نصرپور جي تاريخي مسجد

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2011۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    گونگي جا گفتا محمد خان خادم گھراڻُو
    مسجد امير نصر/ شاھجھان مسجد نصرپور
    نصرپور سنڌ جو هڪ قديم ۽ تاريخي شهر آهي هن شحر جي وڏي حيثيت رهي آهي ماضي ۾ اڪبر اعظم جي زماني ۾ چئن سرڪارن سيوهڻ ،بکي ،عمرڪوٽ ۽ نصرپور هنيون . هن شهر مان درياءُ وهندو هو جنهن ڪري هيءُ شهر پاڻي جي ڪري اهم رستو هوندو هو . حامد علي خان خانائي موجب هن شهر رستي ڏيساور ملڪن سان واپار هلندو نوابشاه جو واپار به نصرپور جي آبي رستي ٿيندو هو . نصرپور شهر جي وجود ۾ اچڻ جا به مختلف رايا آهن . نيت جي ويب آرڪيالاجي ۾ آهي ته هي شهر زلزلي جي ڪري ڀنڀور وانگر تباھ تي ويو وري ماڻهن ٻيهر موجود شهر کي آباد ڪيو هن شهر جي ايراضي 12 ميل چويس هئي . انگريز جي زماني ۾ هن کي ميونسپالٽي جو درجو به حاصل هو . عام طور اهو چيو وڃي ٿو فيروز تغلق هن علائقي ۾ پنهنجو هڪ قلعو تعمير ڪيو هو جتي امير نصر کص هڪ هزار فوج سان مقرر ڪيو هو جنهن ڪري هي شهر هن جي نالي سان نصرپور سڏجڻ لڳو . تحفة الڪرام ۾ به اهو ساڳيو ذڪر آهي . تريخ طاهري ، تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام موجب نصرپور شهر 752هجريءَ آباد ٿيو هو مرزا قليچ بيگ جي چوڻ موجب هي شهر سومرن جي دور کان اڳ جو آهي بنو اميه جي وقت ۾ آباد هو . سومرن جي حاڪم دودي سومري اول پنهنجي حڪومت نصرپور تائين وڌائي هئي .مرحُوم محمد يوسف شاڪر ابڙو موجب جڏهن برهمڻ آباد ناس ٿيو ته اتان جيڪي ماڻهو ڀڄي نڪتا هئا انهن هي شهر اچي آباد ڪيو هو . منشي گلاب هن شهر جو هندڪو نالو ڪاها 3ا ڪاهان ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو ته نصرپور اسلامي وقت جو نالو آهي تحفة الڪرام ۾ به آهي ته دودي پنهنجي نصرپور تائين حڪومت وڌائي هئي . حامد علي قريشي خانائي موجب نصرپور 72و هجري مطابق 1320ع کان اڳ به آباد هو سنڌو درياءَ جي ڪپ تي تعمير ٿيل آهي نصير مهاڻي جي نالي سان منسوب ٿي نصرپور سڏجڻ لڳو ( ياد رهي حامد علي قريشي خانائي جيترو نصرپور تي لکيو آهي اوترو اڃا تائين ڪنهن به نه لکيو آهي ) هڪ ٻي ويب سائيٽ تي اهو معلوم ٿيو ته نصرپور جو پراڻو نالومنصوره هو جيڪو برهمڻ آباد لڳ هو جيڪو زلزلي جي سبب تباه ٿي ويو ۽ موجوده نصرپور جي شهر نئون جنم ورتو . نصرپور جو پراڻو نالو برهمڻ آباد هو ، منصوره هو ، ڪاهان هو يا نصرپور هو ،. ان جي لاءِ تحقيق جي گھرج آهي هي شهر ڪنهن ٻڌايو ان جي لاءِ به تحقيق جي گھرج آهي جيئن اسان جي نئين نسل کي هن عظيم شهر جي خبر