محمد يوسف شاڪر ابڙو ۽ سيد علي بخش شاهه جو لکيل مضمون

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2011۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    نصرپور جو هڪ عالم عارف ۽ فارسي گو شاعر
    سيد قائم شاھ بخاري تحرير : مرحوم حاجي يوسف ”شاڪر“ ابڙو
    سنڌ جو جھُنو شھر جيئن پنهنجي هنر کان مشهور آهي تيئن عالمن ۽ بزرگن کان به مشهور آهي هتي ساداتن جا ڪيترائي قبيلا رهن ٿا . جن مان بخاري سادات به هڪ مشهور قبيلو آهي بخاري سيدن جو وڏو ڏاڏو سيد جلال الدين منير شاهه مير سرخ بخاري هو هيءُ ڀلارو بزرگ ترڪستان جي علائقي جي بخارا شهر مان لڏي سنڌ ۾ آيو هو هيءُ اهو زمانو هو جڏهن منگوليا جي منگول پنهنجي سردار چنگيز خان جي هٿ هيٺ مسلامنن ملڪن تي حملا ڪري ملڪن جا ملڪ تباھ ڪري رهيا هئا .انسانن جو قتلِ عام ڪري رهيا هئا ۽ رت جي بارش وسائي رهيا هئا . انهيءَ وقت انسانن جا ڪٽڪ پناھ حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي متعلقين جي جان بچائڻ جي لاءِ سنڌ ڏانهن اچي رهيا هئا . مير جلال بخاري به انهن سان گڏ هن علائقي ۾ آيو هو . پاڻ سدائين ڳاڙها ڪپڙا پائيندو هو تنهن ڪري کيس سرخ بخاري سڏيو ويندو هو .پاڻ پهريائين ملتان ۾ آيو جتي مخدوم بهاؤ الدين زڪريا ملتانيءَ جو مريد ٿيو ۽ پوءِ مرشد کان خلافت به حاصل ٿيس . ان کان پوءِ پاڻ بکر جي رضوي ساداتن جي علميت جي هاڪ ٻڌي بکر ۾ آيو جتي سيد بدرالدين شاھ سندس بزرگي ۽ زهد کان متاثر ٿي کيس پنهنجي داماديءَ جو شرف بخشيو ان شاديءَ سبب ڪن ماڻهن ساڻس حسد ڪيو تنهن ڪري پاڻ اتان لڏي اتر طرف سنڌو درياءُ جي ڀرتي ڪندڙ شاخن جي ملتان واري جاءِ (پنج ند ) جي ويجھوهڪ مٿانهين جاءِ تي اچي رهيا جنهن جو نالو اوچ ( اوچي يا مٿانهين زمين ) پئجي ويو پاڻ جنهن ٽڪريءَ تي رهيا ان کي اوچ بخاريان سڏيو ويو .ٻئي طرف جتي جيلاني بزرگ رهن ٿا تنهن کي اوچ جيلانيان چئجي ٿو سندن اتي اچي رهڻ کان اڳ انهيءَ پاسي هندو قومون گھڻي انداز ۾ رهنديون هنيون ۽ اهو سڄو علائقو ديو ڳڙهه سڏبو هو پر هن ڀلاري هستي جي اچي آباد ٿيڻ سان ڪيتريون هندو قومون مسلمان ٿيون جن مان سيال به آهن .پاڻ هتي 642هجريءَ اچي پڪي طرح آباد ٿيا سندن اولاد به گھنو وڌيو ويجھيو . آخر پاڻ 650 هجريءَ ۾ وفات ڪيائون . سندن مزار اوچ شريف ۾ آهي . جتي سندن اولاد اڄ ڏينهن تائين به رهي ٿو . سندن پوٽا سيد صدرالدين راجو فتالي اسلام جي تبليغ ڪندو وڃي گجرات مان نڪتو ۽ اتي ئي رهيو ٻيو پوٽو جيڪو سندن هم نام هو ۽ گھڻن ملڪن گھمڻ سبب کيس مخدوم جلال جھان گشت چوڻ ۾ آيو سو سڀ اسلامي ملڪ گھمي مڪي شريف ۾ گھڻو رهيو ۽ ڇهه حج ڪيائين ڪيترن ئي خدا وارن کان فيض پرايائين . اوچ شريف مان مخدوم جلال سرخ بخاريءَ جي اولاد مان ڪي بزرگ لڏي هندساتن جي ٻين علائقن ڏانهن وڃي رهيا .سنڌ ۾ به ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اچي رهيا حيدرآباد شهر جي ڀرسان هڪ ديهه ، ديهه بخاري سڏي ويندي آهي ڇو جو ان ديهه ۾ بخاري سادات اچي رهيا هئا . ان کان سواءِ اڏيرو لال لڳ ديهه ڇراؤ ، شاهپوردرپور تعلقو مٽياري ۽ نصرپور ۾ به بخاري سادات رهن ٿا . جن بابت سنڌ جي پراڻي تاريخ ” تحفة الڪرام “ ۾ به ڪجھه ذڪر آهي . مير علي شر قانع ” تحفة الڪرام “ ۾ لکي ٿو ته سيد اسحاق بخاري ۽ ان جو پٽ سيد محمد محسن ۽ ڪي ٻيا بخاري سادات نصرپور ۾ اچي رهيا جي گمراهن کي هدايت وارو رستو ڏسيندا هئا .انگريزي دور ۾ به هنن بزرگن ۾ سيد قائم شاھ بخاري نالي هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي هو صاحب عربي ۽ پارسيءَ جو ماهر هو پارسيءَ ۾ گھڻو شعر چيو اٿس جنهن ۾ مقطع ۾ هڪ مصرع ۾ پنهنجو نالو قائم شاھ ڪم آندو اٿس ۽ ٻي مصرع ۾ پنهنجو تخلص شهنشاھ آندو اٿس . ديوان شهنشاھ اڃا تائين قلمي حالت ۾ موجود آهي ديوان شهنشاھ جي غزلن جي بناوت بي بها تشبيهن ۽ مضمون جي لحاظ کان عجيب شيءِ آهي .سنڌيءَ ۾ بيت ، ڏوهيڙا ، وايون ،ڪافيون ، مولود ۽ مدحون گھني انداز ۾ چيا آهن . سيد قائم شاھ جي والد جو نالو سيد اميد علي شاھ هو جنهن کي مريد ۽ ٻيا معتقد اميدن ڀريو چوندا هئا . هيءُ بزرگ 1245 هجري بطابق 1808ع ۾ نصرپور ۾ تولد ٿيو سندن والد به ديني علمن ۾ سلوڪ جو ڄاڻو هو ان ڪري پاڻ پنهنجي تعليم پنهنجي پيءُ وٽ شروع ڪيائون ڪجھه وقت کان پوءِ پيءُ جي صلاح ۽ اجازت سان سيوهڻ ۾ وڃي شهباز جي درگاه تي رهيا اتيئي عبادتون ۽ رياضتون ڪرڻ لڳا ۽ اتان ئي مٿن فيض جي پالوٽ ٿي ۽ ڪجھه ڏينهن کان پوءِ کين وطن واپس ورڻ جي موڪل ملي پاڻ موٽي ڳوٺ آيا اچي اباڻا اجھا وسايائون پنهنجن مان سادي به ڪيائون جنهن مان کيس علي بخش شاھ نالي پٽ ڄائو وٽن سدائين مجلس متي پئي هوندي هئي پاڙي ۾ رهندڙ سندن خليفا درس ۽ ٻاهرين مريدن مان هڪڙا پيا ويندا هئا ته ٻيا پيا ايندا هئا . پاڻ 1319هجريءَ ۾ وصال ڪيائون سندن مزار مائٽاڻي مقام ۾ آهي .
    سندن شعر و شاعري بابت سنڌي شعر بابت : پاڻ هڪ سچي مومن مسلمان وانگيان پنهنجي ڪلام جي شروعات رب جي نالي ۽ سورة الاخلاص سان ڪئي اٿن ( اسان احترامن اهي شعر شايع نه ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ مڪمل سورة آهي ). ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هي بزرگ وحدانيت جي رنگ ۾ پوري طرح رڱيل آهي . پنهنجي شعر جي شروعات قرآن شريف جي سورة الاخلاص جي آسان سنڌي ترجمي سان جنهن نموني ڪئي اٿس اهڙو سولو سنڌي ترجمو مون ٻئي ڪنهن هنڌ نه پڙهيو آهي جيئن وحدانيت جي رنگ ۾ رڱيل آهي تيئن رسالت مآب حضرت محمد ﷺ جي ساراھ به جنهن نموني ڪئي اٿن سو به سندن ئي حصو آهي . مولودن ۽ مداحن کان پوءِ ٻيو ڪلام وايون ڪافيون ۽ بيت جن ۾ سلوڪ ۽ تصوف جا نڪتا آهن عجيب نموني بيان ڪيا اٿن ڪجھه ڪلام سرائيڪي ٻوليءَ ۾ به چيو اٿن بيتن ۾ ناصحانو ڪلام به چيو اٿن . جيئن چيو اٿن :
    ڪَلجُگ مان قائم شاھ چئي تون ڀورا اٿي ڀڄيج ، جتي ورنائي ينشيون اُتي وڃي ويهيج ،
    ڪپر کي ڪاپار مان توجهه ساڻ تڙيج ، قندي تڪبر طمع کي سامي نيئي ساڙيج ،
    طلب تات تواضع جي ساھ مَ سلائيج ، مڃ محبت جو من ۾ مانجھي مچائيج ،
    نئڙت ۽ نياز سان نرمل نينهن رکيج ، دم سجايا دوست سان خوشيءَ ساڻ کڻيج .
    ڪلفت ۽ ڪينو رکڻ کان منع ڪئي اٿن نياز ۽ نئڙت کي نوراني نعمت ٻڌايو اٿن جيئن چون ٿا ته :
    ڪلفت ۾ قائم شاھ ضرر ۽ ذلت ، عيب اپٽڻ ٻئي جو آھ وڏي علت ،
    نئڙت ۽ نياز ۾ سڀ نوراني نعمت اِيُ خاصن جي خصلت عامي چون اتي
    سندن ڪلام ۾ ڏاڍي سٺي منظر نگاري ٿيل آهي مثال طور :
    عمر اسان جي ڏيهه ۾ پُسيءَ مند پنهوار ، چنيو ڇڳا چڳيون ڪن ڌارو ڌار ڌڻار ،
    ڪين پروڙين قائم شاھ چوي ڀُلاءَ مان پنهوار ، جيئن تو وٽ باغ بهاريان تيئن هُت گسن ۾ گلزار ،
    جيئن هت شاخون باغن ۾ تيئن هت ڏونرن ڀريا ڏار ، جيئن هت ڇڳا ڊاک جا تيئن هُت لامن لڏن ليار ،
    جيئن هت ليما لَس باغن ۾ تيئن هُت گولون ڪن گُلڪار ،
    سندن بيتن ۽ ڪافين ۾ مارئي بابت گھڻو ڪلام آهي ڪجھه بيت جوڳ ۽ سارنگ جا به چيا اٿن جيئن هي بيت جوڳ جو آهي :
    سامي ڪڍيج سرير مان ميا ڪا ساڳا ، ڏيئي گڏج گر کي اکين اوجاڳا
    سامي سڀاڳا گُر وٽ تنهنجي گودڙي
    ٻين شاعرن وانگر راتين جي عنوان سان به ڪي بيت چيا اٿن :
    چوٿينءَ ساريم ساڙيهه جا گولاڙا ۽ گاھ ، سڪي ٿو ساڙيهه کي منهنجو ساھ پساھ
    ملنديس ماروءَ کي ڪندو ا ئين الله جلّ و على ٿئي سجايو ساڙيهه ۾ مان پويون سندم پساھ ،
    آهيم مهڙ ملير ڏي ڄاڻي هيڪ الله ، شال واري نيندم ويڙھ ۾ جت منهنجو ساھ پساھ ،
    ڪڏهن کڻنديس قائم شاھ چئي وڃي پکن منجھه پساھ ، اٿم وڏو ويساھ وري ويڙھ وڃڻ جو .
    نج سنڌي لفظ هڪ ئي بيت ۾ هم معنى ڏاڍي سحني نموني ڪم آندا اٿن هڪڙو بيت مثال طور ڏجي ٿو :
    ڪُوڙي قائم شاھ مانَ پيغمبر پهرائي ، ڏَڏُ ڏوهاري ڏُٻرو هيءُ ٻانهُو ٻاڏائي
    مينهن جي قد بت رنگ روپ ۽ سڱن وغيره جي بناوت موجب نالن جو دستار ته ڏسو ته ڪيئن ڪيو اٿس :
    ٿڌي واري ٿرن جي ٿڌيون ٿڌڪارون ، ڀاڳيا ڪن ڀاڻن ۾ کي ڪنڍين ڳٽڪارون ،
    ڪَڪين ڪڙمين کي ڪن طرحين تنواريون ، ڀيليون گوشيون تاسريون ماڻڪيون موچاريون ،
    ڪڪيون ڪن ڪانهن ۾ منجهه گوشيون گلزاريون ، گوشيون گاهن ۾ ڪن ڪڙميون قطارون ،
    ساڻن ٽهاڻيون ڪڪيون ڀوريون ڪاريون .
    نوٽ : هي مضمون استادن ،شاگردن ۽ ڄاڻ جي پڙهندڙن جي معلومات جي لاءِ حق موجود جي هڪ پراڻي پرچي تان ورتو ويو آهي جنهن جا پنا بلڪل ختم ٿيل هئا جيڪڏهن ڪٿي ڪا غلطي ٿي هجي ته ادارو معذرت ڪري ٿو .
    نصرپور جو هڪ عالم عارف ۽ فارسي گو شاعر
    سيد قائم شاھ بخاري تحرير : سيد علي بخش شاھ بخاري
    سيد قائم شاھ بخاري پنهنجي دور جو بزرگ ، صوفي ۽ شاعر هو . سندس ولادت سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور ۾ 1225 هجري بمطابق 1808 ع ۾ بخاري خاندان ۾ ٿي . بخاري خاندان جو هي ڪامل ولي الله سيد اميد علي شاھ جو فرزند هو پاڻ سيد شير شاھ جلال عرف سيد جلال الدين سرخ بخاري جي خاندان مان آهن سندن ڏاڏو سيد شير شاھ جلال بخارا کان هجرت ڪري بکر ۾ آيو هو . اتي رهي سيد بدرالدين بکريءَ وٽان رشتو ڪيائين سندس همعصر ۽ پيارا دوست سيد عثمان مروندي ( قلندر لعل شهباز ) شيخ بهاؤالدين ذڪريا ملتاني ۽ داتا گنج بخش هئا . سيد شير شاھ ڪجھه وقت کان پوءِ اُچُ شريف ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ اتي ئي مدفون آهن سندن خاندان مان سيد ابراهيم شاھ بخاري 1016 هجريءَ ڌاري حيدرآباد کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي سنڌو درياءَ جي اڀرندي ڪپ واري ايراضي جنهن کي ان وقت ڪانگن کاڌِي سڏيو ويندو هو ۽ هن وقت ديهه بخاري سڏجي ٿي سڪونت اختيار ڪئي سندس مقبرو اڄ به موجود آهي . سيد ابراهيم شاھ جي پشت مان سيد ابو اسحاق شاھ بخاري نصرپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي جنهن جو ذڪر مير علي شير قانع تحفة الاڪرام ۾ به ڪيو آهي . سيد ابو اسحاق شاھ جي اولاد کي مير فتح علي خان ٽالپر سندن گذران لاءِ ٻنڌَ جو علائقو جاگير طور عطا ڪيو مير صاحبن طرفان ڏنل پروانه اڄ به خاندان جي پئين وٽ محفوظ آهن .
     
  2. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    جواب: محمد يوسف شاڪر ابڙو ۽ سيد علي بخش شاهه جو لکيل مضمون

    سيدقائم شاھ بخاري نصرپور جو بزرگ ۽ شاعر هو سندس فارسي ۽ سنڌي شاعري اڄ به سندن پونيرن وٽ محفوظ آهي ڄاڻ جي لاءِهيءُ ليک ڏجي ٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو