دوستو سلام
محترم مختيار ملڪ ريڊيو جي حوالي سان گهڻي سڃاڻپ رکندو آهي پر ان سان گڏ سندس ڪيل خوبصورت شاعري به ايترو ئي مقبول اٿس۔ سندس هڪ غزل جيڪو برڪت علي جي آواز ۾ ريڊيو خيرپور تان نشر ٿيو هو، اهو ساڳيو غزل اوهان سان ونڊ ڪجي ٿو۔

زندگيءَ ۾ خوش گذارجي،
درد دل اندر نه ڌارجي،
ڪيتريون به اذيتون ملن،
هانءُ پر ڪڏهن نه هارجي،
پاڻ ۾ وري ملي پئون،
رنجشن کي ڪجھ وسارجي،
جنهن بنا جيئڻ هيو ڏکيو،
تنهن سِوا ڪيئن ٿو گھارجي،
دل چيو ته زهر پي ڇڏيان،
چاهتن تان جيءُ وارجي.