ماکيءَ جي مَک

'مختلف موضوع' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2011۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    محترم ميمبرس اسلام عليڪم۔[justify]ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته اسان کي پنهنجي زندگي ۾ روزمره استعمال ٿيندڙ شين جي باري ۾ ڪجه معلوم نه هوندو آهي ته اهئي شيون ڪيئن ٿيون ٺاهن۽ ڪهڙن ڪهڙن مرحلن مان ٿيون گذرن ۽ انهن جي ٺهڻ ۾ ڪنهن جون ڪيتريون محنتون شامل آهن۔اسان کي انهن ڳالهن جي باري ۾ معلوم ڪرڻ گهرجي سو اسان هر شي جو قدر ڪري سگهون۔[/justify]

    ماکي [JUSTIFY]جو ذڪر قران شريف ۾ به موجود آهي ۔تمام گهڻين،ڪجه ڪتابن ۾ 99 ،بيمارن جي شفاء ماکي استعمال ڪرڻ ۾ ٻڌائي ويئي آهي۔ان جي وڌيڪ تائيد يا ترديد ادا رحيم بخش صاحب جن ڪري سگهن ٿا۔بهرحال آڄ اسان اوهان کي ماکيءَ ۽ ماکيءَ جي مَک جي باري ۾ ڪجه معلومات هن ليک جي ذريعي گوش گذار ڪنداسين ته جيئن سنڌ جي شاگردن ۽ هن محبتي اڳڻ جي شاگرد ميمبرس لاءِ واڌو اڀياس جو ذريعو بنجي سگهئي۔

    ماکيءَ جي مَکيون ماناري ۾ رهن ٿيون۔راڻي مَک،ڪارڪن مَکيون ۽ نر مَکن کان وڏي ٿئي ٿي۔ڪارڪن مَکيون تمام ڏکيو ڪم ڪن ٿيون،نر مَکا بلڪل ڪم ڪونه ڪن۔ ڪارڪن مَکيون،پنهنجي جسم مان نڪرندڙ ميڻ مان مانارو ٺاهين ٿيون۔جيڪو ننڍڙن گهرڙن تي ٻڌل هوندو آهي۔ڪارڪن ماکي جون مَکيون سڀ ماديون هونديون آهن ۽ انهن جي حياتي صرف ڪجه مهينا هوندي آهي۔ڪارڪن مکيون باغن ۾ گلن جو رس چوسينديون آهن۔گلن جو رس مَکين جي معدي ۾ داخل ٿي ماکي جو روپ ڌاري ٿو۔ماکيءَ جي مکين جو هڪ ٽولو،سال ۾ 50 ڪلوگرام ماکي پيدا ڪري سگهندو آهي۔دونهين سان مَکين کي ننڊ اچي وڃي ٿي۔انهن جي ماناري مان ماکي ڪڍي ويندي آهي ته انهن کي ڪاوِڙ ايندي آهي۔مَکيون پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ ماکي ٺاهين ٿيون۔ڪجه مَکيون پاليندڙ ماڻهو به کڻي ويندو آهي۔ننڍيون ڪارڪن مَکيون،پهرو ڏينديون آهن۔اهي مانارو ڇڏڻ ۽ ٻاهر باغ ۾ وڃڻ جي لائق نه هونديون آهن ۔محافظ مَکيون،هر انهيءَ مَک سان وڙهنديون آهن۔جيڪا سندن ماناري جي نه هوندي آهي۔اونهاري جي پڇاڙيءَ ۾ ڪارڪن مَکيون،نر مَکين کي ڀڄائي ڪڍن ٿيون۔ڪارڪن مَکين پاران کين کارائڻ کان سواءِ نر مَکا جلدي مريو وڃن۔
    اڄڪله ڪيترين ملڪن ۾ ماکيءَ جون مَکيون ماڻهن جي ٺاهيل گهرن ۾ مانارا ٺاهن ٿيون۔هڪ ماناري ۾ هڪ راڻي،هزارين ڪارڪن مَکيون ۽ سوين نر مَکا هوندا آهن۔راڻي مَک جي عمر چئن کان پنجن سالن تائين هوندي آهي۔نر مَکا ڏنگ هڻي نٿا سگهن ۽ انهن جي نلڪي بنھ ننڍڙي هوندي آهي تنهنڪري اُهي گلن جي رس نٿا چوسي سگهن۔راڻي مَک،هڪ ڏينهن ۾ ڪيئي هزار بيضا لاهي ٿي،هوءَ،اهي بيضا ماناري جي گهرڙن ۾ رکندي آهي۔ٽن ڏينهن کان پوءِ،انهن مان اڇا لاروا نڪري پوندا آهن۔لارون کي ڪارڪن مَکيون خوراڪ پهچائين ٿيون ۽ پنجن ڏينهن تائين انهن جي نظرداري ڪن ٿيون۔هر روز اهي لاروا وڏا ٿيندا رهن ٿا۔پوءِ اهي بدلجي پيوپا ٿين ٿا۔اهو پيوپو يا بالغ لاروو،تيرهين ڏينهن کان پوءِ ماکيءَ جي مَک ۾ بدلجي ويندو آهي۔ننڍيون مَکيون ڪيترن هفتن تائين ماناري ۾ ڪم ڪن ٿيون۔ان کان پوءِ هو رس گڏ ڪرڻ لاءِ ٻاهر وڃن ٿيون۔ڪارڪن مَکيون،نئين راڻي ڪرڻ لاءِ کيس شاهي جيلي کارائينديون آهن۔اهو هڪ خاص کاڌو آهي جيڪو ڪنهن به لاروي کي راڻي مَک بڻائي سگهي ٿو۔پوڙهي راڻي۔پهنجي ڪارڪنن سان گڏ هڪ ميڙ جي صورت ۾اڏامي ويندا آهي۔(پر ڪڏهن ڪڏهن نئين راڻي به اڏامي ويندي آهي)[/JUSTIFY]


    [justify]اميد ته هن ليک مان توهان سڀني ميمبرن کي ماکي ۽ ماکي جي مَک جي باري ۾ سٺي ۽ مفيد ڄاڻ حاصل ٿيندي۔هميشه خوش رهو۔[/justify]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ماکيءَ جي مَک

    سائين بهترين ۽ معلوماتي ليک

    راڻي مک ماکي جي سڀني مکين جي رهنما يا ليڊر طور ڪم ڪندي آهي ۽ وڏي ڳالهه ته هن جو حڪم سڀ مکيون مڃينديون آهن۔

    ماکي قدرتي نعمتن مان هڪ بهترين نعمت آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو