تاج صحرائي: سنڌ جو برک اديب ۽ محقق تاج جويو تاج صحرائي 20 صديءَ جو سنڌ جو برک اديب، شاعر، قديم آثارن جو عالم ۽ محقق ٿي گذريو آهي. هن جو اصل نالو تاج محمد ولد نورمحمد ميمڻ هو ۽ 11 سيپٽمبر 1921ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو هئائين. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي مختلف اسڪولن مان حاصل ڪيائين. ان وچ ۾ ٻه ٽي ڀيرا هندستان جا چڪر هڻي آيو، ڇو ته ننڍپڻ کان کيس سير سفر جو وڏو شوق هوندو هو. تاج صاحب مئٽرڪ 1942ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان ڪئي. ان کانپوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيو ۽ بي. اي ۽ بي. ٽي جا امتحان اُتان پاس ڪيائين. تاج صحرائي، ننڍي هوندي کان وٺي ذهين ۽ ڪتابن ڏانهن خاص رغبت رکندو هو. 1945ع ۾ والد جي وفات کان پوءِ عملي زندگيءَ ۾ هڪ استاد طور پير پاتائين ۽ 1948ع کان دادوءَ ۾ استاد مقرر ٿي آيو. تاج صحرائيءَ 1952ع ۾ دادوءَ ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول قائم ڪيو ۽ ان جو باني هيڊماستر بڻيو. کيس مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان خاص محبت ۽ عقيدت هئي، ان ڪري سندن نالي سان ئي هي هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين. تاج صحرائي 1968ع ۾ دادو شهر ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي پبلڪ لائبرري قائم ڪئي. تاج صاحب تعليم کاتي مان 1981ع ۾ رٽائر ٿيو. ان وچ ۾ مارچ 1971ع کان جون 1972ع تائين سنڌ ميوزم حيدرآباد جو پهريون اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. مارچ 1975ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيل ’سنڌ صدين کان‘ سيمينار ۾ وڏي سرگرميءَ سان حصو ورتائين. 1977ع ۾ ٽرپوليءَ ۾ دنيا جي اُستادن جي ميڙ ۾ پاڪستان سرڪار جي واحد نمائندي طور شريڪ ٿيو. هن جي ڪوششن سان ئي سنڌ جي مختلف ضلعن اندر ’هسٽاريڪل سوسائٽيون‘ قائم ٿيون. تاج صحرائي 1981ع ۾ ’رني ڪوٽ‘ سيمينار جو آرگنائيزر مقرر ٿي رني ڪوٽ تي هڪ زبردست سيمينار ڪرايو. تاج صاحب 1964ع کان وٺي زندگيءَ جي آخري پساهن تائين قلندر لعل شهباز ميلي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو. زندگيءَ جي آخري سال ۾ کيس ’شهباز اوارڊ‘ پڻ مليو، جيڪا سندس زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي تمنا هئي. هونئن هن پاڻ الائي ڪيترن اديبن کي اهي اوارڊ ڏياريا. تاج صحرائي هڪ عالم، آرڪيالاجي ۽ انٿراپالاجيءَ جي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ قومي درد رکندڙ انسان هو. هن 1940ع کان سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو. 1942ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار واري وقت ۾ شاگردن جو جٿو وٺي اتي وڃي ڏڪار جي سٽيلن جي مالي ۽ عملي مدد ڪيائين. هن برصغير جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ 10آگسٽ کان 26 ڊسمبر 1947ع تائين برصغير جي آزادي ۽ پاڪستان جي قيام واري ڏينهن ۾ دهليءَ اندر جيل ۾ نظربند رهيو. تاج صاحب سنڌ ۾ کاٻي ڌر جو سڄاڻ ليکڪ ۽ ڪارڪن سمجهيو ويندو هو. تاج صحرائي سنڌ جي قديم تهذيب تي ’سنڌو تهذيب‘ نالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب 1989ع لکيو. ان کان سواءِ سندس ڪيترا مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾: (1) ’سُر