نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي دوستوالسلام عليڪم عيدمُبارڪ، جيئي سنڌ نمستي
اڄ عيد ڏينهن پنهنجي انهن پيارن کي ياد ڪري اکين مان نير وهائي رهيو هُئس، جيڪي هاڻي هن دنيا ۾ ناهن رهيا، سڀ کان زياده مونکي منهنجا امي ابو تمام گهڻا ياد اچي رهيا هُئا، جڏهن به عيد جو ڏينهن ٿيندو هو ته عيد نماز پڙهڻ کانپوءِ گهر ۾ گهڙندو هُئس ته سامهون سامهون پنهنجي جيجل ماءُ تي نظر پوندي هُئِي يقين ڄاڻو ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ عيد ڏينهن جون سموريون خوشيون امي جي چهري کي ڏسي ملي پونديون هُيون، دل ۾ هڪڙي ٿڌاڻ جهڙي آٿت ملندي هُئي وڌي اچي امي جي پيرين پئي ڪوشش ڪندو هُئس ته پنهنجي امي جا پير چُمان ۽ ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿي ويندو هُئس پير چمڻ کان پوءِ امي جاهٿ چمي سندس سامهون هٿ ٻَڌي عيد مُبارڪ چوندو هُئس ته امي مونکي دُعائون ڏيندي هُئي پهرين دعا اها هُوندي هُئس ته ابا ست پُٽيتو ٿئين، ان کان پوءِ منهنجي چهري ۽ مٿي تي پنهنجا هٿڙا ڦيرائي مسلسل دُعائون ڏيندي هُئي. اڄ امي جي انهي هٿڙن جي لمس کي ياد ڪري ، امان جي چهري کي ياد ڪري، سندس دُعائن کي ياد ڪري ڪجهه وڌيڪ اکين مان پنهنجي جيجل ماءُ جي ياد ۾ ڳوڙها ڳڙي رهيا هُئا، اکيون بنا بادل جي مينهن وسائي رهيون هُيون:
اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا،
ڳلن تان ڳوڙهن جُون بوندون بس نه ڪن
سندئي سڪ پرين لوڪ ڏٺي ئي نه لهي(شاهه)
ڳلن تان ڳوڙهن جُون بوندون بس نه ڪن
سندئي سڪ پرين لوڪ ڏٺي ئي نه لهي(شاهه)
ايتري ۾ هڪڙي موبائل ڪال آئي، بغير نمبر چيڪ ڪندي السلام عليڪم چئي عيد مُبارڪ چيم، ڪنن ۾ رس گهوليندڙ آواز آيو وڏا ماڻهو! اڙي سانئڻ زيب توهان مون وراڻي ڏني. چوڻ لڳي ها، اڄ عيد جو ڀلارو ڏينهن هو نڪو دعا نڪو سلام نه عيد مُبارڪون نه موبائل تي ايس ايم ايس نه موبائل تي ڪال، آخر تُون پنهنجي پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو؟
جهونا سُڌر ڙي سُڌر !جواب ڏنومانس سانئڻ ؟ مان واندو مل، صفا بي روزگار، ريٽائرڊ، جهونو، نڪو کيسي ۾ بيلنس ۽ نڪو موبائل ۾ بيلنس...! باقي مون وٽ سکڻين دعائن کانسواءِ ڪي به ڪين هو سو عيد جي نماز پڙهڻ مهل سڀني پنهنجن پراون کي ياد ڪري انهن لاءِ دُعا گهري ڇڏي هُئم.............وڃ ڙي.........توسان ته ڳالهه ڪرڻ ئي اجائي آهي، سانئڻ زيب موبائل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو. ٿوري دير لاءِ مان خاموش ٿي ويس، منهنجي انهيءَ خاموشيءَ تي رڙيون ڪندي چوڻ لڳي جهونا زنده آهين يا پيالو پي وئين، جي سانئڻ زنده آهيان ، توهان کي ٻُڌان پيو، چوڻ لڳي چڱو چڱو سڀ کان پهرين ته توکي عيد مُبارڪ هُجي ...... خير مُبارڪو ن سانئڻ جواب ڏنم........ چوڻ لڳي ڪاغذ قلم اٿئي چيم ته هائو ڪاغذ قلم کان سواءِ مون جهڙو ٽي درجي وارو شاعر زنده ئي رهي نٿو سگهي، چوڻ لڳي ته هي عيد جي موقعي تي دنيا جي سمورن سنڌين لاءِ غزل لکيو اٿم ، چاهيان ٿي ته تون پنهنجا مُناسب رنگ ڏيئي هميشهه جيان ساٿين سان ونڊ ڪر........ پر سانئڻ مون ڪجهه ڳالهائڻ ٿي چاهيو منهنجي ڳالهائڻ کي وچ مان ڪٽيندي پنهنجي نڪور شاعري ٻُڌائيندي وئي ۽ مان لکندو ويس. مون منجهه هڪڙي ڳالهه سُٺي يا خراب آهي ته ڪنهن کي به پنهنجي پاران ڪنهن قسم جو انڪار ڪونه ڪندو آهيان.۽ آئون ڪنهنجي دل کي ٽوڙڻ عظيم گناهه سمجهندو آهيان ، حالانڪه اڄ عيد جو ڏينهن هو سو به قرباني واري سو پنهنجي ڪمپيوٽر جي ڪينواس کي اڄ بند ڪري آرام ڪرڻ پي چاهيم، پر جيئن جيئن سانئڻ زيب جو هي شاندار غزل پڙهندو ويس، مُنهنجي دل جا تار ڇڙندا ويا، عجيب احساسن جي دنيا ۾ هليو ويس، مجاز جي مستي چڙهندي وئي ڪمپيوٽر جي ڪينواس کي ڦهيلائي بنا ڪنهن دير جي سانئڻ زيب جي هن نڪور غزل کي چترڪاريءَ جا رنگ ڏيئي توهان سڀني سنڌي دوستن سان عيد جي ڏينهن عيد جي تحفي جي صورت ۾ ونڊ پيو ڪريان. دوستو تحفو ته تحفو هُوندو آهي ،هٿين خالي، کيسي خالي، هن نثار ناز وٽ توهان لاءِ دُعائن ۽ ههڙن پيارن ۽ انمول تحفن کان سواءِ ڪي به ڪينهي، شال عيد ڏينهن منهنجا سڀئي سنڌي ڀائر ۽ ڀينرون آباد هُجن شل ڪو ڪوسو واءُ نه لڳين. آمين

غزل
شاعره : زيب نظاماڻِي.
تصوير تُنهنجِي مِٺِڙِي ،ڏسندي ئِي مُرڪِي پَيُس...!
ايڏِي آن تُون سُهڻِي ،سوچيندي ئِي مُرڪِي پَيُس...!
تُون مل نه مل جانان، توکي ٿو چاهيان مان،
خيالن ئي خيالن ۾ رُلندي ئِي مُرڪِي پَيُسِ...!
کلڻ وڻيو تُنهنجو ، پوءِ ملڻ ته ڇا هُوندو،
سوچن ئي سوچن ۾ ملندي ئِي مُرِڪِي پَيُس...!
لباس تُون پيلي ۾ ، ڄڻ سَرهن ڦُلارِي آ،
گُلڙن جيان ٽڙندي، کلندي ئِي مُرڪِي پَيُس...!
تُون نه سَهِي تُنهنجِي تصويرَ ته مُنهنجِي ٿِي ،
چَپَ اُن مٿان رکندي، چُمندي ئِي مُرڪِي پَيُس...!
تَشِبِيهُون ، استعارا، لفظن ۾ تُون آهين،
لکيو ”زيب “ غزل تولئه ، پڙهندي ئِي مُرڪِي پَيُس...!