نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي
ڪڏهن ڪڏهن ڪا شاعري، من مندر ۾ گهنٽيون وڄائيندي آهي، شبنمي سوچن جيان اک ٻوٽ ۾ پريم ساگر جي ڇولين ۾ تار ترندي نظر ايندي آهي ته وري ڪڏهن اکيون کولڻ سان جولاءِ جي گرم جهلسائيندڙ اُس جيان ساڙيندڙ نظر ايندي آهي، ڪڏهن ڪارونجهر جي دلڪش نظارن ۾ ملهار جي موسم ۾ اکٻوٽ سان ڦُڙ ڦُڙ ۾ ڀِڄندي نظر ايندي آهي ته ڪڏهن اکيون کولڻ سان ساڳي ڪويتا ٿر جي واري جي ذرڙن ۾ گم ٿِي جهل مِل ٿِي ويندي آهي، اهڙي طرح اکيون بند اکيون کولڻ سان ڪڏهن ڄامشوري جو المنظر، ڪڏهن صحرا جو رڻ ، ڪڏهن ڪينجهر ڪنارو ، ڪڏهن مڪليءَ جا قبرستان ته ڪڏهن صحرا جا رڻ تخيل جي اُڏار ۾ ڀرجي ويندا آهن، سنڌ ڄائي ”سنڌي نُور“ زندگي جي فلسفي ڌُوپ ڇائون کي پنهنجي هن آزاد نظم ۾ بلڪل مالا جيان پويو آهي، پنهنجي خيالن جي وهڪري ۾ اکيون بند ڪري ٿي ته پاڻ کي پنهنجي پرين ءَ سان ڪينجهر جي ڇولين جو آنند وٺندي محسوس ڪري ٿي وري جڏهن انهي خوابن مان جاڳي ٿي ته اڪيلو ئي اڪيلو مڪلي جي قبرستانن ۾ رُلندي نظر اچي ٿي اهڙي طرح شاعره سنڌي نُور جو هي آزاد نظم خوابن ۾ وڃي وري خوابن مان جاڳڻ جي نڪور ۽ دلڪش مجاز جي دل کي وڻندڙ ڪهاڻي آهي. ۽ تين ايجز جي عمر واري ڏهاڪي ۾ چاهي ساجن هُجي چاهي سجني هُجي اهڙيون ئي ماڪ جيان ڦسڪندڙ سوچون انهن جي دل جو آواز هونديون آهن. سنڌي نور اسان جي انٽر نيٽ تي سنڌ جي انهن چند سنڌي شاعرائن منجهان هڪ آهي جيڪا شاعري جي کيتر ۾ انتهائي فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن شاعري کي پڙهي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن محترما سنڌي نُور صاحبه جو شمار نه صرف سنڌ سلامت ، فيس بُڪ پر سموري سنڌ جي انتهائي قابل شاعرائن ۾ ٿيندو. انشاالله. سڀ کان وڏي ڳالهه سنڌي شاعرائن ۾ هي واحد شاعره آهي جنهن کي سنڌي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جي به سُٺي ڄاڻ آهي.توهان سنڌي نُور صاحبه جو هي آزاد نظم پڙهي ڏسو جيڪڏهن توهان کي پنهنجي دل جو آواز نه لڳي ته مونکي چئجو. مونکي ته هي آزاد نظم انتهائي بهترين لڳو. سندس شاعري جي هي مون پهريون ڀيرو چترڪاري ڪئي آهي . توهان سان ونڊ ڪيان پيو. انهي اميد سان ته سنڌي نُور صاحبه آئنده به پنهنجا گيت غزل نظم وايون، سرجيندي ۽ سموري سنڌ واسين سان ونڊ ڪندي رهندي.
آزاد نظم
شاعره: سنڌي نور
اکيون بند ڪيان ٿِي ته ،
هُن کي پاڻ سان گڏ،
ڪينجهر جِي
ڇولين منجهه ڏسان ٿِي.... !
اکيون کوليان ٿِي ته ،
پاڻ کي مڪلِيءَ جي،
ويران قبرستانن ۾ ،
رُلندي ڏسان ٿي.......!
اکيون بند ڪيان ٿي ته ،
هُن سان گڏ ڪارونجهر تي،
مينهن جي مُندَ ۾ پُسان ٿِي ...!
اکيون کوليان ٿِي ته،
ٿَرَ جِي پِياسِي وارِيءَ ،
جي ذرڙن ۾،
پاڻ کي گُم ٿيندو ڏِسان ٿِي ...!
اکيون بند ڪيان ٿِي ته ،
هُن سان گڏ ڄامشورو ڪنڌِيءَ،
المنظر تي،
هَٿ هَٿ ۾ ڏيئِي هلان ٿِي،
اکيون کوليان ٿِي ته ،
پاڻ کي صحرائُن جي رِڻَ ۾،
اپاهج ڀٽڪندو ڏِسان ٿِي.... !
ڀٽڪندو ڏسان ٿِي.....!
ڀٽڪندو ڏسان ٿِي.....!
