يونس! هڪ نه ٽُٽندڙ ارادي جو ٻيو روپ!

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2011۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,774
    ورتل پسنديدگيون:
    5,823
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    1981 جي ميهوڳي مند ۾ اٺين مهيني جي نائين تاريخ تي پنجن ڀيڻن جي اڪيلي ڀاءِ جي آمد ٿي ته گهر ۾ ڄڻ ته خوشيون ڦهلجي ويون۔ مبارڪن جا سلسلا، مٺاين جا دؤر ۽ ڳيچ گيت پئي هليا۔ ننڍڙي جي شڪل کي ڪنهن ڏاڏا سان ته ڪنهن وري پيءُ سان پئي ڀيٽيو۔۔۔۔۔ڪِن وري ڪجهه گهڻو غور ڪندي مشابهت لاءِ نڪ، چپ ۽ نراڙ الڳ الڳ پئي ڀيٽيا هن جي وڏڙن سان۔۔۔۔۔ ننڍي کي ته ڏٺي ته ڍؤ ڪنهن جو به نه پئي ٿيو پر هي جنهن جي پُٺ جو ٿيو يعني کائنس وڏي ڀيڻ کي به پئي دعائون مليون وڏي ڀاڳ واري آهي جو حاجي جانُو واري حاجي شريف جي آس پڄائي اٿس۔ ۽ ايئن اهو ڏينهن حاجي شريف جي گهر جشن جو سما هو جنهن کي ان وقت ڪمائي سانگي سعودي ويل حاجي شريف به يقينا پرديس ۾ ياد ڪيو هوندو۔ ڪجه ڏينهن کان پوءِ سعودي مان تار ذريعي حاجي شريف اهو چئي موڪليو ته ننڍڙي جو نالو يونس رکيو وڃي۔ سندس اها تجويز پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي گمنام ڪرڪيٽر محمديونس کان متاثر ٿي ڪري هئي ۽ ايئن وقت ويو گذرندو۔

    حاجي شريف به ڪجه سال سعودي عرب رهي پنهنجي جمع پونجي کڻي وطن وريو ۽ اچي پنهنجي اباڻي ڌنڌي اٽي جي چڪي سنڀاليائين۔ انهي کان علاوه حصي ۾ آيل اباڻي ٻني به ڏسڻ لڳو۔ پراڻي جهوپڙا هٽ چڪي کي پٽ ڪرائي نيون مشينون ۽ وڏي پٿر واري چڪي لڳائي ته ڳوٺ ۾ بلي بلي ٿي وئي۔ سڄي ڳوٺ توڙي ٻهرڙاين جا ماڻهو اٽو پيهائڻ حاجي شريف وٽ اچڻ لڳا هئا۔ حاجي شريف انهي ڪم کان علاوه پي پي پي جو به سرگرم ڪارڪن رهيو ۽ محترمه ذاتي طور سندس خيال پئي رکيو۔ ڳوٺ ۾ پي پي جي حوالي سان ڪو ڪم هجي يا ڪا سرگرمي حاجي صاحب پيش پيش هوندو هو۔ ۽ يونس به ننڍي نينگر مان ڇوڪرو ٿي ويو ۽ اسڪول وڃي ڪاٺ جي پٽي تي سَر جي پين سان الف ب ت کي الف انب، بي بلا، ۽ تي تارو سکڻ لڳو۔ ۽ وقت جو وهڪرو اٺ سال لوڙهي ويو ۽ حالتن جي ناؤ جيئن جو تيئن هلندي رهي۔ حاجي صاحب ڏينهنون ڏينهن ويو وڌندو۔

    پر چوندا آهن ته ته هر ڪمال کي زوال آهي سو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    يونس اٺون ڪلاس پاس ڪيو ته ڄڻ اک ڇِنڀ ۾ حالات بدلجي ويا۔ حاجي صاحب جي اٽي جي چڪي وئي ويهجي۔ ٻنين تي پاڻي جي رسائي گهٽ ٿيندي ٿيندي بند ٿي وئي۔ ۽ سال اندر يونس اسڪول، حاجي صاحب اٽي جي چڪي ۽ هارين ٻني پوکڻ ڇڏي ڏِني۔ الاءِ ڪنهن جي نظر لڳي وئي هئي حاجي صاحب جي خاندان کي۔ سال اڳ جا جوڀن الاءِ ڪاڏي گُم ٿي ويا۔ پوءِ اٽي جي چڪي بند ٿي وئي۔ زمينون مقاطعي چڙهي ويون۔ ۽ ڪجه وقت اڳ آئي وئي جي مهل ڪرڻ وارو حاجي شريف آڻيون ۽ چاڙهيون تي اچي بيٺو۔پي پي پي وارن تي به اهو انتهائي ڏکيو دؤر هو۔ محترمه ٻاهر هلي وئي۔ نواز شريف جو تختو مشرف اُلٽي ڇڏيو۔ سو حاجي شريف گهر تائين محدود ٿي ويو۔
    يونس ڏکيو سکيو پرائيويٽ مئٽرڪ ڪيو ۽ ائين ئي انٽر ميڊيئيٽ به۔ پر وقت جو گاڏو ويو ڏکيو ٿيندو۔ نيٺ يونس کي وقت کان اڳي ئي ذميواريون کڻڻيون پيون۔ ننڍي هوندي کان لکڻ پڙهڻ جي شوق سبب يونس ۾ ادبي ذوق هو۔ کيس ٻارڙن جي رسالن طرفان ڀرپور موٽ ملندي هئي ۽ هي لکندو رهندو هو۔ آهستي آهستي هن حالاتِ حاضره تي آرٽيڪل به لکيا جيڪي مختلف اخبارن ۾ ڇپيا۔ اهو سندس ادبي لاڙو ئي هو جيڪو انهي وقت ڪم اچي ويو ۽ هن کي حيدرآباد جي هڪ مذهبي تنظيم جي اخبار ۾ سَب ايڊيٽر طور رکيو ويو۔ کيس هُتي پريشاني ته ٿيندي هئي جو هڪ ته نج مُلاڻو ماحول هو ۽ ادبي لحاظ کان فقط اِها اخبار ئي هئي۔ نه ته رُڳو جهادين جا ترانا ۽ تقريرون جِن جو مقصد صرف جهاد لاءِ راغب ڪرڻ هو۔ هُتي ٻي وڏي پريشاني پنهنجي سيڪيورٽي به هئي۔ ڇو ته هِن تنظيم تي مختلف وقتن ۾ پابنديون به لڳنديون رهيون۔ ۽ ڇاپا هڻي آفيسون سيل ۽ هُتي موجود مولوين کي گرفتار ڪيو ويندو هو۔ يونس کي به مولوين ڏاڙهي رکائي هڪ نوجوان مولوي جو روپ ڏيئي ڇڏيو سو هِن جو به هر وقت ساه مُٺ ۾ هوندو هو هو پر پيٽ جي ڪري اها جاب ڪرڻي ٿي پئي۔ پوئتي حال ڏينهون ڏينهن ويا بگڙجندا۔ مقاطعي تي ڏنل زمينون رهيون ته مقاطعو کڻندڙن وٽ پر فصلن جو حال نه هُجڻ سبب پيمينٽ نه ٿيندي هئي ۽ ٿيندي هئي ته ايتري جو گذارو نه ٿيئي۔ يونس جي ڪمائي تي گهر هلڻ لڳو پر هتي هن تنظيم لاءِ ويا ڏينهن ڏکيا ٿيندا ۽ هڪ وقت اهڙو آيو جو مڪمل پابندي لڳي وئي ۽ رات پيٽ ۾ دفتر سيل ٿيا ۽ هزارين ڪارڪن (مولوي) گرفتار ٿيا۔ اتفاق سان انهي رات يونس وٽ حاجي شريف به آيل هو ساڻس ملڻ لاءِ۔ پر يونس کي وقت تي کُڙڪ پئجي وئي ۽ هو هُن کي وٺي نڪري آيو مون وٽ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آئون انهي وقت يونيورسٽي ۾ فرسٽ ايئر ۾ هئس ۽ قاسم آباد ۾ دوستن سان گڏ هڪ ڪرائي جي فليٽ ۾ رهندو هئس۔ اِها رات ڪچهري ڪندي يونس الاءِ ڪيترا دفعا چيو هو ته” يار تون پڙهين پيو اسان پيٽ پوڄا ۾ ئي ڦاٿل آهيون ۽ سر بچائيندا وتون۔ انٽر بيس تي ڪا نوڪري به ڪانهي ٻيو ڪو چارو به ناهي۔“ ڪافي دير تائين اسان ڪچهري ڪندا رهيا هئاسون انهي رات۔۔ ڪمال کي زوال پر يونس پوءِ به انهن همراهن کي نه ڇڏيو جيڪي نالومَٽائي وري ڪراچي ۾ ڪم شروع ڪري چڪا هئا۔ يونس ڪجه وقت هنن سان هل پارڪ وٽ به ڪم ڪيو ۽ پوءِ جڏنهن اها اخبار بند ڪري مئگزين ڪڍڻ لڳا ته عملي کي لاهور موڪليو ويو۔ يونس به انهن سان گڏ هليو ويو لاهور۔ جتي به ٽي سال لڳايائن۔ مُلاڻي ماحول کان سدائين بيزار هن نيٺ اها نوڪري ڇڏي ۽ 2004 ۾واپس موٽي آيو۔ هتي اچي جمع ڪيل ڪجهه پئسن مان ٻيهر اٽي جي چڪي کوليائين ۽ زمين به واپس وٺي پوکائڻ شروع ڪيائين۔ 4 سال جي مسلسل جدوجهد کان پوءِ حالات ڪجهه ڪجه بهتر ٿيا۔ مائٽن جي زور تي ماما جي گهران پرڻجي ويو ۽ جلدي اولادي به ٿي ويو۔ پر پوءِ به گذارو ڪجه ڏکيو هو۔

    هِن ٻني حاجي شريف کي سنڀالڻ جو چيو ۽ اٽي جي چڪي پنهنجي سؤٽ حوالي ڪئي ۽ پاڻ ٻچا ڇڏي بدين جي هڪ سماج سڌارڪ ۽ سوشل ايڪٽيوسٽ محمد خان سمون جي معرفت گولاڙچي جي نيشنل سائنس ڪالي آف آرٽس اينڊ بدين ۾ اڪائونٽنٽ جي جاب ورتي ۽ محمد خان سمون جي ئي مهربانين سان بي اي ۾ داخلا ورتي۔ ڪجهه وقت کان پوءِ اسڪول جا اضافي ڪم به سنڀاليائين مثلا هاسٽل وارڊن، ڪمپيوٽر ڪلاسز (ياد رهي ته يونس اخبار ۾ نوڪري دؤران ڪمپيٽر جي چڱي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ فوٽو شاپ ۾ ايڪسپرٽيز به حاصل ڪيون) ۽ ڪجه اهڙيون ٻيون اضافي چارجز به ورتيون جنهن جا کيس اضافي پئسا به مليا ٿي۔ انهي کان پوءِ شام جو ٻارن کي ٽيوشنس به پڙهائيندو ۽ پورو سال ڏينهن رات هڪ ڪري ڪمائيندي ايئن ئي گذري ويو۔ انهي ڪمائي سان پوين گهر وارن جو گذر سفر صحيح هليو پئي ۽ ٻني مان ٿيندر اپت مان سيونگ ٿيندي وئي۔ته جيئن ايندڙ فصلن لاءِ ڀرپور سيڙپ ڪجي ۽ سُٺي آمدني ٿيئي۔
    انهي دؤران يونس فلاحي ڪمن ڪارن جي لاءِ پنهنجي علائقي لاءِ هڪ تنظيم دي فائونڊرس ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن بدين به رجسٽر ڪرائي۔ يونس جو مقصد هو ته ڳوٺ ۾ تعليم، بک بدحالي، صحت جي سهولتن جي اڻاٺ ۽ ماحولي تباهي جي حوالي سان ڪم ڪجي۔

    انهي تنظيم کي وقت ڏيڻ لاءِ ۽ ٻچن ڀيڙو ٿيڻ لاءِ يونس ڪاليج مان رزائين ڪري جون 2011 ۾ ڳوٺ پهتو۔ ڳوٺ پهچي هڪ دوست سان گڏجي سِٽي اسڪول جو بنياد رکيو ۽ هڪ سٺي ۽ سلجهيل پڙهيل نوجوانن کي اسڪول ۾ ٽيچرس ڪري رکيو۔ ڇو ته ڳوٺ ۾ هڪ معياري پرائيويٽ اسڪول جي ضرورت ڪافي وقت کان محسوس ڪئي پئي وئي۔ ۽ پاڻ پنهنجي تنظيم لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو۔

    پر لکيو ڪجهه ٻيو ئي هو۔ هن ڀيري برساتن ۽ سيلابن جي ڪري ٻوڏ اچي وئي جنهن ۾ يونس جي زمينن ۾ بيٺل بمپر فصل (جيڪو وڏي عرصي بعد گهڻي خرچ کان پوءِ ٿيو هو) لُڙهي ويو۔ اسڪول جي عمارت ڪريڪ ٿي وڃڻ ڪري اسڪول تباه ٿي ويو۔

    پر هِن روائتي ماڻهن جيان ويهي مٿو پِٽڻ بجاءِ پنهنجي تنظيم کي فعال ڪيو ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري ڪم ڪيو انهي حوالي سان سندس
    رپورٽ سنڌسلامت تي موجود آهي۔

    هتي هي سڀ لکڻ جو مقصد آهي ته همت نه هارجي ته زندگي جا لاڙها چاڙها گهر ۽ رستا ته ڪرائي ۽ لوڙهي سگهن ٿا پر ماڻهو جا جذبا نه۔ يونس جيڪو هِن وقت پنهنج معاشي زندگي هڪ دفعو وري زيرو کان شروع ڪري رهيو آهي پر اوهان ڏسو ته هُن جي چهري تي ڪا به پريشاني ناهي۔ کيس هاڻي به اها فڪر ناهي ته سندس ٻار ڪيئن پرهندا ۽ ڪيئن پلندا پر کيس اهو اونو آهي ته ملڪاڻي شريف جو اسڪول ڪڏنهن کلندو؟ ۽ ملڪاڻي ۾ ماڻهن جي زندگي ڪيئن بحال ٿيندي؟ هو اڄ به روز آفيسن جا ڌڪا کائي ڪڏنهن ڳوٺ وارن لاءِ ڪا نه ڪا ايڊ وٺڻ ۾ لڳو رهي ٿو۔



    [​IMG]




    يونس پنهنجي پٽ علي سان گڏ!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: يونس! هڪ نه ٽُٽندڙ ارادي جو ٻيو روپ!

    ماشاالله ادا سائين يونس جي محنت ۽ سندس جاکوڙ کي ڏسي کيس سلام پيش ڪجي ٿو

    الله ڪندو ته هڪ ڏينهن اهي ڏکيا ڏينهن به دور ٿئي ويندا

    انهي لا۽ ته وڏڙا چوندا آهن ته ڏکن پٺيان سک ، سکن پٺيان ڏک

    بيشڪ ادا همت نه هارجي ، همت مردان مدد خۡدا

    لاجواب آرٽيڪل لکڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: يونس! هڪ نه ٽُٽندڙ ارادي جو ٻيو روپ!

    ماشاالله ادا يونس جي محنت ۽ سندس جاکوڙ کي ڏسي کيس سلام پيش ڪجي ٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو