محمد ملوڪ عباسي (سگهڙ)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏13 سيپٽمبر 2009۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محمد ملوڪ عباسي



    لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪري جي حدن ۾ باڊهه شهر جي اڀرندي حصي ۽ موهن جي دڙي جي اولهندي طرف هڪ ننڍي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي ۾ تاريخ 12 ڊسمبر 1944ع تي هڪ هيري محمد ملوڪ ولد محمد صالح ذات عباسي جنم ورتو. جنهن اڳتي هلي سنڌ ۾ سگهڙن جي قائد جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو. ننڍپڻ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جي اسڪول مان صرف چار درجا پڙهي اسڪول کي الهه واهي چيو. ننڍي هوندي کان پاڻ جهڙن دوستن جو ٽولو ٺاهي انهن جو لٺ سردار ٿي ننڍي پيماني تي شرارتون شروع ڪيائين. جنهن ۾ صبح جو اسڪول ويندڙ ٻارڙن کي تنگ ڪرڻ، انهن کان جيب خرچي ڦرڻ، باغن مان ڦل ٽوڙڻ ته وري رات جو ڪنهن جي ٻنيءَ مان ڪمند پٽڻ، ساريون لڻڻ ۽ باغن مان انبڙيون پٽڻ جو وارداتون شروع ڪيائين. جيئن جيئن جوان ٿيو ته ڌاڙيل جو رعب دٻدٻو ۽ سگهارو ڪردار سندس آدرش بڻجي ويا. نيٺ محمد ملوڪ به اهڙي سخت ۽ اڻاگي سفر تي هلڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح ان دور ۾ سندس نالو مشهور ٿي ۽ ناليوارن مڙس جوانن ۾ شمار ٿيڻ لڳو پر ان کان اڳ جو هو ٻيلن ۾ پوليس جي ڪنهن گولي جو کاڄ بڻجي وڃي يا پنهنجي هٿن کي ڪنهن بي گناه جي خون سان ڳاڙهو ڪري ضمير جي چهنڊڙي کيس جاڳائي وڌو ته وري واپس پنهنجي ماروئڙن ڏانهن موٽ کاڌائين. هڪ عام انسان بڻجڻ کانپوءِ آزاد فضا ۾ آرام ۽ سڪون واري ننڊ نصيب ٿيس.


    هن جو سنڌي لوڪ ادب جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ به هڪ اتفاق هو. ڪنهن ڪچي ۾ سندس عمر جا ساٿي بيت وٺي ڏئي پنهنجا جوهر ڏيکاري هيا هئا ته اوچتو ملوڪ کي به سگهڙ ٿيڻ جو شوق جاڳيو. سڄي رات هن جو من جستجو ۾ رهيو ۽ ذهن کا استعمال ڪندي لوڪ ادب جي صنف ”ڏٺ“ ۾ ڪوريئڙي جو ذڪري ڪڍيائين. جڏهن محفل ۾ پيش ڪيائين ته هر هڪ واهه واهه ڪرڻ لڳو. تنهن کانپوءِ ملوڪ جي هن شعر ۾ سڃاڻب ٿيڻ لڳي ۽ هوريان هوريان سگهڙ محمد مريد زهراڻي مرحوم، سگهڙ حاجي الهه بخش مڱڻ ۽ سگهڙ رسول بخش انڙ کان استادي گر حاصل ڪندو سندن رهنمائي ۾ اڳتي وڌنڌو رهيو. ايتريون منزلون ماڻيندو وکون وڌائيندو اڳتي وڌيو جو اڄ اٽڪل هڪ سوء کان وڌيڪ شاگردن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هند ۽ سنڌ جي سنڌي سماج ۾ جڏهن به ۽ جتي به لوڪ ادب جو ذڪر ٿيندو ته هن صاحب لوڪ ادب جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. جنهن ۾ ڏور، هنر، ڏٺ، ڳجهارت، مناجاتون، معجزا، پهاڪا، راست گوئي، ست سري، دوراهو، واقعاتي بيت، سينگار، ڏهس، مولود، مداحون، نصيحت ۽ ڪافي مکيه صنفون آهن. سند ڪلام ۾ مذهبي رنگ به آهي ته وري نصيحت ڀريل نڪتا به شامل آهن طنز و مزاح به آهي ته عشق جي آواز سميت هر رنگ ڀريل آهي.

    سگهڙ محمد ملوڪ عباسي سڄي سنڌ جو دورو ڪري تمام سگهڙن جون دعوتون ڪيون ۽ کين متحد ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. نيٺ سگهڙن لوڪ ادب ۽ پنهنجي اهميت کي محسوس ڪندي ”سنڌ سگهڙن سنگت ڀلائي تنظيم“ جو بنياد وڌو پوءِ 1973 ع ۾ ان کي رجسٽر ڪرائي فقير محمد ملوڪ کي مرڪزي صدر چونڊيو. تنهن بعد ملوڪ وڌيڪ محنت ڪندي ڳوٺ ڳوٺ دورا ڪري سگهڙن سان رهاڻيون رچايون. کين سنڌ سگهڙ سنگت جي پليٽ فارم تي منظم ۽ متحد ڪيو. انهن جي فن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ کين ادبي ڪانفرنسن، مشاعرن، ٽيلويزن ۽ ريڊيو تي وٺي وڃي متعاراف ڪرايو. سنڌ سگهڙ تاريخ لکندي هن خاص طرح لاڙڪاڻي جي سگهڙن جو خوبصورت خاڪو چٽيو آهي. سندس ڪلام ۾ جيوت جي ڀرپور جهلڪ به ڏنل اٿس ته ڌرتي وارن جي ڏکن، سکن جو ڏيک به ڏيکاريل آهي. پنهنجي ڪلام وسيلي هن اڏوهي ۾ جڪڙيل بيڪار ۽ ڪمزور سماج کي بدلائڻ جي خواهش ڏيکاري آهي. سندس ڪلام ۾ نج سنڌي ۽ ڳوٺاڻي ٻولي سمايل، سجايل ۽ جهونگاريل آهي جنهن کي پڙهڻ يا ٻڌڻ سان دماغ کي سڪون، طبيعت کي راحت نصيب ٿئي ٿي. هن سگهڙ پاڻ پنهنجي ڳوٺ ڪيتريون ئي ڪچهريون رچائي ناميارن اديبن کي گهرائي مهمانوازي جو فرض به ادا ڪيو.

    فقير محمد ملوڪ جو قلمي مواد تمام گهڻو آهي. جيڪو سنڌالاجي انسٽيٽيوٽ ۾ محفوظ ڪيل آهي. پر وس آهر پاڻ ”گلشن ڏور“ ”موتي مور ملوڪ جا“ ”منهن مٿانهان جن جا“ ”موتين مالها ملوڪ جي“ شايع ڪيا ۽ ”ماڻڪ موتي ملوڪ جا“ ڇپائي هيٺ آهي. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندي کيس ٻيڙو فقير گولڊ ميڊل، سهڻي گولڊ ميڊل، قلندر ايوارڊ شيرل باڊاهي، ڪلهوڙا عباسي ۽ ريڊيو خيرپور ايوراڊ پڻ مليا.

    سنڌي ٻوليءَ جو هي پارکو، اوطاقي ۽ محبتي ماڻهو، شاعر، سگهڙن جو سرواڻ، نيڪ دل ۽ شفيق استاد پنهنجي فن جو يڪتا انسان مسلسل ڇهه مهينا بيماري سبب لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي جي اسپتالن جي بسترن تي بهتر علاج لاءِ واجهائيندي اربع ڏينهن تاريخ 3 جون 1998ع تي 54 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

    اولاد ۾ کيس ممتاز علي عباسي، مير شبير عباسي ۽ محمد علي عباسي پٽ آهن.



    ورتل ڪتاب لاڙڪاڻو امر شخصيتون، ليکڪ عبدالستار ڀٽي۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مهرباني ادا زاهد اهڙي مهان شخصيت جو تعرف پڙهندي انتهائي خوشي ٿي ... الله کيس جنت ۾ جڳهه ڏي ۔۔۔

    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جي ها تمام مهرباني اهڙي شخصيت جو تعارف توهان ڪرايو
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    توهان جي وڏي مهرباني ادا زاهد جو توهان اسان کي هڪ عظيم هستي جو تعارف ڪرايو
    الله پاڪ کيس جنت فردوس ۾ جگهه عطا ڪري
    آمين
     
  5. فياض احمد عباسي

    فياض احمد عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مئي 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مرحوم محمححب د ملوڪ عباسي رحمت الله عليه

    ادا زاهد سومرا صاحب
    اسلام عليڪم ادا ڪهڙا حال آهن
    ادا سنڌ جي شخصيتن تي جيترو لکجي گهٽ آهي ليڪن ڪوشش
    جو سفر جاري آهي اِها به وڏي جدوجهد آهي مهرباني ادا جو مون جهڙو گهٽ ڄاڻ رکندڙ ماڻهو به اوهان جي ڪوششن مان فيضياب ٿي رهيو آهي لک قرب ادا مهرباني
     
  6. فياض احمد عباسي

    فياض احمد عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مئي 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مرحوم محمد ملوڪ عباسي رحمت الله عليه

    ادا زاهد سومرا صاحب
    اسلام عليڪم ادا ڪهڙا حال آهن
    ادا سنڌ جي شخصيتن تي جيترو لکجي گهٽ آهي ليڪن ڪوشش
    جو سفر جاري آهي اِها به وڏي جدوجهد آهي مهرباني ادا جو مون جهڙو گهٽ ڄاڻ رکندڙ ماڻهو به اوهان جي ڪوششن مان فيضياب ٿي رهيو آهي لک قرب ادا مهرباني
     
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا ذاهد توهان هميشه مفيد معلومات ڏني آهي ان کان پهريان به استاد بخاريء بابت
    معلومات ڏئي دل باغ باغ ڪري ڇڏي هئي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو