ڪنول ۽ نيسرا محمد خان خادم گھراڻو رات جو آسمان ۾ تارا ٽمڪي رهيا هئا . تارن جي چمڪ جو نظارو دل کي ڏاڍو وڻي رهيو هو . پر اڪبر سوچن جي سمنڊ ۾ غرق هو . هي هڪ چهري جي باري ۾ سوچي رهيو هو جيڪو ڪنهن وقت ٽڙيل گل هو پر اڄ ڪومائجي پنهنجي وجود کان جدا ٿي ويو هو . هي ان حسين چهري ڪنول جي باري ۾ سوچي رهيو جيڪا ڪنول جي گل وانگر خوبصورت هئي هوءَ جڏهن سرنهن جي پيلن گلن جي وچ مان گذرندي هئي ته گل پهرين کان وڌيڪ حسين ٿي ويندا هئا . جڏهن راڳ الاپيندي هئي ته هن مڏر آواز تي پکي پرندا به ريس ڪندا هئا . اڪبر هن جي باري ۾ چوندو هو ته جنهن به گھر ۾ ڪنول ويندي ان گھر کي چوڏهن چنڊ لڳي ويندا جنهن جي همسفر بنبي ان جا سڀ ڏک ڏولاوا لهجي ۾ لهي ويندا . هيءَ وفا ۽ محبت جو جيئرو جاڳندو مثال هئي . اڪبر روز هن جي ادائن کي ڏسي خوش ٿيندو هو . هن کي ڪوبه غم ۽ مونجھارو هوندو هو ته ڪنول جڏهن هن جي سامهون ايندي هئي ۽ چوندي هئس اڄ اٻاڻڪو پيو لڳي ڪهڙا کنڊ جا جھاز اٿئي جيڪي ٻڏي ويا اٿئي .ڀائو زندگي سفر آهي هن ۾ ڏک ۽ ڏولاون کي ڇڏ همت ڪري انهن سان مقابلو ڪر هميشھ گلن وانگر مهڪندو رھ پکين جيان ٻوليندو رھ . خوشي حاصل ڪي غم ڦٽي ڪر غم ۽ پريشاني بيماري جو ٻيو نالو اٿئي .اڪبر هن جي ڳالهين کي ٻڌي کلي پوندو هو هن تي فخر ڪندو هو ۽ دعا ڪندو هوس ته سدائين خوش رهي هن کي ڪوسو واءُ نه لڳي وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ويو اڪبر وڌيڪ تعليم وٺڻ جي لاءِ ٻئي شھر هليو ويو ڪجھه سمي کان پوءِ جڏهن واپس آيو ته هن کي نه ڪنول نظر هئي ۽ نه ان جا گيت هن کي ٻڌڻ ۾ آيا هن جون چلولايون ڏسڻ ۾ آيس .هن سمجھيو هن جي شادي ٿي وئي هوندي ۽ پنهنجي اصل گھر هلي وئي هوندي پر وري هن سوچيو ته جيڪڏهن هيءَ لانئون لهي ها ته هن کي هن جي گھر وارا ضرور ٻڌائين ها .هيءُ انهن ئي سوچن ۾ ويٺو هو ته هن جي ماءُ هن کي سڏ ڪيو پر هن ڪوبه جواب نه ڏنو هيءُ سوچن جي سمنڊ ۾ ڄڻ غوطا کائي رهيو هو . جڏهن ماءُ هن جي ويجھو آئي ته هن کي پريشان ڏٺائين پٽ ڇا ڳالهه آهي ؟ اھي جڏهن تون اداس هوندو هوئين ته ڪنول توکي ريجھائي کلائيندي هئي هاڻ آئون ڪنول کي ڪٿان آڻيان جيڪا تنهنجا سپنا ۽ سور ٻڌي اها اسان کان جدا ٿي اهڙي ماڳ ويئي آهي جتان اچڻ هن جو محال آهي ظلمن اسان کان اسان جي همدرد ڪنول جدا ڪري ڇڏي اڪبر ان تي يڪدم ڇرڪ ڀري ماءُ کان پڇيو اهو توهان ڇا چيو ؟ جنهن تي ماءُ چيس پٽ توکي خبر آهي ته ڪنول جي مامن سان هنن جي پيءُ ۽ ڀائرن جو ڦڏو هلي رهيو آهي هنن هڪ ٻئي تي ڪيس ب ڪيا آهن ڪنول انهن جھيڙن جي خلاف هئي هوءَ چوندي هئي ته محٻت ۽ پيار جو رشتو رت جي رشتن کان ڀلو آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي لالچ ۽ لوڀ نه آهي .ڪنول پنهجي سيرت جي ڪري دوستن ۽ دشمنن جي دلين ۾ گھر ڪري ويهي هئي هرڪو هن کي چاهيندو ۽ ڀائيندو هو .هوءَ ته غمگينن جي غمخوار ۽ ڏکويلن جي همدرد هئي . هن ڪي ڪهڙي خبر ته هوءَ به هڪ ڏينهن انا جي ڪوڙي اڏيل ڪوٽ جي ڪري انا پرستي جي ور چڙهي ويندي .هڪ ڏينهن هن کي هن جو ماروٽ مليو ته ان سان ڳلهائي رهي هئي ته هن جي ڀاءُ هن کي ڏسي ورتو جنهن هنن جي ويجھو اچي چيو ته توهان ڪارا آهيو جنهن تي ڪنول چيو ادا تون ڇا چئي رهيو آهين هيءُ ته پنهنجو ماروٽ آهي پنهنجو رت آهي تون دل مان انا جو ڪوٽ ڊاهي ڪجھه سوڄ رت ته دانگيءَ تي به ورندو آهي . تون مون جھڙي ڀيڻ کي ڪاري سڏي رهيو آهين جنهن تي هن چيو ته توهان ٻئي ڪارا آهيو توهان جو هاڻ جيئڻ اسان جي لاءِ ۽ اسان جي عزت لاءِ داغ آهي توهان کي هاڻ جيئڻ جو ڪوبه حق نه آهي .ڪنول جي ڀاءُ پنهنجي ور مان پستول ڪڍي ٻنهي کي ماري ڇڏيو ۽ پنهنجي پاڻ کي پوليس وٽ ٿي چيو ته مون پنهنجي ڀيڻ کي پنهنجي ماروٽ سان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏٺو هي ڪارا هئا مون غيرت ۾ اچي ٻنهي کي ماري ڇڏيو آهي پٽ تون ٻڌائي ڇا ڪنول ڪاري هئي ؟ جنهن تي اڪبر چيو ته امان ڪنول ته هڪ هيرو هئي هوءَ هڪ گلاب جو گل هئي هن تي پنهنجن اجايا الزام هڻي هن جي محبت ۽ وفا کي بدنام ڪيو آهي هوءَ بي عيب هئي سنڌو جي پاڻي وانگر پاڪ پوتر هئي آئون هن کي ڪافي سمي کان سڃاڻان . هن کي ته اها خبر نه هئي ته دشمني جي باھ جلندي هن معصوم کي ڪاري ڪري ماريو ويندو هن کي هن حسين دنيا مان ائين رسوا ڪري ڪڍيو ويندو . اڪبر سندس ماءُ چيو ته پٽ پريان قبرستان ۾ بڙ جي وڻ جي ڇانو هيٺيان ڪنول جي قبر آهي جنهن جي چوڌاري گلاب جا گل بيٺا آهن جيڪي هن جي قبر کي پنن سان ڇانو گلن سان مهڪار ڏيئي رهيا آهن . اڪبر ڪنول جي هن موت تي اداس رهڻ لڳو جڏهن هن کي ڪنول جي ياد ايندي هئي ته هي اداس ٿي ويندو هو ڪڏهن ڪڏهن ڪنول کي ياد ڪندي هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهندا هئا ۽ اهي لڙڪ هن جي چهري تي نيسرا ٺاهي گم ٿي ويندا هئا . پيار پريت محمد خان خادم گھراڻو اڪبر پنهنجي سوچن ۾ گم هو هو لفظن جا موتي چونڊي ڪاغذ جي سيني تي اوتي رهيو هو ” تون جيڪر اچين ته بهار ٿي ويندي * اچڻ تنهنجي سان غم ديوار مسمار ٿي ويندي “ اڪبر ڪڏهن ڪڏهن شعر پيو لکندو هو پر جڏهن هن جا نيڻ عنبر سان مليا ته هي ڏاڍو خوش هوندو هو هن جي شعرن مان خوشين جي خوشبوءِ ايندي هئي هي عنبر کي دل و جان سان چاهيندو هو پر معاشي مسئلي هنن جي وچ ۾ دوري پيدا ڪئي هي هڪ پورهيت جو پٽ هو هن جو گھر به ڪچو هو جيڪو برساتن ۾ اڪثر ٽمندو رهندو هو پاڻي ٽمڻ جي ڪري اڇي چن وارين ڀتين تي نيسرا ٺهي ويا هئا جيڪي خوبصورت لڳي رهيا هئا .عنبر وارا ڪجھه سرس هوندا هئا انهن جو گھر پڪو هو ۽ هڪ گاڏي به هوندي هئين جيئن ته پيار پريت دولت ذات پات کي نه ڏسندو آهي تيئن هي به هڪٻئي سان نينهن لڳائي ويٺا هنن کي ڪهڙي پروڙ ته هڪ ڏينهن اهڙو هوا جو جھونڪو ايندو جيڪو هنن کي هڪٻئي کان پري ڪري ڇڏيندو ۽ ٻيئي يادن جي سهاري جيئندا رهندا . عنبر ۽ اڪبر وارن جي هڪٻئي سان مائٽي به هئي فرق صرف هو ته اميري غريبي جو اڪبر جي والدين هنن جي محبت ڏسي عنبر جو رشتو گھريو پر عنبر جي مائٽن هنن جي محبت کي نه پر ڪچي گھر کي ڏسي انڪار ڪري ڇڏيو ڪجھه وقت کان پوءِ عنبر جي شادي ٿي ويئي هيءَ اڪبر کان پري ٻئي شھر جي ٿي ويئي .عنبر جي وڇوڙي اڪبر کي جھوري وڌو هن جي دل اندر غم جي سمنڊ مان جيڪي لفظ جڙندا هئا انهن کي ڪاغذ جي سيني تي لاهيندو ويندو هو .عنبر جا مائٽ ڪجھه وقت کان پوءِ ٻئي شھر لڏي ويا . هو پنهنجي غمن سان لفظن جي مالها جوڙي رهيو هو ته اوچتو دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿيو هي پريشان ٿي ويو ته هن اهڙي سرد رات ۾ ڪير آيو آهي هي سوچن جي سمنڊ مان ٻاهر نڪتو هن ڪاغذ ۽ قلم هڪ پاسي تي رکي در کولڻ جي لاءِ اٿيو جڏهن هن در کوليو ته هن جي سامهون هڪ اداس هيسيل عورت بيٺي هئي جيڪا غمن کان ٽمٽار هئي جنهن سان هڪ گلن جھڙي ننڍڙي ٻارڙي به گڏ هئي جيڪا سيءَ جي ڪري ڏڪي رهي هئي جڏهن اڪبر هنن کي ڏٺو ته ڄڻ هن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري ويئي اها ڪا غير عورت نه پر هن جي پريمڪا عنبر هئي اڪبر هنن کي اندر اچڻ جو چيو جڏهن هي ويٺا ته ٻرندڙ سگري هنن کي ويجھو ڪري ڏني جيئن هي سرديءَ جي اثر کي ختم ڪن ۽ پنهنجي ڪلهن تي ويڙهيل اجرڪ معصوم ٻارڙي کي اوڍائي ڇڏي .هي وري به سوچن پئجي ويو ته عنبر هن سرد رات جو هن وقت آئي آهي ڇا معاملو آهي هن عنبر کي چيو ته آئون اچان ٿو اڪبر وڃي پنهنجي ماءُ اٿاريو ان کي سڄي ڳالهه ٻڌائي جڏهن اڪبر جي ماءُ عنبر هن کي ڏٺو ته هن کي چنبڙي زاروزار روئڻ لڳي هن جي روئڻ تي ننڍڍڙيءَ به روئڻ شروع ڪيو جنهن کي اڪبر ماٺ ڪرائڻ لڳو .جڏهن عنبر سهمت ۾ آئي ته اڪبر جي ماءُ هن کي چيو ته ڇا ڳالهه آهي ڇا ٿيو آهي . جنهن تي عنبر چيو ته چاچي هاڻي منهنجو هتي ڪير به واهرو نه آهي آئون پنهنجي هن معصوم کي ڪٿي ڪنهن جي سهاري رلايان . ان تي اڪبر جي ماءُ چيو ته تنهنجو گھروارو ۽ ان جامائٽ . عنبر ان تي چيو ته چاچي منهنجو سهرو ۽ سس وفات ڪري ويا آهن انهن بعد سڄي دولت منهنجي مڙس کي ملي منهنجو مڙس اڳيئي فراڊين سان هلندو هو جڏهن هن جا مائٽ وفات ڪري ويا ته راتين جون راتيون پنهنجن دوستن سان گذاريندو هو گھڙ اچڻ جي نه ڪندو هو آئون ان تي هن کي روڪيندي هيس ته ائين نه ڪر معصوم نياڻي جو خيال ڪر تو وٽ سڀ ڪجھه آهي اهي ڪم ڇڏي ڏي .جنهنتي هي چوندو هو ته عورت جو ڪم گھر سنڀالڻ ٻار سنڀالڻ آهي مرد مرضي جو مالڪ آهي جيئن اچيس تيئن ڪري عورت جو وچ ۾ پوڻ خراب عمل آهي تون منهجي وچ ۾ نه ڳالهائيندي ڪر .مون کي سخت مار به ڏيندو هو دانهن ڏيان ته ڪنهن کي ڏيان ڪير هو منهنجو اتي .ڪالهه رات به هي دير سان آيو جنهن تي مون هن کي چيو ننڍڙيءَ جو واسطو اٿئي اهي ڪم هاڻ ڇڏ جنهن تي هن مون کي چيو ته مون توکي پهرين به چيو هو منهنجي معاملي ۾ ٽنگ نه اڙائيندي ڪر هن مون کي تمام گھڻو ماريو ۽ چيو ته وڏا چوندا آهن ته ڪني آڱر وڍي چڱي آهي تون مون لئه ڪني آڱر آهين هن مون کي هن سخت سرديءَ ۾ گھر کان ٻاهر هن معصوم ننڍڙيءَ سميت ڪڍي طلاق ڏيئي هي طلاق جا ڪاغذ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن آئون هتي وڏي مشڪل سان پهتي آهيان هاڻ ڪنهن جي سهاري جيان .جنهن تي اڪبر جي ماءُ چيو ته اسان تنهنجا عزيز آهيون تون هتي بي ڊپي هن گھر کي پنهنجو گھر سمجھي رھ هونءُ به چوندا آهن ته رت دانگيءَ تي به ورندو آهي اسان وري به تنهنجا پنهنجا آهيوناڪبر کي سندس ماءُ چيو ته پٽ هن جي والدين کي فون ڪري اطلاع ڪر اڪبر ٻاهر نڪري ويو فون ڪرڻ جي لاءِ . ٻئي ڏينهن عنبر جا مائٽ به اڪبر جي گھر پهچي ويا جيڪي پريشان ۽ پشيمان هئا . ان وقت عنبر جي پيءُ جي زبان مان دولت بري بلا آهي پر غريبي ۾ پيار محبت پريتم جو رشتو آهي جا لفظ نڪتا . عنبر جي عدت جا ڏينهن شروع ٿي ويا جڏهن عدت پوري ٿي عنبر جي والدين .اڪبر جي مائٽن کي چيو ته اسان لالچ ۾ اچي پنهنجي ڌيءَ جي زندگيءَ کي برباد ڪيو آهي هاڻ هن ڏکايل نياڻيءَ کي سهارو اوهان ڏيو . آئون پنهنجي ڌيءَ کي هن غم جي حالت ۾ نٿو ڏسي سگھان ڪجھه وقت کان پوءِ عنبر جي شادي اڪبر سان ڪرائي ويئي اهڙي نموني دولت جي نانگ جي ڪري جدا ٿيل ٻه دليون پيار پريت جي طاقت سان هڪ ٻئي سان ملي ويون اهي خوش زندگي گذارڻ لڳا . جذبو محمد خان خادم گھراڻو هو ٽنگن کان معذور هو پر هن جا جذبا جوان ھئا . هن ڪڏهن به پنهنجي معذوري کي مجبوري نه سمجھيو هو . هيءُ هر روز اسڪول جي در اڳيان هڪ کوکي ۾ ٻارن جون شيون رکي اچي ويھندو هو . هر ٻار کي غور سان پيو ڏسندو هو . ڪڏهن ڪڏهن ٻارن کي ڏسندي هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وھڻ شروع ٿي ويندا هئا . هر ڪو هن جي لڙڪن کي پيو ڏسندو هو پر هن کان ڪير به اهو نه پڇندو هو ته هن کي ڪھڙو غم آهي جنهن جي ڪري هن جي اکين مان لڙڪ وهندا رهن ٿا . انھيءَ ئي اسڪول ۾ هڪ ٻار احمد پڙهندو هو هيءُ تمام غريب هوندو هو پر سڄـي اسڪول ۾ هوشيار هو جنهن جي ڪري سڀ استاد هن کي ڀائيندا هئا .هن جي دل به رحم واري هئي . هڪ ڏينهن هن سلو ( معذور ) کي روئندو ڏٺو ته ڪافي وقت هن کي ڏسندو رهيو . هن همت ڪري وڃي هن کان پڇيو ته چاچا توکي ڪھڙو ڏک آهي جو تون روئي رهيو آهين . سلو هن کي چيو ته پٽ تون ننڍڙو آهين توکي غمن جي ڪھڙي خبر . جنهن تي احمد چيو ته چاچا غم اسان جو مقدر آهن اسين به توهان وانگر غريب آهيون منهنجو پيءُ به توهان وانگر معذور آهي هيءُ هڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هو جتي هن جي ٽنگ ڪٽجي وئي پر اڄ به هنن جي خواهش آهي ته آءٌ پڙهي وڏو ماڻهو ٿيان جنهن ڪري منهنجي ماءُ سخت محنت ڪندي آهي .سلو احمد جي ڳالھه ٻڌي هن جي مٿي تي شفقت جو ھٿ ڦيريو ۽ چيو ته پٽ منهنجو به هڪ پٽ آهي ،جيڪو منهنجو سڀ ڪجھه آهي آءٌ چاھيان ٿو ته اهو به پڙھي پر آءٌ هن کي پڙھائي نٿو سگھان هن کي پڙھڻ جو شوق به ڏاڍو آهي . احمد چيو ته چاچا تون فڪر نه ڪر تون پنهنجي ننڍڙي کي اسڪول موڪل آءٌ هن جي مدد ڪندس خدا چاھيو ته اهو هڪ ڏينھن وڏو ماڻهو ٿيندو .سلو ٻئي ڏينهن پنهنجي پٽ کي اسڪول وٺي آيو احمد هن جي هر طرح جي مدد ڪندو هو هن استادن کي به سڄي ڳالھه ٻڌائي هئي اهي به سلو جي پٽ جي مدد ڪندا هئا سلو معذوري هوندي به پھرين کان وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳو . هن کي پنهنجو خواب پورو ڪرڻو هو . وقت گذرندو ويو احمد سلو جي پٽ کي پاڻ سان گڏ پڙهائيندو رهيو . اڄ هنن پنهنجي ڊاڪٽري جي تعليم پوري ڪئي هئي ۽ ڊگرين ڏيڻ جي لاءِ هڪ سيمينار ٿي رهيو هو .جنهن وقت اعلان ڪيو ته هن سال سڄي ڪاليج ۾ ٻه ڄڻا نمبر کڻي آيا آهن اهي احمد ۽ واجد (سلو جو پٽ) آهن . سڀني هنن جي ڪاميابين تي تاڙيون وڄايون سلو پنهنجو خواب پورو ٿيندي ڏسي خوش ٿي رهيو هو.جڏهن واجد کي ڳالھائڻ جي لاءِ چيو ويو ته هن چيو ته اڄ جيڪو مونکي ايوارڊ ملي رهيو آهي ان جو حقدار آءٌ نه پر احمد ۽ منهنجو پيءُ آهن جن هر قدم تي منهنجي مدد ڪئي . اڄ به منهنجي پيءَ جا جذبا جوان آهن اڄ آءٌ اوهان کي پنهنجي پيءٌ سان ملائيندس اهو ان ڪري جي ڪنهن مسئلي کي مجبوري نه سمجھو پر همت ڪريو جيئن اسان جي سماج ۾ رهندڙ سڀني غريبن جا ٻار پڙهي سگھن . جنهن وقت واجد جي پيءُ کي احمد مٿي اسٽيج تي وٺي آيو ته سڀ حيران ٿي ويا ته احمد جي پيءُ معذور ي هوندي ڪيئن نه پنهنجي پٽ کي پڙھايو آهي .اسان کي به هن جي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي . هر ٻار کي علم جي لاٽ سان منور ڪرڻ گھرجي .معذُري ڪڏهن به مجبوري نه ٿيڻ ڏجي . پر سلو وانگر ارادا ۽ جذبا مضبوط رکڻ گھرجن . مضبوط جذبن سان ڏکي منزل به آسان ٿي ويندي . پن ڇڙ خادم گھراڻو آسمان تي چنڊ چمڪي رھيو ھو ان جي چانڊوڪي ۾ هر شيءَصاف نظر اچي رھي ھئي ھو به گھر کان ٻاھر نڪري هڪ جڳھه تي اچي ويھي رهيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو پر هن کي ڪجھه به نظر نه آيو اچي هڪ وڻ جي هيٺيان ويھي رھيو . ائين لڳي رھيو هو ته ڄڻ هو ڄڻ هو ڪنهن مسئلي جي ڪري پريشان هو هن کي ماحول اداس لڳي رهيو هو هن پنهنجي منهن چيو ته اڄ موسم اداس ڇو آهي اڄ هوا ۾ گيت نه آهن اهي ماڻھو نه آهن جن جي جھوپڙن مان اهي سريلا آواز اينداهئا اهي جھوپڙا لاڏ ائو ماڻهن جا هئا انهن ۾ هڪ ڇوڪري هوندي هئي جنهن جي صورت به ته سيرت به سھڻي هوندي هئي هن جي گلي ۾ اھڙو سوز هوندو هو جو هرڪو هن جا گيت ٻڌندو هو هوءِ چنڊ جي رات جو ڪافي وقت تائين ڳائيندي هئي هي به هن جا گيت ٻڌڻ لاءِ ايندو هو . هي اتي ويٺو هو ته ڳوٺ جو هڪ همراھه اتان گذريو هن چيو ته اڄ هتي گيت نه گونجندا اهي سدائين لاءِ هتان ويا هليا آهن . گيت ڇيڙڻ واري اهڙي هنڌ ويئي آهي جتان ڪير به واپس نه ايندو آهي هي پريشان ٿي ويو هن پڇيو ڇا ٿيو آهي . هن چيو ته پٽ تون شھر ۾ رهندو آهين توکي ڪھڙي خبر هوندي . ڪجھه ڏينهن پهرين هن جي جھڳي ۾ ڪي اوباش آيا جن هن جي عزت کي داغدار ڪرڻ چاهيو هن پنهنجو بچاءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دانهون ڪيون جنهن تي ڳوٺ وارا سجاڳ ٿي پيا اهي ڀڄي ويا پر انهن مان هڪ ڄڻي هن کي گولي