اروڙ ويجهو چٽان شاهه جي نالي سان مشهور تاريخي ٽڪرين جو سلسلو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]روهڙيء ويجهو تاريخي شهر اروڙ واقع آهي۔ جيڪو راجا ڏاهر جي دور ۾ سنڌ جو گاديء جو هنڌ پڻ رهيو آهي۔ اروڙ ان زماني ۾ درياء سنڌ تي واقعي هو۔ ان کانپوء ڪنهن زلزلي يا جاگرافي تبديلي سبب درياء سنڌ جي وهڪري تبديل ٿيڻ سان گڏ هي شهر به ڦٽندو رهيو آهي۔

    اروڙ ويجهو هڪ ٽڪرين جو سلسلو آهي جنهن کي چٽان شاهه جي ٽڪرين جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو۔ اتي هڪ اهڙي به چٽان آهي جيڪا چئن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ چار هڪجيترا ٽڪر اٿس۔ گهڻو ڪري ڪنهن جيولاجيڪل تبديلين سبب اها ٽڪري چئن حصن ۾ ورهائجي وئي هجي جيتوڻيڪ ان سان ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ روايتون منسوب آهن۔ جيئن ڪجهه مقامي ماڻهو چون ٿا ته ڪالڪان ديوي ۽ حضرت علي عليه سلام جي هڪ ساٿي وچ ۾ لڳل جنگ سبب لڳل مُڪ هڻڻ سبب اهو جبل چئن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي۔ ڪالڪان ديوي جو مندر هتان بلڪل ويجهو آهي۔

    هن ٽڪرين جي عجيب بناوت آهي ۽ انهن جي چوٽيء تي هڪ مسجد پڻ تعمير ٿيل آهي۔ مٿي پهچڻ هڪ مشڪل ۽ ڪٺن ڪم آهي۔ اوهان اڳيان ان ٽڪرين جون تصويرون ونڊ ڪجن ٿيون۔[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: اروڙ ويجهو چٽان شاهه جي نالي سان مشهور تاريخي ٽڪرين جو سلسلو

    تماما دلچسپ يار هي ته تاريخي ورثي مان هڪ آهي۔
     
  3. Ghazanfar Iqbal

    Ghazanfar Iqbal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    sukkur
    جواب: اروڙ ويجهو چٽان شاهه جي نالي سان مشهور تاريخي ٽڪرين جو سلسلو

    تمام بهترين ۽ دلچسپ
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اروڙ ويجهو چٽان شاهه جي نالي سان مشهور تاريخي ٽڪرين جو سلسلو

    [JUSTIFY]هن ٽڪرين بابت سائين جاويد حسين شاهه موسوي جا فيسبوڪ تي ڏنل رايا :

    جاويد حسين شاهه موسوي

    نئين ٽڪر، ٽڪرن جي قطار کي وڏو ڪوهستان چوندا آهن، مان هن نئين ٽڪر ۾ فوسلز ڏٺا آهن، هي جيولوجيڪل چينجنگ جي ڪري چئن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو آهي، هن قطار جي ٽڪرن کي هوا جي رڳڙ جي ڪري گولائيون اچي ويون آهن وغيره۔

    آزاد آخوند جو جواب

    شاه صاحب جي ڳاله وزن ته رکي ٿي پر پوءِ به ان جواب پويان وري ڪيترا سوال نظر اچن ٿا .
    1. اهڙي صورتحال ٻين ٽڪرن سان ڇو نه پيش آئي ؟ اوهان جي ڳاله بلڪل صحيح آهي ته اهو جيولاجيڪل چينجنگ جي ڪري چار ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو . پر هن ڳاله کي به رد نٿو ڪري سگهجي ته اهو ٽڪر جڏهن سمنڊ جي تري ۾ هيو يا ڪجهه مٿڀرو هو ۽ پاڻي ڪڏهن گھٽ يا وڌ ٿيڻ جي صورت ۾ ان کي چئني پاسن کان کائيندو رهو هجي. جڏهن تمام وڏو زلزلو آيو ته اهو ٽٽي چار حصن ۾ مٿائين تي اچي نمودار ٿيو هجي۔


    جاويد حسين شاهه موسوي

    منهنجي سروي/ تحقيق مطابق روهڙي شهر کان ويندي شادي شهيد جون ٽڪريون جنهن ۾ شهر جون، ننڍو ڪوهستان ۽ وڏو ڪوهستان جون ٽڪرون هيٺ کان مٿي بلڪل ورٽيڪل صورت ۾ نڪتل آهي جنهن جون مٿاڇرو پلين آهي اگر مٿاڇري ۾ فرق به آهي ته هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين وڌ ۾ وڌ فٽ جو هوندو، سڀني ۾ هڪ شيءِ ڪامن آهي ته سڀني ٽڪري جي هڪ سخت ليئر کان پوءِ نرم ليئر آهي ان کان پوءِ سخت، توهان ڏٺو هوندو ته جيڪو نرم ليئر آهي اهو هوا جي ڪٽائي جي ڪري ڀُري فوٽ کن اندر گولائي ۾ ٿي ويو آهي. (انهن ۾ ئي فوسلز ملندا) وغيره
    ٽڪرن جي لائين ۾ نئين ٽڪر اڪيلو ٽڪر آهي جنهن جي اتر، اولهه ۽ ڏکڻ طرف ڪا به ٽڪري نه آهي ۽ اوڀر طرف تمام پري قطار آهي۔ هاڻي اچون ته پاڻ وٽ اڪثر اوڀر؛ اتر، اتر ۽ اوڀر جون هوائون لڳنديون آهن، انهن هوائن جي رڳڙ جي ڪري هن جون نرم ليئر ڀري ويا آهن جيڪو ڀرل مٽهي بجري جي صورت ۾ هيٺ جمع ٿي وئي آهي ۽ هن جي ڀرواري زمين تي نظر ڪندا سين ته توهان محسوس ڪندا ته هن جي ڀرواري زمين نرم آهي، ٿي سگهي ٿو ان لاءِ 4 ٽڪرن ۾ ٿي ويو هجي وغيره ۔ هن ٽڪري سان ٻه ڏند ڪٿائون به منسوب ٿيل آهن جيڪي توهان ٻڌيون هونديون!

    پاڻ واري ريگستان پهريان سمنڊ جو ترو هو جنهن جو ثبوت مان پاڻ ڏٺو آهي 15 سال پهريان بڪار جاگير جي ٽڪر ۾ مان تمام گهڻي مقدار ۾ فوسلز ڏٺا هئا جيڪي سڀ پاڻي جي جاندارن جا هئا جنهن ۾ اسٽار فش ۽ گوج (ايل) وغيره گهڻيون هيون ڪجهه ٻين قسمن جا هئا جن جا نالا نه ٿا اچن.
    ڪجه مهينا پهريان عيد واري ڏينهن تي مان ۽ ڀاءُ عبدالحسين سان بيدل بيڪس واري ٽڪري تي پيرن جا فوٽو ڪڍڻ لاءِ وڄڻ ٿيو درگاه بند هجڻ ڪري فوٽو ته نه نڪتا پر جڏهن زمين تي نظر ڪئي سين ته هر هنڌ ان ٽڪري تي وڏي مقدار ۾ پاڻي جا فوسلز ڏٺا سين ڪجه مان کڻي آيو آهيان ۽ ڪجه جا فوٽو ڪڍي آيا سين. وغيره.

    سکر ۾ هڪ ٽڪري جو ليئر آهي جيڪا سکر پل کان ويندي ميناره تائين وڄي ٿي جيڪا شايد لڳ ڀڳ 20-30 ڊگري تي هوندي ان کان پوءِ ڪجه ٻيون مختلف ننڍيون ننڍيون ٽڪريون آهن جن ۾ ميرڪ عبدالباقي پوراني آدم شاه ڪلهوڙو وغيره به آهن جن کي ڏسي اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته زلزلي جو اثر سکر کان وڌيڪ روهڙي ۾ ٿيو هو۔ نئيڻ ٽڪر سامهون جيڪو پٽر نظر اچي ٿو اهو هاڻي ڪريو آهي۔

    جڏهن مان سراج جي ٽڪري (اڍائي هزار بي سي سولائيزيشن)خيرپورتي چڙهي ٻين ٽڪرن تي نظر ڪئي ته سڀني ٽڪرين جو مٿاڇرو به پلين هو پر هي سڀ ٽڪريون سخت آهن۔

    پير آدم سلطان واري درگاه جي رستي ۾ ڪافي فوسلز ملندا ۽ هڪ هنڌ مونکي اڍائي فوٽ کن جو چنبي وانگر نشان مليو جنهن کي ڏسي ائين پيو لڳي ڪنهن وڏي جاندار جو چنبي جو نشان هجي
    ۔[/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو