رن ڪمانڊ جي ذريعي cmd لکي ڊاس ۾ وڃو. اُتي ٽائپ ڪريو. net user توهان جي سامهون جيڪي اڪائونٽ هوندا اهي ظاهر ٿيندا. مون وٽ ونڊو ڪرسٽل انسٽال ٿيل آهي. هاڻ توهان ان يوذر جو ڪمانڊ کان پوءِ ٽائپ ڪري اسپيس ڏيئي جيڪو به لکندا پاسورڊ جي لحاظ کان اهو سيو ٿي ويندو. مثال؛ net user riaz SindhSalamat هن ۾ نيٽ يوزر ڊاس ڪمانڊ آهي ۽ منهنجو اڪائونٽ رياض جي نالي سان آهي انجو پاسورڊ سنڌسلامت سيٽ ٿي ويندو. اهڙي ريت توهان ڪنهن جو به اڪائونٽ هجي پاسورڊ چينج بي ڪري سگهو ٿا. بس توهان کي ”نيٽ يوزر“ ڪمانڊ کان پوءِ ان اڪائونٽ جو نالو ۽ بعد ۾ پاسورڊ لکي انٽر ڪريو. مزي جي ڳالهه هي آهي ته هن ڪمانڊ ذريعي توهان ايڊمنسٽريٽر اڪائونٽ جو پاسورڊ بي چينج ڪري سگهوٿا. هاڻ توهان جي واري آهي آزمائيو ۽ پوءِ مونکي ٻڌائجو ته توهان کي ڪنئين لڳي اها ٽپ.
جواب: ڪمپيوٽر لاگن پاسورڊ هيڪنگ ادا ٽپ ته اصل واه جي آهي پر اهو صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن اسان ڪمپيوٽر ۾ لاگ ان هجئون پو۽ رن ڪمانڊ جي ذريعي پاس ورڊ تبديل ڪريون پر ادا مسئلو اهو آهي ته اسان ڪمپيوٽر ۾ لاگ ان ئي نه ٿيا هجون ۽ ڪمپيوٽر اسان کان پاس ورڊ گهري رهيو هجي ۽ اسان ڪا اهڙي ڪمانڊ استعمال ڪريون ته جيئن اسان ان اسٽارٽنگ واري پاس ورڊ کي ٽوڙي سگهون اهڙي ڪا ڪمانڊ هجي ته سنگت سان شئير ڪجو سدائين گڏ
جواب: ڪمپيوٽر لاگن پاسورڊ هيڪنگ اها هڪ تمام بهترين ٽپ آهي، پر ادا ان کي توهان اسڪرين شاٽس سان شيئر ڪري سگهو ته دوستن لاءِ بهتر رهندو۔۔۔۔ ادا ڦلپوٽو فقير صاحب اهڙي ڪا ٽپ منهنجي نظر ۾ نه آهي، نه وري مان ان تي ڪا ڳولها ڪئي آهي، باقي ائين ٿي ٿو سگهي، ڪجهه دوست ونڊوز جي انسٽاليشن وقت Administrator جو پاسورڊ نه آهن لڳائيندا، توهان کي يوزر جو پاسورڊ خبر نه آهي ته توهان پاسورڊ اسڪرين تي Ctrl + Alt + Del پريس ڪريو، پريس ڪرڻ کان پوءِ توهان وٽ هڪ ونڊو سامهون ايندي جنهن ۾ توهان کان User Name ۽ Password ورتو ويندو، Username جي خاني ۾ Administrator لکي ۽ Enter جو بٽن پريس ڪريو، جيڪڏهن ونڊوز جي انسٽاليشن وقت Administrator جو پاسورڊ نه ڏنل هوندو ته توهان ان ڪمپيوٽر ۾ لاگ ان ٿي ويندا۔۔۔۔۔
جواب: ڪمپيوٽر لاگن پاسورڊ هيڪنگ ادا رياض صاحب جيڪا ڪمانڊ ٻڌائي آهي اها صرف Administrator ۾ ڪم ڪندي آهي۔ ادا فليوٽو فقير جي ڳالھ مطابق مارڪيٽ ۾ هڪ cd ملندي آهي جنهن جو نالو آهي Windows XP Password Recovery ان cd جي ڊريعي توهان ڪنهن به يوزر جو پاسورڊ Reset ڪري سگهو ٿا۔ ڪمپيوٽر کي پهرين cd تان boot ڪرائبو آهي ۽ پوئي ڏنل هدايتن تي عمل ڪري توهان پاسورڊ کي Reset مطلب تبديل يا ختم ڪري سگهو ٿا۔ جيڪڏهن توهان کي مارڪيٽ ۾ اها cd نه ملي ته انٽرنيٽ تان ڊائونڊلواڊ ڪري cd ٺاهي وٺو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت