سنڌ جي تاريخ جو هڪ جھونو ورق ملڪهء سلطانه فخرالنساء زينب تحرير : مرحوم حاجي سعدلله ” سپاهي “ ابڙو سومرن جي ٻئي تاجدار دودي اول عرف مسلل دولھ پڇاڙيءَ عمر ۾ گوشه نشيني جي زندگي گذارڻ جو ارادو ڪيو تنهن ڪري سنه 481 هجريءَ ۾ حڪومت جون واڳون پنهنجي ڌيءَ زينب کي ڏنائين ڇاڪاڻ ته سندس فرزند شهزادو سنڪار عرف شهابالدين اڃا ننڍو هو . زينب هئي ته زال پر سندس تدبير ۽ سياست دانيءَ کان ملڪ جا اهل حڪومت به دنگ ۽ حيران رهجي ويندا هئا هي عورت پر مرداني همت پرده نشين پرنامور نازڪ بدن . پر بهادر راڻي جي نازڪ ۽ بهادر هٿن ۾ جڏهن عنان ملڪ آئي تڏهن پنهنجي غير معمولي حوصلي ۽ عظيم الشان استقلال جي ڪري پنهنجو نالو دنيا جي چئن ڪنڊن ۾ ظاهر ڪيائين . دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريائين ته سنڌي زالون اعلى دماغ ۽ بلند حوصلي ۾ پنهنجو نظير نٿيون رکن . زينب 14 شعبان 481 هجري مطابق 1086ع ۾ تخت تي جلوه افروز ٿي ۽ ان ڏينهن هڪ وڏو جشن ڪرايوهيائين پاڻ کي ملڪه عُظمى جو لقب ڏياريائين ان ڏينهن سڀني اميرن ۽ وزيرن کي خلعتون ۽ لقب ۽ انعام ڏنا هئائين .ملڪه دربا ۾ هڪ ڪاري رنگ جو جو عربي وضع جو برقعو پهريندي هئي ۽ سڀڪو حڪم پنهنجي زبان سان ڏيندي هئي ۽ جيڪو به ڪاغذ دربار مان جاري ٿيندو هو تنهن جي پنهنجي سر جانچ پڙتال ڪندي هئي فوجي کاتي تي پڪو ڌيان ڏيندي هئي . سندس محرر اعلى امير منشي فاطمھ حميد نالي هڪ عورت هئي .وزير اعظم سڀ رپورٽون محرر کي پهچائيندو هو ۽ وزير اعظم کي حڪومت جي باري ۾ هدايتون به ان محرر جي ذريعي ڪيون وينديون هيون گويا فاطمھ حميد حڪومت جو صدر باب ( چيف منسٽر ) هئي .ملڪه اعظم کي فارسيءَ عربي ۾ گھڻي مهارت هئي .خوشخطيءَ ۾ ان جھڙو مرد به ڪو ورلي هوندو ذهين وري اهڙي هئي جو جيڪي ڪاغذ هڪ ڀيرو نظر مان ڪڍندي هئي سي ڪيترن سالن بعد به ٻڌائي سگھندي هئي جنگي فنن ۾ به ماهر هئي تلوار بازي۽ گھوڙي سواريءَ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريندي هئي ان هوندي به ڪنهن بيگاني سندس چهرو بنا برقع نه ڏٺو هن بيدار مغز خاتون پنهنجي خداداد لياقت سان اهڙي نموني حڪومت هلائي جو ڪنهن به بني آدم کي چون و چرا ڪرڻ جي جرئت نه ٿي .ملڪه عظمى سخت عابده ۽ پرهيز گار هئي ٻين نمازن سان گڏ تهجد پڙهڻ ۾ به ڪڏهن قضائي ڪانه ڪندي هئي سندس دور حڪومت ۾ يعني 487هجري ۾ بغداد جي خليفه مقتدي با الله کي سندس ٻانهيءَ زهر ڏيئي ماري ڇڏيو ان ڪري سندس فرزن مستنطهر با الله تاجِ خلافت پهريو خليفي جي خدمت ۾ ملڪه نهايت قيمتي تحفا سوغاتون موڪليون ۽ مرحوم خليفي جي موت تي همدردي ۽ سندس تخت نشينيءَ جي مبارڪباد موڪلي جنهن ڪري خليفو نهايت خوش ٿيو ۽ ملڪه کي خلعتن کان علاوه فخرالنساءِ جو معزز خطاب عطا فرمايائين .سنه 491 هجري مطابق 1096ع ۾ جڏهين سندس تخت نشينيءَ کي ڏھ ورهيه پورا ٿيا تڏهين شهزادي سنڪار به عالم شباب يعني 20 ورهين ۾ پير پاتو هن ڪري ملڪه عظمى حڪومت جي پيچيده معاملات کان خلاصه حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي ناموس ۽ وقار برقرار رکڻ لاءِ هن ضروري ڄاتو ته حڪومت کان دست بردار ٿي شهزادي جي نوجوان ۽ طاقتور ڪلهن تي حڪومت جو بار رکجي حالانڪه هن يڪدم ائين ڪيو .3 شوال 491 هجري بروز جمع جي هيءَ بيدار تخت شهزادو وڏي شان و شوڪت سان تخت تي ويٺو شهزادو اهڙو ته حسين هوندو هو جو جيڪو هڪ دفع ڏسندو هو ٻيو دفعو ڏسڻ جو خواهشمند رهندو هو ازانسواءِ مدبر عادل ۽ فياض به هو ملڪه عظمى فخرالنساءِ زينب 30 ورهين جي ڦوھ جوانيءَ ۾ سنه 502 هجري ۾ هن بي بقا دنيا کان لاڳاپو ٽوڙيو مگر جلد ئي سنه 503 هجريءَ ۾ شهزادو سنڪار عرف شهاب الدين به بنا اولاد مري ويو جنهن ڪري سندس زال همون ٻائي پنهنجي ڀاءُ فخرالملڪ کي تخت تي ويهاريو جيتوڻيڪ بادشاھ مرڻ وقت پنهنجي ڀاڻيجي فتو خان جي تخت نشينيءَ بابت وصيت ڪئي هئي .ملڪه عظمى ڏهن سلن جي عرصي ۾ دنيا تي اهو ڌاڪو ڄمايو جو تاريخ ۾ سونن اکرن سان لکڻ لائق آهي . ان وقت سنڌ موجوده پاڪستان جيتري هئي ايڏي ساري ملڪ تي يڪا ڏھ سال دٻدٻي سان حڪومت هلائڻ ڪا چرچي جي ڳالهه نه هئي ان لاءِ اعلى دماغ ۽ عقل جي ضرورت هئي ان مان ملڪه عظمى جي قابليت کي پرکي سگھجي ٿو .مگر افسوس جو ڪيترن سنڌين کي ته فقط اهائي خبر ڪانهي ته ڪو سنڌ تي ڪنهن رضيه سلطانه ، وڪٽوريا ۽ چاند وانگر هڪ نازڪ بدن پر بهادر پرده نشين پر حشمت واري ملڪه حڪومت ڪندي هئي تاريخدانن کيس زينب تارو ڪري سڏيو آهي .
جواب: مرحوم سعدالله سپاهي ابڙو جو لکيل مضمون مرحوم سعد الله سپاهي ابڙو نصرپور جو رهواسي هو پرائمري استاد هو هڪ بهترين شاعرهو اڄ به نصرپور ۾ هن استاد جا شاگرد موجود آهن سندن هيءُ لکيل ليک ڄاڻ جي لاءِ ڏجي ٿو
جواب: مرحوم سعدالله سپاهي ابڙو جو لکيل مضمون سنڌ جي تاريخ جو هڪ سونهري پنو ونڊ ڪري سائين محترم خادم گهراڻي لک لائق لاتا آهن ۔۔۔ بيشڪ سنڌ جي هن سونهري باب جي خبر تمام گهٽ ماڻهن کي هوندي ۔۔۔ سنڌين جي ذهانت ۽ حڪمت ته تاريخ ثابت ڪري ٿي، اسانجي دور جي محترمه بينطير ڀٽو پڻ قابل ذڪر آهي جنهن پنهنجي ڏاهپ سان ڏيهان ڏيهه پنهنجي نانوَ جو ڌاڪو ڄمايو ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت