ساٿيو اوهان مان ڪو اهو ٻُڌائي سگهي ٿو ته فيس بوڪ تي هي ٻه مسئلا ڪيئن حل ڪجن؟ 1۔ ڪنهن مخصوص ماڻهو (چاهي اُهو فرينڊ لسٽ ۾ هُجي يا نه) کي روڪجي ته اُهو اسان کي تصوير ٽيگ نه ڪري! 2۔ جيڪڏنهن اسان ڪمينٽس ۾ فيس بوڪ جي ڪنهن لنڪ (موضوع) کي ڏيون ته انهي جو پري ويو صحيح اچي۔ يا گهٽ ۾ گهٽ ننڍو اچي ايئن نه جيئن هتي آهي۔
جواب: فيس متعلق ٻه سوال! فيس بوڪ ڄاڻي واڻي اهڙا آپشن رکيا آهن ته جيئن توهان دوستن سان هر طرح سان ڳنڍيل رهو ۽ هن ڀريل دنيا ۾ توهان اڪيلا نه رهجي وڃو۔۔ ان باوجود به ڪافي دوست اهڙن معاملن کي مسئلو سمجهندا آهن۔۔۔ افسوس جو فيس بوڪ اهڙن عملن کي روڪڻ جو سلسلو پيچده رکيو آهي ۔۔ جيئن ته مون وٽ بجلي وڃڻ واري آهي ان ڪري توهان کي تڪڙ ۾ صرف اهو سمجهائيندس ته پنهنجي دوستن جون مختلف لسٽون بڻايو۔۔ جنهن کان پوءِ جنهن کي چاهيو پنهنجي پروفائيل جون ٽيگ ٿيل تصويرون ڏيکاريون جنهن کي چاهيو نه ڏيکاريو۔۔ يا وري مورڳو فوٽو وڊيو ٽيگنگ جو آپشن ئي غير فعال ڪري ڇڏيو۔۔۔ طريقي ڪار هنن تصويرن کي ڏسي ڪري حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ باقي جيتري قدر سنڌ سلامت جو لنڪ وڏو هجڻ جو تعلق آهي ته آئنده توهان موضوع نمبر تائين يو آر ايل ڪاپي ڪري ڪنهن به جاءِ تي موڪلي سگهو ٿا۔۔۔ جهڙوڪ توهان جو مٿيون لنڪ ڪجهه هن طرح آهي۔۔ http://sindhsalamat.com/showthread....ذافي-بابت-سندن-مخصوص-انداز-۾-لکيل-بهترين-ڪالم! جنهن کي توهان صرف موضوع نمبر تائين جهڙوڪ هيٺين لنڪ تحت پڻ موڪلي سگهو ٿا۔۔۔ http://sindhsalamat.com/showthread.php?11352