دوستو مونکي اردو فونٽس گھربل آهن، انهن جو طريقو ٻڌايو ڪٿان ڊاونلوڊ ڪيان ۽ ڪيبورڊ به کپي جنهن کي ڏسي ڏسي لکجي، جيڪڏهن توهان کي خبر ھجي ته ضرور آگاھي ڪندا مهرباني، دعائن جو طلبغار: عرفان ديشي
جواب: سنگت معلومات کپي۔۔۔ ادا عرفان اوهان جي لا سڀ کان آسان سکيا هيٺين ٻن لنڪس تي آهي۔۔۔۔۔ هڪ ، http://www.typeurdu.com/ ٻئي ، http://www.urdukeyboard.com/ توهان کي ڪيبورڊ جو لي آئوٽ گهربل هيو۔۔ اهو هي آهي۔۔ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ اردو انسٽال ڪرڻ جي لا اردو فونٽ انسٽالر ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔ ڊائونلوڊ ڪرڻ جي لا هتي ڪلڪ ڪريو دعا ۾ ياد... .
جواب: سنگت معلومات کپي۔۔۔ ادا ديشي اوهان پهنجي ايڪسپلولر 8 يا وري موزيلا ۾ وڃي هي لنڪ کوليو آن لاين اردو ڪي بورڊ اوهان کي ملي ويندو جيڪو استعمال ڪرڻ ۾ به آسان آهي پر اهو گوگل ڪروم ۾ ڪم نٿو ڪري اردو ڪي بورڊ ي وڃڻ لاء هتي ڪلڪ ڪندا
جواب: سنگت معلومات کپي۔۔۔ واهه سنگت واهه۔۔۔ مست جي اچڻ کان اڳ ۾ درويش ۽ جهوني ماڻهو پنهنجو ڪرتب ڏيکاري ڇڏيو۔۔۔ جيئي سنڌ سلامت
جواب: سنگت معلومات کپي۔۔۔ ادا عرفان ديشي صاحب۔اسلام عليڪم ۔ادا اميد ته اوهان کي اردو ڪي بورڊ ۽ ان کي ڊائون لوڍ ڪرڻ لاء صحيحِِي معلومات ادا علي علي ۽ ادا عمران درويش جي ٻڌايل لنڪن مان ملي ويو هوندو ۽ توهان جي مشڪل حل ٿئي ويئي هوندي۔
جواب: سنگت معلومات کپي۔۔۔ اهو ته ٿيو اردو جو غالبا فونيٽڪ ڪي بورڊ۔۔۔! پر جيڪڏهن توهان کي ايم بي سنڌي بيس تي اردو ڪي بورڊ گهرجي۔ يعني جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اسان کي جيئن ايم بي سنڌي ڪي بورڊ جي الفابيٽڪ آهي، انهي وانگر اردو الفابيٽ سيٽ ٿيل هجي (واضح هجي ته اردو جو اهو ڪي بورڊ ايم ايس آفيس لا آهي) هن لنڪ تان ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا۔ http://www.4shared.com/file/bpQhSyz9/Urdu_KB.html