شريفان شھنيلا خادم گھراڻو شريفان جي ماءُ شريفان کي ڄڻي مري وئي سندس پيءُ ٻي شادي ڪري شريفان لاءِ ماٽيجي ماءُ وٺي آيو جنهن پنهنجي ماٽيجي ماءُ هجڻ جو پورو فرض نڀايو ظلم جي چڪي ۾ پيڙهجي پيڙهجي شريفان آخر اچي جواني جي چائنٺ تي قدم رکيا سندس ماٽيجي ماءُ سندس شادي هڪ ٻڪرار سان ڪرائي جتي شريفان وڃي هڪ نئين زندگيءَ جي شروعات ڪئي هن جي مڙس جو نالو هو ان جي گھر کي پنهنجو گھر سمجھڻ لڳي هيءَ اها ڳالهه وساري ويٺي ته عورت جو ڪوبه گھر نه هوندو آهي ڪڏهن مائٽن تي ڪڏهن مڙس وٽ جيڪو وفا نه ڪندو آهي ته ڪڏهن اولاد جي در تي ڌڪا کائيندڙ عورت جو پنهنجو ڪوبه ذاتي گھر نه هوندو آهي جنهن کي هوءَ پنهنجو گھر چئي سگھي شريفان کي خدا تعالى پهرين پٽ جي اولاد سان نوازيو هوءَ پٽ جي ڄمڻ جي خوشي ۾ پنهنجا سڀ ڏک ڀلائي ويٺي سليم به خوش هو هنن کي خوشي راس نه آئي ۽ سليم هڪ حادثي ۾ مارجي ويو شريفان جو پٽ وسيم کانسواءِ ڪوبه نه هو هن ڪمائڻ جي لاءِ ماڻهن جي در تي وڃي ٿانو ٻهارو ڪيو گھر اچي سلائي ڀرت جو ڪم ڪندي هئي هن پسيم کي پڙهايو هن جي محنت رنگ لاٿو وسيم لکي پڙهي هڪ آفيسر بنجي ويو شريفان پٽ جي نوڪري کان پوءِ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو وسيم پنهنجي پسند تي شادي ڪري نسرين کي گھر وٺي آيو شريفان ننهن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي نسرين لکيل پڙهيل پر تنگ ذهن هئي هن کي شريفان جي ڪابه ڳالهه نه وڻندي هئي وسيم تي هوءَ صرف پنهنجو حق سمجھندي هئي ماءُ جو نه شريفان ته به خوش هئي ڇو ته هن جو پٽ خوش هو .نسرين ماءُ ۽ پٽ جي ڳالهائڻ تي به جھڳڙو ڪندي هئي روز جي جھيڙن کان وسيم پريشان رهڻ لڳو ته نسرين هن کي چوندي هئي ته هاڻ توکي مون سان محبت نه آهي منهنجا حق ڪونه ٿو رکين آخر نسرين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويئي شريفان ويچاري هاڻ پنهنجي پٽ جو منهن ڏسڻ لاءِ به سڪندي هئي هڪ ڏينهن وسيم پنهنجي ماءُ کي پنهنجي مامي جي گھر ڇڏي آيو جيڪو شريفان جي ماٽيلي ماءُ جو دادلو پٽ هو هن سمجھيو ته شريفان هيتري وقت کان پوءِ آئي آهي ته شايد دولت مان حصو پتي وٺڻ آئي آهي هو شريفان کي ڪڍڻ جون ترڪيبون ٺاهڻ لڳو نيٺ هن جي دماغ ۾ هڪ ترڪيب آئي ۽ شريفان وٽ اچي چوڻ لڳو وسيم توکي وٺڻ آيو آهي وسيم جو ٻڌي شريفان ڄڻ جيئري ٿي پئي ۽ ٺڳ ڀاءُ جي پٺيان هلڻ لڳي سندس ڀاءُ شريفان کي ڪجھه پئسن ۾ وڪڻي ڇڏيو ۽ پوءِ ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي شريفاب دربدر ٿي مري ويئي يا نه . ڪجھه وقت کان پوءِ سندس پٽ مامي وٽ پهتو ته ان چيو ته مون وٽان وئي هلي پر شريفان نه ملي وسيم ۽ نسرين وٽ پڇتاءُ کان سواءِ ڪجھه به نه هو .منهنجي سڀني ڀائرن کي گذارش آهي ته هو زالن جي حقن اڳيان ماءُ جي حقن کي نه وسارين . ماءُ جي قدمن هيٺيان جنت آهي ماءُ جهڙي نموني انهن کي پاليو آهي پاڻ به ان نموني ماءُ پيءُ جي خدمت ڪندا رهن ۽ دعائون کٽيندا رهن . پرايو پاپ شھنيلا خادم گھراڻو ڪڏهنڪڏهن زندگي اهڙي حسين لڳندي آهي جو انسان کي محسوس به ڪونه ٿيندو آهي زندگيءَ ۾ ڪجھه موڙ ڏکن جا ڪنڊا به کڻي ايندا آهن ته ڪجھه موڙ خوشين جا گل کڻي اچي بيهندا آهن پر اڪثر ڏک ملندا آهن حنا ته حسن جو مٽ پاڻ هئي پر گھٽ سندس من جو محبوب به نه هو . حنا جا مائٽ غريب هئا پر تنهن هوندي به پنهنجي ڌيءَ جا خرچ پورا ڪندا هئا . حنا اڄ ڪاليج هلڻ جو پروگرام نه آهي ڇا؟ اوچتو لبنا اچي هن جي خيالن ۾ رنڊڪ وڌي . ها هلان ٿي ! پر اوچتو هن کي ياد آيو ته سندس من جو محبوب اڄ ڪاليج ڪونه ايندو . هن يڪدم لبنا کي چيو ته اڄ آئون ڪاليج ڪانه ٿي هلان . انتي لبنا هن کي يڪدم ڪاوڙ مان چيو ته هاڻ چئي ته هلان ٿي وري يڪدم چوين پئي ڪانه ٿي هلان ائين چئي لبنا ڪاوڙ ۾ هلي ويئي . ٻئي ڏينهن حنا ڪيلاج ويئي ته هن کي خبر پئي ته سڀاڻي پارٽي آهي هن کي به ان جي دعوت ملي .ٻئي ڏينهن هيءَ تيار ٿي ڪاليج ويئي جڏهن ڪاليج ۾ پنهنجي محبوب کي تيار ڏٺو ته هن کي پهرين کان وڌيڪ سهڻُو لڳي رهيو هو هن کي ڏسي مٿس فدا ٿي رهي هئي .هڻا پنهنجي پاڻ کي ڪنٽرول ڪري نه سگھي ڊوڙي وڃي پنهنجي ٻانهن جو حار ٺاهي پنهنجي محبوب جي گلي ۾ وڌائين .هو به هن جي ديوانگي ڏسي موقعي جو فائدو ڏسي هن کي هڪ اڪيلي ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ هن کي پنهنجي محبت جو يقين ڏياريندو رهيو . هن جي اڀريل بدن کي پنهنجي دب نظرن سان پليت ڪندو ويو هن حنا کي پنهنجي ديوانگيءَ جو ٻڌايو .۽ ٻئي ڏينهن هن کي ملڻ جو چيائين حنا ته اڳيئي هن دوکيباز نويد جي حوالي پنهنجو سڀ ڪجھه ڪري ڇڏيو هو ٻئي ڏينهن حنا ڪاليج جي بدران نويد سان ملڻ ويئي هنن جون ملاقاتون وڌنديون ويون هڪ ڏينهن نيٺ حنا نويد جي هٿان تباه و برباد ٿي ويئي حنا ته حسن پسند هئي نويد حسين هو هن کي پنهنجي ڪنوارپ ختم ٿيڻ جو ذرو به ڏک نه ٿيو هاڻ هنن جون ملاقاتون صرف مقصد پوري ڪرڻ جي لاءِ ٿيڻ لڳيون . هڪ ڏينهن حنا جي طبيعت خراب ٿي ته هيءَ ڊاڪٽرياڻيءَ وٽ ويئي جنهن هن کي چيڪ ڪري چيو ته توهان کي مبارڪون هجن توهان پنهنجي گھر واري واري کي مبارڪون ڏجو توهان ماءُ ٿيڻ واريون آهيو .باقي هڪ ٻح مهينو آهي ڊاڪٽرياڻيءَ جا اهي لفظ حنا کي ڄڻ هٿوڙا ٿي لڳڻ لڳا حنا کي سندس ضمير جو آواز چوڻ لڳو حنا تو پنهنجي غريب پيءَ جي پڳ لاهي ڇڏي آهي پنهنجي پاڻ کي هڪ فاني روپ کي پويان وڪڻي ڇڏيو وقت کان اڳ ضمير وڪڻي ماءُ بنجي وئينءَ بغير نڪاح جي تو پنهنجو جسم هڪ حسن جي پويان وڪڻي ڇڏيو توکي تنهنجي مائٽن جي عزت جو ذرو به خيال نه آيو .هيءَ گھر پهتي ان وقت هن کي نويد جو فون آيو هن نويد کي چيو ته آئون تنهنجي اولاد جي ماءُ بنجڻ واري آهيان تون هل ته پاڻ ٻيئي ڪورٽ ميريج ڪريون نويد هن کي يڪدم چيو تون ڪير آهين ڪهڙو منهنجو ٻار ڪهڙو مون تنهنجو ڏوهه ڪيو آهي جو پرايو پاپ ۽ گناھ منهنجي مٿان ٿي وجھڻ چاهين .حنا تون مون سان حد کان وڌيڪ فري هوئين آهڙو نڪا ٻڌيون ذالون به نه هونديون آهن ته تون ضرور ٻئي سان به هونديئن اهو پاپ ڪنهن ٻئي جو هوندو .ائين چئي هن فون بند ڪري ڇڏيو حنا جون ان وقت اکيون کليون پر ان وقت جنهن وقت هن جو هاڻ ڪير به نه هو ڪير به هن کي پنهنجو ڪرڻ جو سوچي به نٿي سگھيو حنا ڪيترائي دفعا نويد سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن اهو چئي فون بند ڪري ڇڏيو ٿي ته اهو منهنجو پاپ نه پر ٻئي ڪنهن جو آهي .ان ڏينهن حنا کي اندازو ٿيو ته پيار پريم ۽ پريت ڪيڏا نه پيارا لفظ آهن ڪيڏي نه مٺاس انهن لفظن ۾ آهي ان لفظ محبت ۾ ، پر جي پاڪ محبت هجي ته جيڪڏهن محبت ۾ تباهي اچي ته پوءِ .................... اهو سوچي حنا هي جھان ڇڏي هلي ويئي ۽ دنيا وارن کي چيائين ڪنهن به مرد سان محبت نه ڪجو اگر ڪريو ته پاڪ محبت ، نه ته هو توهان کي تباه ڪري ڇڏيندو ۽ دنيا جا طعنا توهان کي نه جيئڻ ڏيندا نه ئي مرڻ ڏيندا . نظر هي نظر ۾ ،اشارا ڪيا تو ، سجن اوپرا ڪي ، سهارا ڪيا تو ڀاڄوڪڙ جو داغ شھنيلا خادم گھراڻو سڪينه ۽ اقبال هڪٻئي سان بيحد محبت ڪندا هئا ننڍپڻ کان وٺي گڏ رهيا هئا پڙهيا به گڏ هئا اقبال تعليم پوري ڪري وڃي سٺي روزگار سان لڳو ۽ سڪينه کي حاصل ڪرڻ لاءِ مائٽن کي راضي ڪري سڪينه جي مائٽن ڏانهن رشتي جي لاءِ موڪليائين پر انهن صاف انڪار ڪري ڇڏيو اقبال جامائٽ واپس موٽي آيا . اچي اقبال کي سڄي ڳالهه ٻڌايائون .اقبال سڪينه سان ڳالهايو ان اقبال کي پڪ ڏني ته آئون تنهنجي آهيان تنهنجي رهنديس ٻئي کي ڪونه قبول ڪنديس پوءِ چاهي مون کي موت ڇو نه اچي .سڪينه به پنهنجي پيار خاطر پنهنجن مائٽن سان ڳالها يو جنهن جي ڪري هن جا مائٽ ناراض ٿيا سڪينه تي هاڻ ڏاڍ جا پهاڙ ڪرڻ لڳا پر هيءَ سڀ سهندي رهي ڪنهن نه ڪنهن نموني سان اقبال سان ملندي رهي .اقبال وارن هڪ دفعو ٻيهر به منٿ ميڙ ڪئي پر جواب ناڪار ۾ مليو نتيجو اهو نڪتو ته اقبال جا مائٽ سڪينه سان کٽا ٿي ويا ان سان نفرت ڪرڻ لڳا ٻيو ته سڪينه جي ماءُ سڪينه جو رشتو هڪ اڌڙوٽ ماڻهو سان طئي ڪري ڇڏيو اهو سڪينه برداشت ڪري نه سگھي هڪ رات سڀ ڪجھه داءُ تي لڳائي پنهنجي گھران رات جي ڪاري چادر اوڙي نڪتي اقبال جي گھر پهتي .هن اقبال جي مائٽن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر ڪوشش ناڪام ويئي اقبال به ڪافي ڪوشش ڪئي اهو به ناڪام ويو ۽ اقبال جا مائٽ سڪينه تي مختلف الزام هڻي رهيا هئا . پٽ توکي سڪينه چوريو آهي هن ڏائڻ توتي جادو ڪيو آهي وغيره وغيره سڪينه کي ڏسي اقبال جي مائٽن جا چهرا ڳاڙها ٿي ويا سڪينه به اقبال کي سموري حقيقت ڪري ٻڌائي .اقبال هن کي سمجھايو ته تون واپس وڃ جنهن تي سڪينه چيو ته هاڻ آئون واپس نه وينديس هاڻ تون ڇا ٿو چوين .اقبال سڪينه کي چيو ته تو منهنجي ڪري بدنامي جو داغ کنيو آهي مٽن مائٽن کي ڇڏيو آهي آئون توسان گڏ آهيان پوءِ ڀلي مون کان منهنجا مائٽ رشتو ٽوڙي ڇڏين سڪينه اقبال کي چيو ته مائٽ ڇانورو آهن تون منهنجي ڪري مائٽ نه ڇڏ جيڪو مقدر ۾ لکيل هوندم اهوئي ٿيندو .اقبال جا مائٽ سڪينه کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا اقبال اهو برداشت ڪري نه سگھيو سڪينه کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي نڪاح ڪيائين ۽ واپس پنهنجي مائٽن وٽ آيو پر انهن هن جي لاءِ در نه کوليو تون هن ڀاڄوڪڙ کي اسان جي ننهن ٿو چوين اسان توتان هٿ کنيو وري اتان سڪينه جي مائٽن وٽ آيا ته انهن به ڀاڄوڪڙ چئي در بند ڪري ڇڏيو سڪينه گھڻي ئي چيو ته مون حق شرعي ڪيو آهي توهان منهنجي ڳالهه ڪانه مڃي منهنجي هڪ پوڙهي سان ٿي شادي ڪرائي آئون عاقل بالغ آهيان ڀاڄوڪڙ نه آهيان سڪينه ڏاڍو رني پر ڪجھه به نه وريو نيٺ ٻئي ڄڻا پنهنجو گھر اڏي اچي رهيا جتي ٻئي خوش گذارڻ لڳا ڪجھه وقت کان پوءِ هنن کي هڪ نياڻي به ڄائي جنهن جو نالو مومل رکيائون .هي ڏاڍا خوش هئا پر سڪينه کي ڀاڄوڪڙ جو لفظ اندران ئي اندران وڍي رهيو هو هڪ ڏينهن سڪينه اهو داغ کڻي هميشھ واري ننڊ سمهي پئي . اقبال هاڻ اڪيلو ۽ اداس رهڻ لڳو هن کي اهو ويچار هو ته هنن جي پيار جي نشاني کي ڪنهن جي حوالي ڪري هڪ ڏينهن هي مومل کي وٺي پنهنجي مائٽن وٽ آيو انهن کي سڪينه جي موت جي به خبر ٻڌائي اهو ٻڌي هو ڏاڍا خوش ٿيا پر سڪينه جي ڌيءَ مومل کي اهو چئي ڪڍي ڇڏيائون ته هيءَ ڀاڄوڪڙ جو اولاد آهي هيءَ هن گھر ۾ نه رهندي باقي تون ڀلي رھ جنهن تي اقبال چيو ته جنهن گھر ۾ منهنجي جگر لاءِ جڳهه نه آهي اهو گھر منهنجي لاءِ دوزخ آهي آئون هن گھر ۾ نه رهندس ۽ اهو سمجھي ڇڏيو ته اڄ کان پوءِ اوهان جو پٽ اقبال مري ويو ائين چئي اقبال مومل کي وٺي اتان نڪري ويو اقبال زخمي دل سان وري سڪينه جي مائٽن وٽ آيو انهن به اهوئي چيو ته ڀاڄوڪڙ جو اولاد آهي اسان هن کي نه رهائينداسون هن کي گھر ۾ رهائي پنهنجي پاڻ کي بدنام نه ڪنداسين .پهرين اهو داغ لاهي اچ پوءِ اسين حاضر آهيون اقبال ڪافي پريشان ٿي ويو هاڻ هو ڪري ته ڇا ڪري ؟ هنن منهنجي اولاد کي ڀاڄوڪڙ جو لفظ ڏنو آهي پر نه نه مون کي همت ڪرڻ گھرجي مون کي پنهنجي پيار جي نشاني کي منزل تي رسائڻو آهي جيڪڏهن آئون هاري ويٺس ته هن جو ڇا ٿيندو هن جو ڪير به ته نه آهي . اڄ کان مومل جو پيءُ به آئون آهيان ماءُ به آئون آهيان . اقبال سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏل رهندو هڪ ڏينهن هن اهو شھر ئي ڇڏي ڏنو وڃي ٻئي شھر ۾ رهيو اتي هن خوب محنت ڪئي ۽ مومل کي علم جي زيور سان مالا مال ڪيو . وقت جو ڪانٽو پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو .سيڪنڊ منٽن ۾ ،منٽ ڪلاڪن ۾ ،ڪلاڪ ڏينهن ۾ ، ڏينهن مهينن ۾ ، مهينا سالن ۾ گذرندا ويا . مومل اچي جوان ٿي جڏهن هن جو رشتو آيو ته اقبال وٽ جيڪي ڪجھه هو هن کي دعائن سميت ڏيئي شادي ڪرائي ڇڏي .هاڻ هي اڪيلو رهجي ويو .اڪيلائي ڪارو ناگ هوندي آهي . اڪيلائي هن کي هر وقت پريشان ڪندي رهي ڀاڄوڪڙ جو لفظ جڏهن هن جي خوابن خيالن ۾ ايندو هو هي ڇرڪ ڀري روئي پوندو هو ۽ چوندو ته اسان سچو پيار ڪيو پر پيار جي بدلي بدنامي جو داغ ڀاڄوڪڙ مليو ائين هيءُ سوچن جي سمنڊ ۾ غرق ٿيندو رهيو پريشانيءَ هن کي بيماري جي بستري تي ڪيرائي وڌو ڪير به نه هو جيڪو هن جو ساٿ ڏي آخر هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جڏهن هي به داغ پنهنجي نرڙ تي کڻي وڃي پنهنجي سڪينه سان مليو. بدلو خادم گھراڻوشھنيلا خادم گھراڻو نادره جي ماءُ نادره کي سڏي رهي هئي پر هن ڪوبه جواب نه ڏنو .آخر هن جي ماءُ هن جي ڪمري ۾ وئي هن ڏٺو ته نادره هڪ خط پڙهي رهي هئي هن جي ماءُ هن کان خط وٺي پاڻ پڙهيو ۽ ماٺ ڪري هن جي ڪمري مان وئي هلي . نادره پريشان ٿي وئي . ڪجھه دير کان پوءِ هن جي ماءُ وري آئي جنهن ڪجھه تصويرون ۽ خط نادره کي ڏنا هيءَ خط ان جا هئا جنهن نادره جي ڀيڻ کي به ڌوڪو ڏنو هو. نادره جي ڀيڻ ناديه جو سليم پيڇو ڪندو رهيو ۽ هن کي خط لکندو رهيو .هنن جو عارضي واسطو محبت ۾ تبديل ٿي ويو . ناديه هڪ ڏينهن ڪاليج وئي وري واپس نه وري ڳولا کان پوءِ به ناديه جي خبر نه پئي . هڪ ڏينهن ناديه واپس گھر آئي هن جو رنگ ڪارو ٿي ويو هو فقيرياڻي لڳي رهي هئي هن سڀني کان معافي ورتي .سليم سان گڏ نڪتل تصويرون ۽ نڪاح نامون ڏيکاريائين سليم ناديه کي وٺي ويو نڪاح ڪري هن کي ڇڏي ويو جنهن جي ڪابه خبر نه پئي ته ڪيڏانهن ويو هليو .ڪجھه وقت کان پوءِ ناديه ماڻهن جون ڳالھيون برداشت نه ڪري خود ڪشي ڪري ڇڏي .ڪجھه وقت کان پوءِ سليم وري هنن جي پاڙي ۾ اچي ويٺو هن چيو ته مون ناديه کي ڪجھه نه ڪيو هو پر ڪجھه ماڻھو هن کا اغوا ڪري ويا هئا .هن نادره جي مائٽن کي چيو ته ضد ڪندا ته خطا کائيندا ناديه کي لکيل خط نادره ڏسي حيران ٿي وئي .هن جي ماءُ وري ٻي ڌيءَ سان ساڳيو ڊرامو ڏسڻ نٿي چاهيو هن نادره کي سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيو . هاڻ نادره جي دل ۾ پنهنجي ڀيڻ جو سليم کان بدلو وٺڻ جو انتقام باھ پيدا ڪرڻ لڳو هن سليم کان بدلو وٺڻ چاھيو ۽ هن جي ڀيڻ ڄڻ هن کي چئي رهي هئي ته منهنجو بدلو ضرور وٺجان . هڪ ڏينھن هن سليم کي گھرائي هن کي چانھه ۾ زهر ڏئي ماري ڇڏيو ۽ چيو ته مون پنهنجي ڀيڻ جو بدلو وٺي ڇڏيو ھاڻ مونکي ڪنهن به ڳالھه جي تمنا نه آهي پٿر دل انسان شھنيلا خادم گھراڻو زندگي هڪ عجيب قسم جي نعمت آهي ڪنهن کي هڪ ڏينهن ته ڪنهن کي سالن جي زندگي ميسر آهي . ڪي پنهنجي لا ءِ ته ڪي ٻين جي لاءِ جيئندا آهن فرح کي به زماني وارن ڏاڍو ستايو هو فرح مائٽن جي اڪيلي ڌيءَ هئي هن کي ٽي ڀائر هئا هن جي ماءُ هن جي ننڍپڻ ۾ وفات ڪري وئي جڏهن وڏي ٿي ته گھر جون ذميواريون هن تي اچي ويون هن پڙھڻ ڇڏي ڏنو هن جو پيءُ بيمار هو ان جي خدمت ۽ گھر جي ڪم ڪار ۾ لڳي پئ هوندي هئي هيءَ هن وقت عمر جي ان حصي ۾ هئي جتي هن کي اصل گھر ۾ هئڻ کپي ها ڪجھه وقت کان پوءِ هن جو پيءُ به وفات ڪري ويو . فرح جي ڀاءُ جي شادي هن جي سؤٽ سان ٿيل هئي فرح وري پنهنجي سؤٽ کي ڏنل هئي . هنجي سؤٽ فرح سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ٻئي هنڌ وڃي شادي ڪئي . ڪجھه وقت کان پوءِ فرح جي شادي سھيل سان ٿي .سهيل وٽ فرح لاءِ وقت نه هوندو هو ڀائر پيا هن کي سنڀاليندا هئا .فرح کي ڪوبه اولاد نه ٿيو انڪري ساهرا هن جي عزت گھٽ ڪندا هئا پر فرح سڄو ڏينهن انهن جي خدمت ڪندي هئي . گھر ۾ سڀ فرح سان نفرت ڪندا هئا هن جي زندگي عذاب بنجي وئي هئي فرح جي حالت ڏسي هن جي ڀائرن کي ڏک به ٿيندو هو ۽ پنهنجي پاڻ کي مجرم سمجھندا هئا فرح صبر ڪيو ڪنهن کي به ڪجھه نه چيو فرح چوندي هئي ته جيڪڏهن اولاد ملي ته منهنجي عزت ٿئي پر اولاد منهنجي نصيب ۾ نه آهي فرح جو سڪون برباد ٿي ويو هو هن جون نڻاڻون هر وقت هن تي ٺٺوليون ڪنديون هنيون سھيل جي به اهائي سوچ هئي . هن وٽ فرح جي لاءِ هڪ رپيو به نه هو پر ڀينرن جي لاءِ سڀ ڪجھه هو هي فرح کي پيار جي قابل نه سمجھندو هو پيار جون حقدار هن جون ڀينرون هنيون جيڪي فرح کي زبان سان زخم ڏينديون هنيون سھيل پنهنجي ڀينرن جي هر ڳالھه تي اعتبار ڪندو هو هن کي ڪير به پيار ڏيڻ وارو نه هو ڪير به هن جا ڏک ونڊڻ وارو نه هو فرح پنهنجي ڏيرن جو زال سان پيار ڏسي دل ئي دل ۾ چوندي هئي ڪاش سھيل به مون سان ائين پيار ڪري .فرح اڪثر بي چين رهڻ لڳي هنجي لاءِ ڪٿي به سڪون نه هو فرح دنيا جي لفظن مان تنگ ٿي پئي پنهنجي زخمن کي لڪائڻ لاءِ ڪجھه ڪرڻ پئي چاهيو پر هڪ اڻ ڄاتل خوف هن کي وڪوڙي ويو ۽ سوچڻ لڳي ڇا آئون ڪجھه ڪري سگھان ٿي ؟ يا نه ، مون ۾ ايتري همت آهي پر فرح جو ذهن ڪوبه جواب ڏئي نه سگھيو هيءَ مايوس ٿي وئي هن وٽ جيئڻ لاءِ ڪو به جواز نه هو نه گھر جو سڪون نه ئي سھيل جو پيار نه ئي مائٽن جو سايو بلڪل اداس ٿي وئي تنهائي هن کي ڏنگڻ لڳي هنجي لڙڪن جي زبان ڪير به سمجھي نه سگھيو . هڪ رات اوچتو هن همت هاري زندگيءَ کان شڪست مڃي پنهنجي پاڻ کي ماري ڇڏيو .اهڙو گل جيڪو گھڻي ڪم ڪار جي باوجود ٽڙيل رهندو هو ، سو هاڻ پيار جي پاڻيءَ کان محروم ٿي هميشه لاءِ ڪومائجي ويو . مينهوڳيءَ کان پوءِ شھنيلا خادم گھراڻو آسمان تي ڪارا ڪڪر مڙي آيا هئا گجگوڙ ٿي رهي هئي ڪنهن ڪنهن مهل کنوڻ به چمڪاٽ پئي ڪيا ماڻهو ڀيڄ مولا ڀيڄ مولا جا نعرا هڻي رهيا هئا شايد وقت کان پوءِ برسات پئجي رهي هئي مريم پنهنجي بيمار پيءَ جي خدمت چاڪري ۾ لڳي پئي هئي ۽ ڊڄي به رهي هئي اڪيلي سر هوءَ ڪري به ڇا ٿي سگھي اوچتو سندس پيءَ جي حالت بگڙي وئي برسات به زور وٺي چڪي هئي هوءَ پنهنجي جھوپڙيءَ مان پيءَ جي مدد لاءِ نڪتي هن وڏا واڪا ڪيا پر برسات جي ڪري ڪنهن به هن جو آواز نه ٻڌو هوءَ واپس جھوپڙيءَ ۾ پيءَ وٽ آئي سندس پيءُ سور ۾ ڦٿڪي رهيو هو مريم کي چيائين ته وڃ جانڻ کي وٺي اچ (جانڻ پئسي وارو ۽ مريم جي پيءَ جو سٺو واسطي وارو هو) اهورحمدل ۽ چڱو ماڻهو آهي مريم جانڻ وٽ وئي جنهن چيو مريم خير آهي جو هن تيز برسات ۾ آئي آهين هن روئي چيو ته بابا اوهان کي سڏي پيو ان لاءِ آئي آهيان ٻئي مريم جي پيءَ وٽ آيا جيڪو ڦٿڪي رهيو هو هن جانڻ کي ڏسي چيو چڱو آئين هاڻ مريم جي پارت اٿئي پنهنجي موڪلاڻي آهي ائين چئي مريم جو پيءُ هميشه جي لاءِ خاموش ٿي ويو مريم هن جي مٿان ڪري پئي هن جا ڪپڙا برسات ۾ پسي ويا هئا جنهن مان هن جو جسم نظر اچي رهيو هو جانڻ هن جو جسم ڏٺو ته هن جي نيت خراب ٿي وئي هن مريم کي اٿاريو ۽ حوصلو ڏنو ته ڏاهي ٿي آئون ويٺو آهيان آئون تنهنجو سهارو ٿيندس هن مريم کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي چيو مريم هن جي نيت سمجھي وئي وئي هن ٻاهر جي طرف ڀڄڻ شروع ڪيو جانڻ به هن جي پٺيان ڊوڙيو مريم گپ سبب ترڪي ڪري پئي هن وڻ جي چهنبدار ٽار کي پنهنجي پيٽ ۾ هڻندي چيو ته تو منهنجي پيءَ جي چيل لفظن جو وڏو ڀرم رکيو اٿئي مون توکي چاچو سمجيو تون ته بگھڙ نڪتي ائين چئي هيءَ به پيءَ وانگر خاموش ٿي وئي . هاڻ مينهن به ختم ٿي چڪو هو شايد آسمان به مريم جي شهادت تي لڙڪ هارڻ مناسب نه سمجھيو مينهن پوڻ کان پوءَ مريم ۽ سندس پيءُ کي دفن ڪيو ويو .