سوچجي۔۔۔ دل ڏاريندڙ شاعري


سوچجي.....

آءُ سُکَن وارا ته ڪنهنجي دل ڏکي تي سوچجي۔
موت جي پاسي ڌِڪيندڙ مُفلسي تي سوچجي۔

ڪير ٿو ڪاتِي قُبولي ساههُ سڀ کي آ مٺو۔۔۔
ڪا ته مجبوري اٿس۔۔۔۔ تنهن خود ڪشي تي سوچجي۔

ڪو ڳڀي لئه ٿو لڇي۔۔۔ ڪنهنجا ڪُتا آهن سکيا۔
ڇو نه تنهن مسڪين جي ماني رُکي تي سوچجي۔۔

مون ڏٺو آهي ويچارن کي ٻچا وڪرو ڪندي۔
آ وَسَ وارا انهن جي بي وسي تي سوچجي۔۔

ڳا عظمي ڳا پنهنجي قوم کي جاڳا تو۔۔
دور ناهي جو رڳو هڪ دل لڳي تي سوچجي۔۔




دعا ۾ ياد..
 
جواب: سوچجي۔۔۔ دل ڏاريندڙ شاعري

ادا عمران ماشآء الله زبردست سوچ واري شاعري آهي اگر اهڙا شاعر هوندا ته يقينا ماڻهن ۾ بيداري پيدا ڪري سگهندا۔
 
جواب: سوچجي۔۔۔ دل ڏاريندڙ شاعري

ادا عمران ماشآء الله زبردست سوچ واري شاعري آهي اگر اهڙا شاعر هوندا ته يقينا ماڻهن ۾ بيداري پيدا ڪري سگهندا۔

بلڪل ادا رحيم بخش توهان جي ڳالهه درست آهي اهڙي شاعري بيداري ۾ اهم ڪردار ڪندي آهي۔
پسند ڪرڻ جي مهرباني،،۔۔۔
 
جواب: سوچجي۔۔۔ دل ڏاريندڙ شاعري

الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن ۔۔۔۔ هي سٽون اسانجي لطيف سرڪار شايد اوهانجي مٿئين سوچ سبب ئي لکيون آهن ۔۔۔ هڪ حساس انسان جڏهن هن سماج ۾ بدصورتي ۽ انساني بدڪاري ڏسي ٿو ته بلڪل اوهان جهڙي حالت ٿي وڃي ٿي ۔۔۔

ڏکوئيندڙ احساس پر اثر لفظن ۾ بيان ٿيل آهي ۔۔۔

جس لهڻو اوهان ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سوچجي۔۔۔ دل ڏاريندڙ شاعري

ڪير ٿو ڪاتِي قُبولي ساههُ سڀ کي آ مٺو۔۔۔
ڪا ته مجبوري اٿس۔۔۔۔ تنهن خود ڪشي تي سوچجي۔


ادا عمران دروِيش صاحب اسلام عليڪم۔جنهن انسان جي دل ۾ انسان ذات جي محبت هوندي آهي،ان جي دل ۾ توهان جي شاعري جهڙا احساس پيدا ٿيندا اهن ۔ان ڳاله ۾ ڪو به اختلاف نه ٿو ٿئي سگهئي ته بغير ڪنهن وڏي سبب جي ڪو به ماڻهو خودڪشي ڪرڻ ته ٺهيو پر ان جي باري ۾ سوچي به نه ٿو سگهئي۔انهن حالتن جي باري ۾ ته ڪير به ويچار نه ڪندا آهن ،رڳو خودڪشي ڪرڻ واري کي نديدا آهن۔توهان جي شاعري اسان کي گهڻو ڪجه سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي۔توهان جا لک لائق۔
 
Back
Top