غلام رباني آگري جي ياد ۾
سنڌي ادب کي ”آبِ حيات“ پياريندڙ قلمڪار
نصير مرزا
رباني صاحب جهڙي اعليٰ دماغ ۽ زبردست نثر نگار سان اِهو منهنجو پهريون مڪالمو هو. سڄاڻ ته وضعداري سندن ذات جو ڪو نمايان گڻ هئي، مهراڻ شايع ٿيو، ته ٻڌايل ايڊريس تي موڪلي ڏٺائون. بعد ۾ نهايت جلد ساڻن روبرو گڏجڻ جو اتفاق، نفيس احمد شيخ ناشاد ۽ برادر الطاف آگري جي سهڪار سان ٿيو، تيستائين شيدو ڌاڙيل، بري هن ڀنڀور ۾، ۽ آب حيات جهڙن هن جي لکيل افسانن مون کي چريو ڪريو ڇڏيو هو. اهڙي حالت ۾ پوءِ ريڊيو پروڊيوسر ٿيس ته پروڊيوسر جي حيثيت ۾، ريڊيائي انٽرويو ڪرڻ جي لاءِ، سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس وڃي پهتس. اڙي هان!؟ اعليٰ قلمڪار هجڻ سان گڏوگڏ ان ڏينهن اِهو به ڄاتم ته رباني سٺي گفتگو ڪرڻ جو به ماهر نظر آيم.
هڪڙو قصو پوءِ ٻيو قصو، پوءِ ان قصي مان قصو ۽ هيڏانهن هڪ ٻي پويان، ٽَيپيون هيون جي ڀرجنديون پئي ويون. ساڻس ان ڏينهن گفتگو ڪري گلاب جي گل وانگر ٽڙي پيس ته بس اِن ئي ڏينهن رباني صاحب پنهنجي مٺڙي گفتار سان ڄڻ دل جي تخت تي، محبوب ٿي براجمان ٿي ويهي رهيو، نوي واري ڏهاڪي ۾ سندس لاثاني ۽ لافاني ڪتاب: ”جهڙا گل گلاب جا“ شايع ٿيو ته چوڌاري اُن جي خوشبوءَ جا هُل هُلي ويا. چيو ويندو هو ته ”راشدي برادران“ جي ”نثر“ تي...سنڌيءَ ۾ ثقافتي ۽ چاشني دار نثر جي ڪهاڻي پوري ٿي، پر نه! سندن اهڙي نثر سان ته دراصل ڪهاڻيءَ جي شروعات ٿي هئي، ڪهاڻي ختم ته جهڙوڪر، هاڻي رباني صاحب جي وصال بعد پيو ڀانئيان! سندس ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جي نثر جي گونج اڃان ادب آسمان تي ٻري پئي جو سندن ٻيو شاهڪار شايع ٿيو،” سنڌ جا بر بحر ۽ پهاڙ“. گذريل ڪتاب وانگر سندن هي ڪتاب به سنڌ جي عظيم مشاهيرن پير سائين پاڳاري (اول) ۽ قلندر لعل شهباز جي تذڪري تي مبني هو.
انهن ٻنهي ڪتابن جا کيپ اڃان مسلسل هئا، جو اهڙي ئي طرز جو، نئون ڪتاب ماڻهو شهر ڀنڀور جا... جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائون. ان سموري عرصي دوران، رباني صاحب اعليٰ کان اعليٰ عهدن تي پڻ فائز رهيا. پهرين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، پوءِ اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل، پوءِ چيئرمين، پوءِ ادبي بورڊ جو چيئرمين، سنڌ يونيورستيءَ جو پرو وائيس چانسلر، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر، حيدرآباد واري محتسب اعليٰ واري برانچ جو نگران.. پر سچ پڇو ته رباني صاحب جي عهدن جي اهميت پنهنجي جاءِ تي...ڇوته اهڙن عهدن جي صاحبن سان سنڌ اڄ ڀري پئي آهي ۽ رڳو خالي ٿي چڪي آهي ته صرف رباني صاحب جهڙن نثر نگارن کان، سندن طبيعت ۾، مزاح بي پناهه هوندو هو.
ريڊيو حيدرآباد تي مون وٽ ڪڏهن ڪڏهن مهرباني ڪري ايندا هئا، ته اُٿندي ئي کِلندي چوندا هئم: ادا! تنهنجي ريڊيو ۾ هاڻي رهيو ئي ڇا آهي؟ جنهن وقت ريڊيو کول، اهو ئي ڳٺل پٺل رڪارڊ ٿو ٻڌڻ لاءِ ملي: ”ادا ڙي عَمر! کڻي ويا کوهه تان“ خير ڳالهه کي کٽائيندي، هتي عرض ڪريان ته رباني صاحب جي پهرئين ادبي شاهڪار جو نالو هو: ”آب حيات“ ان ڪهاڻي ڪتاب کان پوءِ مشاهيرن جي تذڪري تي ٻڌل سندن اهي ٻه ڪتاب شايع ٿيا، جن جو مون شروع ۾ تذڪرو ڪيو. جنوري 2010ع ۾ وصال بعد، تازو ڀيڻ سسئي پليجو صاحبه، سنڌ ثقافت کاتي پاران سندن بهترين ڪتاب شايع ڪرايو آهي: ”سنڌي ڪلچر“ (جنهن جو اڄ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ مهورت رٿيل آهي) ۽ ڄاڻو ڄاڻين ٿا ته، تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب جي ندرت هميشه کان رباني صاحب جي، نثر جو خاصو رهي آهي.
ادبي مورخ سندن هر تحرير بابت ائين به چوندا رهيا آهن ته، هو پنهنجي نثر ۾، رڳو لفظ ئي ڪٿي؟ ڄڻ موتي پروئيندو ويندو هو ۽ جيئن مون مٿي بيان ڪيو ته، ”آب حيات“ رباني صاحب جي پهرئين شاهڪار جو نالو آهي، ۽ سندن آخري ڪتاب آهي: ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“... ۽ جنهن وقت تازو ان ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ ويٺس، ته ڀانئيم پنهنجي هن پوئين پستڪ سان، پاڻ نه فقط پنهنجي نالي...پر گڏوگڏ سنڌي ادب کي به، ڄڻ هميشه هميشه جي لاءِ ”آب حيات“ پياري ويا آهن.

روزانه ڪاوش تان ورتل
غلام رباني آگري صاحب جي شخصيت تي لکيل انگريزي ڪالم