڌ اونده وري جو روشني گُم ٿي وئي...!
رهزنن جي جوڙ ڳٺ آ مُلڪ جو ٻوڙيو ترهو،
ان ڪري ايمان واري رهبري گُم ٿي وئي
عمر ڀر جنهن يار مون سان دوستيءَجو دم ڀريو،
لُڙڪ مُنهنجا ڇا لڙيا، سا دوستي گُم ٿِي وئي...!
ڪَلفِ ڪپڙن تي چڙهيل ۽ ڪُلف ذهنن تي لڳل،
۽ زبان آلاپي تڪبر سادگي گُم ٿِي وئي.......!
اڻ سدا جملا اسان وٽ ۽ خيالن ۾ تضاد،
راهه جا ڏيکاري اهڙي شاعري گُم ٿي وئي.....!
جيستائين ساٿ تُنهنجو هو زنده ٿي لڳس
تون جي وئين وڇڙي ته سمجهيم زندگي گُم ٿي وئي..!
نفرتون حاوي وڃن ٿينديون زمان تي ”انعام“
محبتون مايوس ٿيون ۽ عاشقي گُم ٿي وئي ........!
انعام ٽکڙائي جي هن غزل تي ڪافي سارن دوستن اصلاحي تنقيد ڪئي .
نوجوان شاعر عاشق علي ڳاهو، نزد گرڊ اسٽيشن سجاول چوڪ ٽنڊو محمد خان
ٽيڙو
مدهوشيءَ جا ڏينهن
چپڙن تي هُئا ٽهڪڙا
اکڙين ۾ هُئا مينهن
ٻُور جهلين پيا انب،
طوطا ايندو اوچتو
ڦڙڪائيندا کنب ....!
بنگلي ۾ آ رقص
جهوپي ۾ بيمار ڪو،
ليٽيل آهي شخص...!
اڏ جي ڀرسان انب
جهرڪِي ويهي ٽار تي،
ڦڙڪائي پئي کنب ....!
جيئن ڏٺم آڪاس،
سرڻن ڪو آڪاش تان،
هيٺ ڏٺو پي ماس....!
وچ مان گُذري ريل،
هن پاسي کان مور آ،
هِن پاسي ڊيل...!
روز ڏسڻ معمول ،
پوڙهي وڻ تي ٻگهه پکِي،
ڄڻ ته اڇا ڪي ڦُول....آ
عاشق ڳاهي جي ٽيڙوئن تي ڪافي سارن دوستن اصلاحي تنقيد ڪئي ، ۽ان تنقيد کي عاشق ڳاهي دل سان قبول ڪيو.
شاعر : محمد سومار ملهار ويٺل بهراڻي پاڙو ٽنڊو محمد خان
غزل
ڀٽ شاهه وارن پاران ڏنل طرح طبيب مهربان وقتي شفا مان ڇا ڀلا ٿيندو تي لکيل غزل
نه هو معلوم مونکي اوچتو جاني جُدا ٿيندو
ڪري وعدا وفا وارا وري هو بيوفا ٿيندو
نه گُهرجي ناز اجايو پارسائين تي ڪر ڪنهنکي،
چڱن توڙي مٺن جو فيصلو روز جزا ٿيندو
سنڌ جيئين سالن کان سُورن ۾ وڪوڙيل آ،
طبيب مهربان وقتي شفا مان ڇا ڀلا ٿيندو
ٻٽاڪون ٻيڻيون حاڪم هڻن سنڌڙي جي سُڌرڻ جُون
ڏسون ٿا ڪونه تن کان هاڻ حق اُن جو ادا ٿيندو
مدايون من ۾ غيرن جون مگر پنهنجن به مُنهن موڙيو
زمانو تن جي خوبين کان گهڻو واقت اڃا ٿيندو
ڪراچي ءَ ۾ لُٽا لُٽ مال دولت جسن جانين جو،
رهيو جي حال هي ته فتنو وڏو ڪو جابجا ٿيندو
ڏٺئي ”ملهار “ جاچي رنگ رچيا جي رقيبن هت
خوشي ءَ جي جنهن کان خواهش ڪئي وڃي سو ٿو خفا ٿيندو
ملهار جي هن غزل تي سنگت جي دوستن ڪافي اصلاحي تنقيدون ڪيون جنهن کي ملهار باقائده قبول ڪيو۔
سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو جهونو ميمبر حاجي حُسين ڀٽي
ڪافي
نڪو مُلڪ گُهران نڪو ملڪيت گُهران
آئون سدائين سڄڻ پيو عزت گُهران....!
دنيا داري ۾ آبرو اخلاق هُجي،
همت حشمت جو سندرو ثابت هُجي
آئون نيڪ نصيحت جي پيو عظمت گُهران
هن زماني ۾ هتي ڪئين وهنوار آهن
ڪن لئه سولا سُٺا ڪن لئه آزار آهن
آئون فيض فضيلت جي پيو صداقت گهران
ڪي مال ملڪيت لئه ڪوشان آهن ،
ڪي حرس هوس لئه حيران آهن
آئون سهي سلامت جي پيو ساعت گهران
زماني حال ۾ هتي رڳو حسرتون آهن
ڪن کي لوڀ لالچ ڪن کي عبرتون آهن
آئون سُٺي صحبت جي پيو محبت گهران
حاجي حُسين چوي ، شل ڀاڳ هُجي،
اسان وٽ دين ايمان جو سُهاڳ هُجي،
آئون دين ايمان جي جي پيو عبادت گهران
جيئن ته حاجي حُسين بزرگ آهي ان ڪري سندس بزرگي ۽ وڏي عمر جي ڪري سنگت هن ڪافي تي ڪابه اصلاحي تنقيد ڪانه ڪئي.