اڄ عيد جي ٻي ڏينهن تي مون وٽ سچل ڳوٺ ۾ حفيظ ڪنڀر آيل هو! ڪافي دير جي ڪچهري ٿي جنهن ۾ حسبِ عادت گهڻو وقت ته کلائيندو رهيو۔ سچل ڳوٺ جي ئي هڪ دوست عمران ميراڻي سان به ملياسين۔ هُتي به محفل جي گفتگو جو رنگ اهو ئي رهيو۔ حفيظ صاحب نوجوانن کي سمجهائڻ لاءِ پنهنجو هِڪ قؤل ٻڌايو جيڪو هتي ونڊ ڪجي ٿو۔!
جواب: حفيظ ڪنڀر جو قؤل! ادا عبدالحفيظ،ٻئلي ڏاھا ٿيو، ادا سليمان وساڻ جي شادي جا ڏيهن تمام نزديڪ آهن۔انهن کي ته اهڙا سخن ٻڌائي نه ڍيڄاريو۔مس مس ته سائين راضي ٿيو آهي۔(هههههههههههه ههههههههههه ههههههههههههه)
جواب: حفيظ ڪنڀر جو قؤل! محترم حفيظ ڪنڀر جو ڳالهيون اکين تي، اوهان دوست سندس ڪچهري جي مٺاس مان مستفيض ٿيا ۔۔۔ اسان لئه خوشي جو مقام آهي ۔۔۔۔ باقي رهيو سندس ٻول ته ان بابت منهنجي سوچ ڪجهه هن طرح سان آهي" ايڊوينچر انگريزي ٻوليءَ جو گهڻيون معنائون رکندڙ لفظ آهي، جنهن جي معني آهي سفر ، ڳولها، تحقيق، استعمال وغيره وغيره۔ انڪري بيشڪ شادي هڪ ايڊوينچر ئي آهي ... جنهن ۾ هر ڪم ڪرڻ کانپوءِ جا نڪرندڙ نتيجا به مختلف هجن ٿا ... ڪٿي انجو نتيجو اڳرو ته ڪٿي انجو نتيجو ماکيءَ کان به مٺو آهي ... شادي عورت ۽ مرد جو هڪ اهڙو ٻڌڻ آهي جنهن مان انساني فصل پئدا ٿئي ٿو انڪري آءُ شاديءَ کي انسان جو عظيم عمل سمجهندو آهيان ... ۽ ڪوشش ڪري هر ان نوجوان کي جيڪو شاديءَ جي لائق هوندو آهن انکي اتساهيندو آهيان ته هو جلد کان جلد شادي ڪري .... ها هڪ ڳالهه ياد رکو جيڪڏهن زمين ۾ ٿوهر ڇٽيندا ته ٿوهر ملندا ۽ جي گل ڇٽيندا ته گل، انڪري شادي به هڪ اهڙو ئي عمل آهي جيڪڏهن سچي نيت ۽ انجي اهميت کان واقف هجبو ته نتيجو به سٺو نڪرندو ۽ جيڪڏهن نيت ۾ کوٽ ۽ ڪا لالچ هوندي ته نتيجو به بڇڙو ۽ ڀيانڪ هوندو ... تجربا پنهنجا پنهنجا ۔۔۔ شادي لئه اهو به چيو ويندو آهي ته ” اهڙو لڏون جيڪو کائي سو به پڇتائي ۽ جيڪو نه کائي سو به پڇتائي“ ۽ اڳتي چيو ويندو آهي ”ته پو کائي ڇونه پڇتائجي ۔۔۔“ انڪري نوجوانن کي گذارش آهي ته گهٻرايو نه ۔۔۔ گهري پئو ان گهيڙ ۾ ۔۔۔ الله سڻائي ڪندو سنڌ سلامت ساٿ سلامت