هڻي ڪڍي . هيءَ اسپتال پهچڻ کان اڳ هميشه لاءِ خاموش ٿي ويئي هنن انصاف لاءِ دانهون ڪيون پر هنن کي انصاف نه مليو اهي دل ۾ ڏک ۽ ارمان کڻي هتان لڏي ويا ڪهڙي پاسي ويا جنهن جي ڪنهن کي به خبر نه آهي هاڻ اسان جي ڳوٺ ۾ ڪڏهن به گيت ٻڌڻ ۾ نه ايندا . ڪجھه دير هي خاموشرهيو پوءِ اداس قدم کڻي ڳوٺ طرف هلڻ لڳو . هن جي دل مان اهو آواز نڪتو ته اڄ هتان گيتن جي پن ڇڙ ٿي ويئي سڪل ۽ ڪريل پن ڪڏهن به ساوا نه ٿيندا آهن . صفائي خادم گھراڻو اڪبر عمر جي لحاظ کان ننڍو هو پر هن جا خيال جوان هئا هي مئٽرڪ ۾ پڙهي رهيو هو اڪثر پنهنجي دوستن کي چوندو هو ته زندگي جو اصل مزو ٻين جي لاءِ جيئڻ ۾ آهي ماڻھو ٻين جي مدد ڪندو رهي هي والدين جو اڪيلو پٽ هو هن جا مائٽ هن جي همت کي ڏسي پيا باغ بهار ٿيندا هئا اڪثر پنهنجي پيءَ کي چوندو هو ته صفائي اڌ ايمان آهي پر اسان جي پاڙي ۾ گند ڪچرو ڇو آهي ناليون گندي پاڻيءَ سان ڀريون پيون آهن رستا سڀ گندا ٿيا پيا آهن جنهن جي ڪري جيوڙا ۽ مڇر وڌي رهيا آهن ۽ بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن . هن جو پيءُ هن کي چوندو هو ته پٽ جيڪي وڏا باشن ڏيندا آهن اهي ڪجھه به ڪري نه سگھيا آهن پاڻ غريب ڇا ٿا ڪري سگھون ؟جنهن تي هيءُ چوندو هو ته بابا پاڻ سڀ گڏجي همت ڪريون ته سڀ ڪجهه ڪري سگھون ٿا صفائي ڪرڻ ۾ ڪو به عيب نه آهي پيءُ پٽ جون ڳالھيون ٻڌي پيو خوش ٿيندو هو ته منهنجي پٽ جي دل ۾ ٻين جي لاءِ ڪيترو جذبو آهي خدا کيس سکيو رکي کيس منهنجي عمر به ڏي . هڪ دفعي اوچتو هن جي ماءُ بيمار ٿي پئي هن کي گيسٽرو ٿيو ترت علاج جي ڪري هن جي جان بچي وئي .ڊاڪٽر هن جي پيءَ کي چيو ته هيءَ خطرناڪ بيماري آهي هن مان ڪو ڪو بچندو آهي . اڪبر وچ ۾ پڇيو ته اها بيماري ڪيئن پيدا ٿيندي آهي ڊاڪٽر هن کي ٻڌايو ته پاروٿيون شيون کائڻ ، ڪنو پاڻي پيئڻ ۽ گندگي جي ڪري اها بيماري پيدا ٿيندي آهي . اڪبر گھر اچي سوچيو ته اسان جي پاڙي ۾ گندگي آهي پوءِ ته اسان جي پاڙي جا ماڻھو بيمار ٿي پوندا .هن فيصلو ڪيو ته ائون اڪيلو پنهنجي پاڙي کي صاف ڪندس ۽ پاڙي جي ماڻھن کي بيمارين کان بچائيندس . هي روز پنهنجي پاڙي جي صفائي ڪندو هو هن جي پاڙي مان گند ڪچرو ختم ٿيندو ويو جڏهن پاڙي جي ماڻھن هن جي همت کي ڏٺو ته هن جو ساٿ ڏيڻ لڳا هنن جو پاڙو صاف ٿيڻ لڳو ۽ هن جي همي ٻڌي جذبي کي ڏسي ڀر جي پاڙي وارن به پنهنجي همت تحت صفائي شرو ع ڪئي ائين اهو سلسلو وڌندو ڏسندي ڏسندي سڄو شھر صاف ٿي ويو ڪٿي به گند ڏسڻ ۾ نه آيو ۽ ماڻھو گھر جو گند ڪچرو به هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لڳا . هڪ ڏينهن پاڙي وارن اڪبر کي چيو ته پٽ تو اسان کي سيکاريو ته زندگي جو اصل مزو ٻين جي لاءِ جيئڻ ۾ آهي .اسان کي اڄ خبر پئي ته صفائي جھڙي ٻي ڪابه شيءِ نه آهي . ورندو امن جو واءُ خادم گھراڻُو اليڪشن جي موسم هئي هر طرف چهچٽو لڳو پيو هو هرڪو پنهنجي پسند جي اميدوار جي ورڪ ۾ رڌل هو هر هنڌ بينر ۽ وال پوسٽر لڳل هئا ڀتين جو ڪوبه ٽڪرو خالي نه هو ڀتيون بينرن ۽ وال پوسٽرن سان ڀريل هنيون هر ڪنهن جي تمنا هئي ته اسان جو اميدوار کٽي اڪبر جو دوست اصغر به اليڪشن ۾ بيٺو هو هي هن جي ورڪ ۾ رڌل هو هڪ ڏينهن اڪبر کي سندس پيءُ چيو ته سڄو ڏينهن پيو ورڪ ڪرين ان مان توکي ڪهڙو لاڀ ملندو جنهن تي هي چوندو هو ته بابا جڏهن عوامي ۽ محنتي ماڻهو اليڪشن کٽي ايندا تڏهن ماڻهن جا مسئلا حل ٿيندا روڊ رستا ٺهندا ماڻهن جون مشڪلون ختم ٿينديون شهر ترقي ڪندا ووٽ هڪ امانت آهي .اصغر جي آئون ورڪ ڪري رهيو آهيان هو منهنجو دوست ۽ پنهنجي پاڙي جو آهي بابا اوهان کي ته خبر آهي ته هن سدائين ٻين جي مدد ڪئي آهي هن سماجي ڪم ڪيا آهن پاڻ ڏک سهي ٻين کي سک ڏنا آهن ٻين جي مدد ڪئي آهي هي اليڪشن ۾ کٽي ايندو ته فائدو ٿيندو جنهن تي هن کي پيءَ چيو ته پٽ ماڻهو چون ٿا ته اليڪشن ۾ جھيڙا ٿيندا آهن جنهن تي هن چيو ته بابا جھيڙا نه آهن ٿيندا . آخر اهو ڏينهن به اچي ويو جنهن ڏينهن ماڻهن کي پنهنجو ووٽ ڏئي پنهنجي پسند جو اميدوار چونڊڻو هو .اڪبر ان ڏينهن به سرگرم هو ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ وٺي اچي رهيو هو جيئن ماڻهو پنهنجي ووٽ کي استعمال ڪري سگھن . هن کي ان دوران اوچتو اطلاع مليو ته هن جي پيءَ جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي هي ڪم ٻين جي حوالي ڪري پيءَ کي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويو ڊاڪٽر هن جي پيءَ کي چيڪ ڪري دوائون لکي ڏنيون ۽ چيو ته دوائون شھر مان ملنديون هي پيءَ کي ڇڏي شھر مان دوائون وٺڻ ويو جنهن گھٽيءَ مان هي گذري رهيو هو اتي جھيڙو ٿي پيو هن سوچيو ته جھيڙي مان ڇا ورندو وري به نقصان کان پوءِ صلح ٿيندو پر جاني ۽ مالي نقصان ته ٿيندو هي انهن ئي سوچن ۾ وڃي رهيو هو ته هڪ لٺ هنجي مٿي ۾ لڳي هي ڪري پيو هن کي اسپتال پهچايو ويو . جتي هي بيهوش هو .شام جو جڏهن نتيجو آيو ته هن جو دوست کٽي ويو سڀ هن کي مبارڪ ڏيڻ آيا پر اڪبر نه آيو هن کي پريشاني ٿي جڏهن هن کي خبر پئي ته اڪبر جيئن شھر ويو آهي وري واپس نه آيو آهي هن به شھر جو رخ ڪيو اتي هن کي خبر پئي ته هن جو دوست اسپتال ۾ داخل آهي اهو زخمي آهي جڏهن اڪبر کي هوش آيو ته هن پنهنجي دوست کي اداس ڏٺو هن سمجھيو ته اصغر هارائي ويو آهي تنهن ڪري اداس آهي هن همت ڪري اصغر کي چيو غم نه ڪر وري اليڪشن ۾ بيهنداسين هيءَ جيڪا نفرت آهي ان کي ختم ڪنداسين هن اڪبر کي ڀاڪرن ۾ وڏو ۽ چيو يار پاڻ کٽي ويا آهيون مون کي اهو فڪر آهي ته توکي ڪنهن هن حال ۾ پهچايو آهي تو ته ڪنهن کي به ڏک نه ڏنو آهي جنهن تي اڪبر چيس هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو نفرت مري ويندي محبت جيئندي هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جڏهن امن جو پکي مٺيون ٻوليون ٻوليندو ان لاءِ پاڻ کي جدو جهد ڪرڻي پوندي ائين ٻئي هڪ ٻئي سان گلي مليا ۽ رب کان دعا گھرڻ لڳا ته اي الله هن ڌرتيءَ کي امن جي ڌرتي بنائي هن ۾ رهندڙن ماڻهن جي دلين ۾ محبت جا ديپ جلائي . خوشين ڀري عيد خادم گھراڻو رمضان جو مهينو هلي رهيو هو هرڪو روزا رکي عيد جون تياريون ڪري رهيو هو هر ڪنهن جي تمنا هئي ته سٺا سهڻا ڪپڙا پايون پر اوچتو اٺين آڪٽوبر تي زلزلو آيو جنهن هر ڪنهن جو جيءُ جھوري وڌو هرڪو توبه تائب ٿيڻ لڳوزلزلي کان پوءِ اڪبر جو جيءُ جھري پيو هو هن جي من ۾ عيد جي تياري جي ڪابه تمنا نه هئي هڪ ڏينهن هي ٽي وي تي ويٺو هو ته هن هڪ منظر ڏٺو هڪ معصوم ٻار جيڪو سال جو به نه هو پنهنجي ماءُ کي جھنجھوڙي رهيو هو ڄڻ هن کان کير طلبي رهيو هو پر هن جي ماءُ هڪ وڏي پٿر جي هيٺ ستل هئي اهڙي ننڊ ۾ ستل هئي جنهن مان هن کي ڪير به اٿاري نٿي سگھيو هن فلم اڪبر جي ذهن کي اهڙو قابو ڪيو جو هي سڄي رات ان منظر بابت سوچيندو رهيو ته هاڻ هن معصوم ٻارجو ڇا ٿيندو هن کي ڪير سهارو ڏيندو هن کي ممتا جو پيار ڪير ڏيندو هن جو ڇانورو ڪير ٿيندو هن جو مستقبل ڪيئن ٿيندو . هن فيصلو ڪيو ته هنن جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي صبح جو هي هر اسڪول ۾ ويو هن هر گھر جي دروازي تي صدا هئي ته هنن جي مدد ڪريو هي پنهنجا آهن هن وقت پنهنجي سهاري جا طلبگا ر آهن هن پنهنجي شھر ۽ آس پاس ڳوٺ مان امداد گڏ ڪري رليف ڪئمپ ۾ جمع ڪرائي رات جو جڏهن هي گھر آيو ته هن جي گھر وار عيد جي خريداري بابت ڳالهيون ڪري رهيا هئا هرڪو پنهنجي پسند ٻڌائي رهيو جڏهن هن جي پيءَ جي نظر هن تي پئي ته هنکي اداس ڏٺو ۽ پريشان ٿي ويو هن جي پيءَ هن کي چيو ته پٽ عيد تي توکي ڇا کپي ٻڌائي جيڪي چوندي اها شيءَ توکي وٺي ڏيندس جنهن تي هن چيو ته جيڪڏهن توهان ناراض نه ٿيو ته هڪ ڳالھه چوان هن جي ماءُ چيو ته پٽ ٻڌائي ڇا ڳالهه آهي جنهن تي اڪبر چيو ته هن عيد تي پاڻ ڪوبه سامان نه وٺنداسين پر سادي نموني عيد جي خوشي ملهائي عيد ۾ عيد ملهائينداسين . بابا توهان کي خبر آهي ته هن وقت اسان جي ملڪ ۾ زلزلو آيو آهي ڪيترا ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن اڃا به ڪيترا مٽيءَ اندر دٻيل آهن جيڪي زخمي ٿيا آهن يا بي گھر ٿيا آهن انهن کي هن وقت اسان جي مدد جي ضرورت آهي جيڪڏهن اسان انهن جي ڏک ۾ هنن جو ساٿ ڏنو ته اسان کي اصل عيد جو مزو ملي ويندو اهي به اسان جا پنهنجا آهن هن ملڪ جا رهاڪو آهن پر هن وقت بي يارو مددگا ر آهن انهن جو علاج ڪرائڻ انهن جي لاءِ اجھو ٺاهڻ اسان جو فرض آهي نون ڪپڙن وٺڻ بدران انهن جي مدد ڪجي اڪبر جي ڳالهه هن جي پيءَ کي ڏاڍي وڻي هن کي ڀاڪر ۾ ڀري چيائين ته پٽ اصل زندگي جو مقصد به اهو آهي ته پنهنجي لاءِ سڀڪو جيئي ٿو پر مزو تڏهن آهي جڏهن ٻين جي لاءِ جيئجي . اڪبر جي ڳالهه کي سڀني پسند ڪيو اهو فيصلو ڪيو ته هن سال عيد تي ڪابه خريداري نه ڪبي جيڪي به عيد جي لاءِ پئسا رکيل آهن اهي رليف فنڊ ۾ جمع ڪرائبا ٻي ڏينهن اڪبر پنهنجي پيءُ سان گڏ سڀ رقم رليف فنڊ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي . جڏهن عيد آئي ته هنن نون ڪپڙن بنا عيد ملهائي پر سڀني کان خوش هئا هنن کي خوشين ڀري عيد جو مزو ملي ويو هو . مسزماستر خادم گھراڻو نائله ۽ آصف هڪ ٻئي کان محبت ڪندا هئا هڪ ڏينهن اهڙو آيو جڏهن هي ٻئي هڪ ٻئي جا ٿي ويا هنن شادي ڪري ڇڏي آصف بي اي پاس هو پر بيروزگار هو هڪ ڏينهن آصف نائله کي چيو ته ٻي ڪابه نوڪري نٿي ملي استادن جون جايون خالي آهن اتي ٿا نصيب آزمايون اڪبر اتي ڪوشش ڪئي هن کي نوڪري ملي وئي نائله اڻ پڙهيل هئي هن کي استادن جي عظمت جي خبر نه هئي پر آصف خوش هو ڇاڪاڻ جو هي پيغمبري پيشي سان منسلڪ ٿي ويو هو .نائله چوندي هئي ته اها به سٺي نوڪري آهي حڪومت جي آهي پگھار مان گھر جو گاڏو پيو هلندو . آصف ماستر بنجي ويو نائله مسز ماستر بنجي وئي ماڻهو هن کي ماستر جي زال ڪري سڏيندا هئا ته هيءَ ڏاڍي خوش ٿيندي هئي پر هن کي اها زبر نه هئي ته هن دور ۾ قدر پيشي جو نه پر پئسي جو آهي .هڪ ڏينهن هيءَ اضف جي هڪ دوست جي پارٽي ۾ وئي جتي مختلف ماڻهن جون زالون هنيون اتي هڪ تپيدار جي زال هئي جنهن چيو ائي ڏسو ماستر جي زال گاڏيءَ مان لٿي آهي ڄڻ ماستر جي زال نه پر ڪنهن آفيسر جي زال هجي ٻيءَ چيو ته لئي ته ڏسوس ڪيڏي آهيس پر اٿس جسم تي سون جو ذرو به ڪونه آئون ڏسو سڄي سون ۾ ڀري پئي آهيان چنڊ وانگر پئي چمڪي ٽين عورت چيو ته ڀت تي پيون رليون سڪن ڪڏهن طعام رڌين ڪڏهن ڪونه رڌين آئون ڳرين هوٽلن ۾ ماني کائيندي آهيان پنهنجي حيثيت ڏسن ڪونه آئي آهي اسان جھڙن جي پارٽي ۾ ادي به خبر نه آهي ڪيئن هنن کي ايڏو ويجھو ڪيو آهي نائله کي انهن لفظن ڏاڍو صدمو رسايو گھر اچي روئڻ لڳي جڏهن آصف آيو ته ان کي سڄي ڳالهه ٻڌائي جنهن هن کي چيو ته اداس نه ٿي استاد جو مان مرتبو بلند آهي استاد پيغمبري پيشو آهي تون هڪ استاد جي زال آهين اهي عورتون جن توتي ڇوهه ڇنڊيا آهن انهن جي مڙسن کي به ان منزل تي استاد ئي پهچايو آهي هو چمندي چام ڪونه هئا اڄ دولت جي نشي ۾ انڌا آهن انهن کي استادن جو مرتبو وسري ويو آهي .نائله ڏس پاڻ وٽ صبر ۽ شڪر آهي آرام آهي انهن وٽ دولت کان سواءِ ڪجھه به نه آهي هن چيو ته ڇا پنهنجو اولاد به ائين رهندو هن چيو چري نه ٿي پنهنجو اولاد خدا گھريو اهڙو ٿيندو جو ان جو آئيندو روشن هوندو ماڻهو ان تي فخر ڪندا ۽ چوندا هي استاد آصف جو لائق فرزند آهي جيڪي هن وقت نفرت ٿا ڪن اهي خودئي سلام ڪندا تون رڳو رب تي ڀروسو رک صبر ڪر جيڪو مقدر ۾ لکيل هوندو اهو ضرور ٿيندو اهو خدا جي طرفان صبر جو امتحان آهي تڏهن تون ماستر جي زال بني آهين اهو امتحان پاڻ کي پاس ڪرڻو آهي تون پنهنجي غمن کي لڪائي ڇڏ . ڪجھه گھڙين کان پوءِ نائله جي لبن تي مرڪ آئي هن چيو ته آئون پاڻ کي ماستر جي زال سڏائينديس مون کي سمجھه ۾ اچي ويو آهي ته استادي عظيم پيشو آهي منهنجو مڙس ان سان لاڳاپيل آهي مون کي فخر آهي .ان کان پوءِ ڪير به هن کان پڇندو هو ته ادي تون ڪير آهين ان کي اهو جواب ڏيندي هئي ته ائون ماستر آصف جي زال مسز ماستر آهيان .(بشڪريه روزاني آفتاب حيدرآباد 1990ع هفتيوار صفحو مارئي ۾ هيءَ ڪهاڻي شايع ٿيل آهي ) خود ڪشي خادم گھراڻو هوءَ روزانو سريلا ڳيچ ڳائيندي رهندي هئي . هن کي اها به خبر نه هئي ته غم ڇا ٿيندا آهن هوءَ پنهنجي دنيا ۾ مشغول ۽ محو هوندي هئي هر ڪنهن سان قرب سان ڳالهائيندي هئي هرڪنهن کي ماما چئي سڏ ڪندي هئي هرڪو هن کي ادي چئي سڏ ڪندو هو . اڪبر به هتان لنگھندو هو هن جا گيت ٻڌندو هو . اڪبر روزگار سانگي شھر ويو هليو ڪجھه وقت کان پوءِ جڏهن هي هتان گذريو ته هن کي ڳيچ ٻڌڻ ۾ نه آيا .هنکي محسوس ٿيو ته ساڳيو ڳوٺ ساڳيا ماڻهو ساڳيو ماحول آهي پوءِ ڳيچ ڇو نه آهن اتي ماما چوڻ واري ڇو نه آهي هو پريشان ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو هن دل ئي دل ۾ چيو شايد مائٽن هن جي شادي ڪرائي ڇڏي هوندي ۽ هوءَ پنهنجي اصل گھر وئي هلي هوندي . هي اڃان اتي ئي بيٺو هو ته اتان هن جو ڀاءُ اچي لنگھيو هن ان کان پڇيو ته ادي مومل ڪٿي آهي اڪبر جو اهو پڇڻ هي اداس ٿي ويو اڪبر کي وٺي اچي هڪ وڻ وٽ بيهاريو ۽ گلن جي ٻوٽن ڏانهن اشارو ڪري چيو ته اها اٿئي ادي مومل ،ادي مري وئي اسان کان ڇڏي وئي .ڪجھه وقت لاءِ اڪبر پريشان ٿي ويو وري هن کان پڇيو ته ادي مومل کي ڇا ٿيو جنهن تي هن جي ڀاءُ چيو ته هڪ ڏيهن امان ادي کي دڙڪا ڏنا۽ م،ار ڏني ته ڳائيندي نه ڪر . ادي سڄو ڏينهن روئندي رهي .رات جو جيت مار دوا پي ڇڏي .جنهن سان ادي مري وئي هاڻ ادي اسان سان گڏ نه آهي . هن پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏيو . اها اٿئي ادي مومل جي قبر .ائين چئي هي لڙڪ لاڙيندو هليو ويو.اڪبر به ڪافي وقت مومل جي قبر کي ڏسندو رهيو . هن جي ڳالهين کي ياد ڪندو رهيو ڪجھه دير اتي بيهي اداس قدمن سان واپس ڳوٺ جي طرف هلڻ لڳو .
جواب: خادم گھراڻو جون ڪهاڻيون ادا سائين توهانجون حساس موضوعن تي لکيل ڪهاڻيون پڙهي سچ مچ ته اسان کي اندروني طور جهنجهوڙي ڇڏيو۔ڪارو ڪاري اسان جي معاشري کي ناسور وانگر ختم ڪري رهئي آهي۔اها ڪهڙي جوانمردي آهي جو پنهنجي انا ۽ نام نهاد عزت جي خاطر معصوم نياڻن کي ڪاري جي ڪوڙي تهمت لڳئي قتل ڪيو ٿو وڃئي،اسان جي ڌرتي جي پوئتي پيل حصن ۾ ڪارو ڪاري هڪ واپار جي حثيت اختيار ٿو ڪندو وڃي۔ڪنهن به ماڻهو کي ڪارو قرار ڏئي ان جي زندگي پيسئن جي عيوض بخشي ٿئي وڃي۔انهن جا ثبوت آوهان کي ڪنده ڪوٽ ۽ جيڪب آباد ۾ عام ملندا۔اسان کي ته انهن وڏيرن ته شرم ٿو اچئي جيڪي ڪارو ڪاري جي ڪوڙن الزامن تي نياڻن ۽ مردن جي قتل جا حڪم صادر فرمائين ٿا۔اهئي ايئن ڪڏهن نه ٿا سوچين ته انهن نياڻين ۽ مردن جي جڳھ تي انهن جا پنهنجا اولاد به ٿئي سگهن ٿا ،ڇا هو انهن جو قتل جو حڪم ڏئي سگهندا؟ ادا سائين توهانجي ٽن ڪهاڻين جو هيرو اڪبر آهي۔ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اڪبر نالي وارو فرد توهان کي ڏاڍو پيارو آهي۔اڪبر سائين جي وڌيڪ نصحيت ڀريل ڪهاڻين جو انتظار رهندو۔توهان جون محنت سان لکيل ڪهاڻيون پنهنجي اندر وڏو پيغام رکن ٿيون۔توهانجون مهربانيون۔