هي ناول ”لڱ منهنجا لوهه“ ايران جي جدوجهد ۽ انقلاب ايران تي ٺهيل آهي۔ هي ناول اشرف دهقاني جو لکيل آهي جڏهن ته هن ناول جو سنڌي ترجمو محبوب علي راهوجو صاحب جن ڪيو آهي۔
ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران ڊجيٽل بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي آندو ويو آهي۔
ڪجهه ڪتاب بابت:
ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران ڊجيٽل بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي آندو ويو آهي۔
ڪجهه ڪتاب بابت:
ايران جي تاجدار بادشاھه سمجھيو ھو ته عوام ته اٻوجھ آھي، انھن کي پنھنجن حقن جو ڪھڙو شعور؟ پر جي ڪڏھن عوام پنھنجا حق گھريا به، ته وفادار فوج کين نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندي! ۽ انھيءَ سوچ جي مدنظر ھن فوج کي ھر لحاظ کان مضبوط ڪيو ۽ عوام کان ڏور ٿيندو ويو. ظلم جي رات ھميشہ نه رھندي آھي، جيڪي اِئين سمجھن ٿا سي ڀُليل آھن. شعور جو سج نيٺ اڀرڻو آھي. انسان آزاد پيدا ٿيو آھي، کيس ھر صورت ۾ آزادي نصيب ٿيڻي آھي. ڏاڍ ۽ قھر جا ڪوٽ نيٺ ڊھڻا آھن. انصاف ۽ آزادي ھر انسان جو حق ۽ مقدر آھي! ايران جو عوام به نيٺ سجاڳ ٿيو ۽ جڏھن عوامي فوج، آزاديءَ جي متوالن جي فوج ميدان ۾ اچي ويئي، تڏھن شاھه جي جديد ترين ھٿيارن سان مسلح فوج به سندن راھه نه روڪي سگھي ۽ ايران ۾ عوامي عوام جو اقتدار قائم ٿي ويو. پاڻ کي ذري گھٽ خدا سمجھڻ وارو شاھه جان بچائڻ لاءِ دنيا ۾ ھنڌ ھنڌ پناھه جو طالب ٿي ڦرندو رھيو، پر نه کيس ڪٿي پناھه ملي سگھي، نه ذھني سڪون! نيٺ پرڏيھ ۾ گذاري ويو- ۽ دنيا جي امير ترين شخص کي سندس وطن ۾ قبر به نصيب نه ٿي.
عوام جي انھيءَ جنگ جو نالو آھي ’لِڱ منھنجا لوھه‘ شاھه جي فوجن، آزاديءَ جي متوالن تي ڪھڙا ڪھڙا ظلم ڪيا، ۽ ھو پنھنجي مقصد تي قائم رھي، منزل تائين ڪيئن پھتا، اھوئي سڀ ڪجھ ھن ڪتاب ۾ بيان ڪيل آھي.