سارنگ‘ (مقالو)، (2) ’پڻي لوڪ‘ (مقالو/ ليڪچر: 1996ع)، (3) ’دادو ضلعو- جاگرافيءَ ۽ تاريخ جي آئيني ۾‘، (4) ’کيرٿر جبل‘، (5) ’گورک چوٽي‘ (مقالو/ ليڪچر: 1997ع)، (6) ڪتاب ‘Lake Manchar’ (1997ع) ۽ (7) ’نيڻين ننڊ اکوڙ‘ (شاهه لطيف بابت مضمونن جو ڪتاب: 2001ع) قابلِ ذڪر آهن. تاج صحرائيءَ پاڪستان سرڪار طرفان ’تمغهءِ حسن ڪارڪردگي‘ ۽ ٻيا اعزاز به مليا. تاج صحرائيءَ جي رهائش دادو شهر جي جڳت آباد پاڙي ۾ هئي. هن 28 آڪٽوبر 2002ع تي پنهنجي گهر ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه دادو شهر ۾ ئي آهي. عبرت جي ادبي صفحي تان ورتل تاج صحرائي جا ريسرچ آرٽيڪل ۽ ٻيو ڪم پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪيو
تاج صحرائي: سنڌ جي برک اديب ، شاعر ، قديم آثارن جو عالم ۽ محقق ، -تاج- صحرائيءَ جو اصل نالو -تاج- محمد ولد نورمحمد ميمڻ هو . هن 11 سيپٽمبر 1921ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو . پرائمري ۽ سيڪنڊري -تعليم- لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي مختلف اسڪولن مان حاصل ڪيائين . -ان- وچ ۾ ٻه ٽي ڀيرا هندستان به گهمي آيو . هن مئٽرڪ 1942ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان پاس ڪئي . -ان- کانپوءِ وڌيڪ -تعليم- حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيو . بي . اي ۽ بي . ٽي جا امتحان پاس ڪيائين . تاج صحرائي ، ننڍي هوندي کان وٺي ذهين ۽ ڪتابن ڏانهن خاص لاڙو رکندڙ هو . 1945ع ۾ والد جي وفات کانپوءِ عملي زندگيءَ ۾ هڪ -استاد- طور پير پاتائين . 1948ع کان دادوءَ ۾ -استاد- ٿي آيو . تاج صحرائي 1952ع ۾ دادوءَ ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول قائم ڪري ، -ان- جو باني هيڊماستر بڻيو . هن 1968ع ۾ علامه آءِ . آءِ . قاضي پبلڪ لائبرري دادو شهر ۾ قائم ڪئي . -تاج- صاحب 1981ع ۾ رٽائر ڪيو . -ان- وچ ۾ مارچ 1971ع کان جون 1972ع تائين سنڌ ميوزم حيدرآباد جو پهريون اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو . مارچ 1975ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيل ” سنڌ صدين کان “ سيمينار ۾ سرگرم حصو ورتائين . 1977ع ۾ ٽرپوليءَ ۾ دنيا جي اُستادن جي ميڙ ۾ -پاڪستان- سرڪار جي واحد نمائندي طور شريڪ ٿيو . هن جي ڪوششن سان ئي سنڌ جي مختلف ضلعن اندر ” هسٽاريڪل سوسائٽيون “ ٺهيون . 1981ع ۾ ” رني ڪوٽ “ سيمينار جو آرگنائيزر مقرر ٿي رني ڪوٽ تي هڪ زبردست سيمينار ڪرايائين . 1964ع کان وٺي زندگيءَ جي آخري پساهن تائين قلندر لعل شهباز ميلي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو . زندگيءَ جي آخري سال کيس ” شهباز اوارڊ “ پڻ مليو . تاج صحرائي هڪ عالم ، آرڪيالاجي ۽ انٿراپالاجيءَ جي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ قومي درد رکندڙ -انسان- هو . هن 1940ع کان سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو . 1942ع ۾ -بنگال- ۾ ڏڪار واري وقت ۾ شاگردن جو جٿو وٺي اتي وڃي ڏڪار جي سٽيلن جي مالي ۽ عملي مدد ڪيائين . هن آزاديءَ واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ 10آگسٽ کان 26 ڊسمبر 1947ع تائين برصغير جي -آزادي- ۽ -پاڪستان- جي قيام واري ڏينهن دهلي جيل ۾ نظربند رهيو . سنڌ ۾ کاٻي ڌر جو سڄاڻ ليکڪ ۽ ڪارڪن سمجهيو ويندو هو . تاج صحرائي سنڌ جي قديم -تهذيب- تي ” سنڌو -تهذيب- “ نالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب ( 1989ع ) لکيو . -ان- کان سواءِ سندس ڪيترا مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آهن ، جن ۾: ( 1 ) ” سُر سارنگ “ ( مقالو ) ، ( 2 ) ” پڻي لوڪ “ ( مقالو/ ليڪچر: 1996ع ) ، ( 3 ) ” دادو ضلعو- جاگرافيءَ ۽ -تاريخ- جي آئيني ۾ “ ، ( 4 ) ” کيرٿر -جبل- “ ، ( 5 ) ” گورک چوٽي “ ( مقالو/ ليڪچر: 1997ع ) ، ( 6 ) ڪتاب “ Lake Manchar ” ( 1997ع ) ۽ ( 7 ) ” نيڻين ننڊ اکوڙ “ ( شاهه لطيف بابت مضمونن جو ڪتاب: 2001ع ) قابلِ ذڪر آهن . کيس -پاڪستان- سرڪار طرفان ” تمغهءِ حسن ڪارڪردگي “ ۽ ٻيا اعزاز به مليا . -تاج- صحرائيءَ جي رهائش دادو شهر جي جڳت -آباد- پاڙي ۾ هئي . هن 28 -آڪٽوبر- 2002ع تي وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه دادو شهر ۾ آهي . حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
قاضي منظر حيات لکي ٿو: سنڌ سونهاري سخنور سچارن جي سرزمين آهي،جنهن پنهنجي سيني تي سدائين صلاحيتن وارن سپوتن کي تاتي وڏو ڪيو آهي، جن پنهنجي محنت ۽ محبت سان سندس سينڌ سنواري آهي اهڙن انيڪـ انسانن ۾ سنڌو ماٿريءَ ۽ سنڌو تهذيب تي تحقيق ڪندڙ، عالم ، اديب ، استاد سائين تاج محمد ”صحرائي“ ولد نور محمد به هڪـ عملي انسان آهي ، جنهن ساري ڄمار پيار جي پورهئي ۽ مسلمل محنت سان عِلمي ادبي، سماجي حلقن ۾ پاڻ موکيو ۽ ملهايو. سندس جنم شڪارپور شهر ۾ سيپٽمبر 11، 1921ع ۾ٿيو پر دادو۽ جي جادوءَ ۾ اهڙو اٽڪيو جو سدائين لاءِ هتان جو ٿي رهيو. بـي ـ اي ، بي ايڊ جي تعليم حاصل ڪري سيوهڻ ۾ 1965ع ڌاران استاد بڻيو. خاڪسار تحريڪـ سان وابستگي ۽ سرگرميءَ سبب 1967ع واري آزاديءَ جي جنگ ۾ هو ڪجهه وقت دهليءَ جي جيل ۾ به واڙيو ويو.1968 ۾ سيوهڻ ڇڏي دادوءَ ۾ آيو، اتي استاديءَ جا فرائض بجا آندا. اتي طالب الموليٰ اسڪول ۽ علامه آءِ آءِ قاضي لائبري به قائم ڪيائين. اتان هفتيوار ”آواز“ ڪڍي صحافتي سرگرمين ۾ شامل ٿيو. 1981ع ۾ رٽائر ڪيائين .انهيءَ وچ ۾ ڪجهه عرصو سنڌ ميوزيم حيدرآباد سان به سلهاڙيل رهيو ، جتي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان انتهائي اهم خدمتو سر انجام ڏنائين. 1972ع ۾ ٿيل جڳ مشهور ’سنڌ صدين کان‘ سيمينار ۾ ’سنڌ جي دولت‘واري نمائش ۾ بهترين خدمتون بجا آندائين. انهيءَ کان سواءِ رني ڪوٽ سيمينار ۾ وڏو ڪم ڪيو. لال شهباز قلندر جي ادبي ڪانفرنس جو ڪيترائي سال ڪنوينر رهندو آيو. سنڌ جي تاريخ ،تهذيب ۽ تحقيق ۾ سندس خدمتون وساري نٿيون سگھجن تاج صحرائيءَ کي سنڌ جي ڀتر ، ڀينڊ، چشمن،نديءَ، گاهن ، پوکن، مندن موسمن، جانورن، پکين ، صحرا، سمنڊ، ڳوٺن ، واهڻن ، وسندين سان بيپناهه لڳاءُ رهيو ، هن ڪنڊ ڪڙڇ گھمي ، نه رڳو گھمي پر اتان جي اوائلي احوالن ، تاريخي اهڃاڻن کي قلمبند ڪري، سهيڙي، ڇپائي عوام آڏو آندو. سال 2002 ع جي 28 آڪٽوبر تي اسان کان ظاهري طور موڪلائي ويو. هن جون خدمتون وساري نٿيون سگھجن، هو تاريخي واقعن جون ڪڙيون ملائيندڙ ۽ ماضي ڀٽن ۾ دفن انيڪـ ڪهاڻين کي لوڪ آندو ظاهر ڪندڙ محبتي ۽ محنتي انسان هيو پر سندس ديومالائي ۽ جاکوڙي ڪردارُ الائجي ڇو اسان جي اهم ادارن ۽ تاريخي سوسائٽين کان به ڄڻ وسريل آهي، شايد وقت تيزيءَ سان گذري ٿو ، مصروفتن ڪري اسان ٿورو پٺتي پنهنجي باعمل انسانن جي جيون مان سبق حاصل ڪرڻ بجاءِ کين وساري ويهون ٿا.
تاج صحرائي جي زندگي ليکڪ: پروفيسر اسماعيل ڪنڀر منهنجي سانڀر ۾ توڙي جو آئون سنڌو درياءَ جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي، ٻيلن، ڪيٽين، جبلن، ڪاڇي، ڪوهستان، سنڌ جي وسيع ساحل وارن علائقن کان ٿر ۽ اڇڙي ٿر تائين پنهنجي تحقيق جي سلسلي ۾ گھمندو رهيو آهيان، پر آئون ڪڏهن به پهاڙن جي گود ۾ موجود غارن ۾ نه گھڙيو آهيان. سبب اهو به ٿي سگھي ٿو ته مون کي ڪنهن اهڙي ڪم سان شايد ڪا دلچسپي نه رهي هجي ۽ نه ئي ڪنهن اداري مون کي اهڙو ڪم ڏنو هجي جو آئون انهن غارن، اتي ڪنهن يوگي جي آمد جا آثار يا اڃا به اڳتي ڏسجي ته اتي جيڪي ماڻهو گھڻو اڳي رهيا هجن ۽ انهن ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪو شعر تراشيو هجي ۽ پوءِ ڏسجي ها ته اتي ڪير رهندا هئا ۽ انهن غارن جي ڪهڙي اهميت هئي. پر مون کي اها ڳالهه گھڻو پوءِ سمجھه ۾ آئي ته سنڌ جي نامور محقق، تعليمدان، اديب، شاعر، علم دوست، تاريخدان ۽ سنڌ جي جاکوڙي ڪردار تاج صحرائي کي اهو خيال ڪيئن آيو، جو هن انهن غارن جي علمن کي گڏ ڪيو ۽ پنهنجي دل انهن غارن، قديم ڪوٽن ۽ قلعن گھمڻ سان لڳائي ڇڏي. تاج صحرائي جو اصل نالو تاج محمد ميمڻ هو، جنهن صحرائن ۾ گھمڻ واري شوق جي ڪري پنهنجو نالو ئي صحرائي رکي ڇڏيو. تاج صحرائي سنڌ جو اهڙو ئي سدا زندهه ڪردار آھي، جنهن پنھنجي زندگي جون سڀ بھارون انهن غارن کي سمجھڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون. سنڌ جي ان نسل کي ڪنهن اتساهه جي ضرورت آهي ۽ کين ٻڌائڻ جي ضررت آهي ته جيڪي جاکوڙي ماڻهو اونداهين غارن ۾ وڃي جاکوڙ ڪندا هئا، انهن جا پيرا کڻجن ۽ انهن جي ڇڏيل ڪم کي پورو ڪرڻ کپي. ضروري آهي ته سنڌ جي نوجوان نسل کي ان ڪردار جي باري ۾ معلومات فراھم ڪجي. تاج محمد ميمڻ 11 سيپٽمبر 1921ع تي سنڌ جي ساھتي پرڳڻي جي شاھوڪار شھر شڪارپور ۾ ميان نور محمد ميمڻ جي گھر ۾ جنم ورتو، هن پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي مختلف اسڪولن مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ 1942ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول شڪارپور مان پاس ڪئي. ان کانپوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيو، بي اي ۽ بي ٽي جا امتحان پاس ڪيا. تاج صحرائي ننڍي ھوندي کان وٺي ذھين ۽ ڪتابن ڏانھن خاص لاڙو رکندڙ ھو. 1945ع ۾ والد جي وفات کانپوءِ عملي زندگي ۾ ھڪ استاد طور پير پاتائين. 1948 کان دادو ۾ استاد ٿي آيو ۽ پاڪستان جي ورھاڱي کانپوءِ اچي دادو شھر ۾ رھائش اختيار ڪئي. سندس علم سان عشق جي حد اھا ھئي، جو 1952ع جو زمانو ھو جڏھن پاڻ دادو شھر ۾ ھڪ تعليمي ادارو کولڻ ۽ ھلائڻ جو نيڪ ارادو ڪيو. شروع ۾ ھڪ مڊل اسڪول دادو ۾ کولي تعليم ڏيڻ جو آغاز ڪيائين، ان نيڪ ڪوشش ۾ ان وقت جا علمي ادبي ساٿي علي احمد قريشي وڪيل، آخوند شفيع محمد، شفيع محمد سولنگي وغيره جن جي سھڪار ۽ صلاح مشوري سان لڏپلاڻ سبب دادو ۾ خالي ٿيل ھندن جي عمارت ڌرم شالا ۾ اسڪول شروع ڪيائين. تعليمي حوالي سان دادو ۾ مثالي ڪردار ادا ڪري دادو ۾ طالب الموليٰ اسڪول قائم ڪيو، جيڪو اڄ به قائم آھي. استادن کي پگھارون به پنھنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڏيندا ھئا. تاج استاد ھوندي به جاکوڙي آرڪيالاجيسٽ پڻ ھو ۽ سير سياحت، علم و ادب ۽ شاعري سان دلي لڳاءُ ھو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ وڃي سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن، قبرستانن، دڙن، سنڌ جا جبل-ڍونڍون ڍورا، بزرگن جون درگاھون ڪوٽ ۽ قلعا ڏسڻ سندس زندگي جو حصو ھوندا ھئا ۽ انھن مڪانن تي ڪتاب پڻ لکيا. سندس لکيل ڪتابن ۾ کير ٿر جبل، نئين گاج، منڇر، ڪاڇو، رني ڪوٽ ۽ موھن دڙي جو قديم آثار سان گڏ لائوت لامڪان قابل ذڪر آھن. جڏھن ته انھن پراڻن تاريخي آثارن مان لڌل قديم ٺڪر ۽ پٿر گڏ ڪري دادو جي طالب الموليٰ ھاءِ اسڪول ۾ ھڪڙو ننڍڙو ميوزيم پڻ قائم ڪيو، جيڪو اڄ به قائم آھي. 1942ع ۾ جڏھن بنگال ۾ ڏڪار آيو ته تاج صحرائي ان وقت شاگردن جو جٿو وٺي اتي وڃي ڏڪار جي سٽيلن جي مالي ۽ عملي مدد ڪئي. ھن آزادي واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ 10 آگسٽ کان 26 ڊسمبر 1947ع تائين برصغير جي آزادي ۽ پاڪستان جي قيام واري ڏينھن دھلي جيل ۾ نظر بند رھيو. تاج صحرائي کي سندس خدمتن جي مڃتا طور پاڪستان سرڪار طرفان تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ ٻيا ڪيترائي اعزاز به مليا. سنڌ جو ھڪ کاھوڙي ڪردار 28 آڪٽوبر 2002ع ۾ اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو. حڪومت سنڌ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ کي گھرجي ته تاج جي زندگي ۽ ان جي ادبي خدمتن مڃتا طور سندس زندگي بابت مواد درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ نسل ان جاکوڙي ڪردار کان واقف ٿي سگھي.
’تاج‘ صحرائي * سفر پنهنجو اڻانگو آ، پهاڙن تان، بيابان مان، نشانِ راهِ منزل کان نه واقف ڪاروان پنهنجو. تلاشِ يار ۾ ڳولي لڌم غم کي فقط ساٿي، ڪڏهن مان ميزبان غم جو ڪڏهن غم ميزبان پنهنجو. ميان ناصح! حسينن جي جفائن ۾ مزو آهي، ڪريان نيڪي بدي حاصل، اَٿئي سودو گران پنهنجو. حريمِ ناز ۾ منهنجي نمازِ عشق آ، ساقي، جبينِ شوق سان بيغرض سجدو آ گران پنهنجو. شهيدِ ناز جي تربت مٿان هر هر نه آ، همدم، عدو حاسد فلڪ آهي، ۽ دشمن آ جهان پنهنجو. حياتيءَ جو مزو آهي، جڏهن ڪا ڪشمڪش آهي، هزارين وار بجليءَ جا، اڪيلو آشيان پنهنجو. جنونِ زندگاني کان ملي ڇو ’تاج‘ کي رخصت، اڃا ڪي منزلون شايد ڏسي هي ڪاروان پنهنجو.