پئجي سگھي . جيترو هي شهر قديم آهي ان جا ماڳ به اوترا ئي قديم آهن هن شهر جي هر طرف ولين بزرگن جون مزارون آهن تاريخي ورثي جا اهڃاڻ آهن ميون وهيون قبرستان جتي نصرپور جي بيگلار ۽ ترخان حاڪمن جون قبرون آهن آهي نصرپور جا حاڪم هئا . ميگهه مينار به هن قبرستان ۾ آهي ميون وهيون چانيه جي مزار به هن قبرستان ۾ آهي جنهن جي نالي هتي هڪ محلو هوندو هو جيڪو هن وقت مير محلا ، ابڙا محلا ، دائودپوٽه محلا سڏجي ٿو . يعني نصرپور تمام وڏو ۽ وسيع شهر هوندو هو اڄوڪو ڳوٺ نه هوندو هو تنهن ڪري هن شهر کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هئڻ جو شرف مليل آهي . موجوده نصرپور شهر ۾ بي هسي سبب ڪيترائي تاريخي ماڳ تباه ٿي ويا آهن جن جي اسان جي موجود نسل کي ڪابه خبر نه آهي ائين لڳي ٿو اڳتي ائين پڙهبو ڪتابن ۾ ته هو هڪ قديم شهر نصرپور . ڪجھه ماڳن کي هتان جا همدرد ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت بچائي رهيا آهن. جن مان شاهمراد جو قبو ، ڪرڙڪي مسجد ، امير نصر جي مسجد جيئي شاھ . شيخ بايزيد جو قبو ( واريءَ سان ملي ويو آهي ) وغيره آهن . امير نصرپور جي مسجد درياءَ پيٽ ۾ آهي جنهن ڪري هيءَ مسجد درياءَ پيٽ واري مسجد به سڏبي آهي ڪنهن وصت هن مسجد جو وڏو اوج هوندو هو هتي جمع نماز به ٿيندي هئي . عام طور تي شهر ۾ اها ڳالهه آهي ته هيءَ مسجد مغل حڪمران شاهجهان جي ٺهرايل آهي . پر جڏهن تحقيق ڪئي ويئي ته هن مسجد جي تعمير ڪنهن ڪرائي ته اهو معلوم ٿيو آرڪيالاجي ويب تي هن جو نالو نصر جي مسجد ڄانڀا محلا نصرپور لکيل آهي پر وڌيڪ ڪابه ڄاڻ نه نآحي ته هيءَ مسجد ڪنهن جي تعمير ڪرايل آهي . ڪن جو چوڻ آهي آهي ته هن مسجد کي فيروز تغلص جي سپهه ساللار امير نصر جنهن کي هتي هڪ هزار فوج سان مقرر ڪيو ويو هو ان تعمير ڪرائي آهي جنهن مان هن جو تعمير جو سال 752هجري معلوم ٿئي ٿو . ڪن جو چوڻ آهي ته هي شهر آباد هو هتان درياءُ وهندو هو هتي مهاڻن جي وڏي آبادي هئي جنهن جو اڳواڻ نصير مهاڻو هو جنهن جي نالي سان نصرپور سڏجي ٿو هيءَ مسجد ان تعمير ڪرائي جنهن مان اهو ظاهر ٿيو ته هيءَ مسجد 752هجريءَ کان به پهرين جي تعمير ٿيل آهي .جيئن ته هي درياءَ جي ڪناري تي آباد هئي هتي پتڻ ۽ بندر هوندو هو هي وسندڙ علائقو هوندو هو جنهن ڪري هيءَ مسجد گھڻي آباد هوندي هئي ڪنهن وقت هيءَ مسجد آثارِ قديم جي حوالي هوندي هئي انهن جو بورڊ به لڳل هوندو هو پر انهن هن مسجد جي ڪابه پرگھور نه لڌي .ڪن جو چوڻ آحي ته هيءَ مسجد جڏهن فيروز تغلق نصرپور مان لنگھيو هو ان تعمير ڪرائي هئي جنهن جو سال 752 هجري ٿئي ٿو . جيئن ته هن مسجد جي ڪابه جامع ڄاڻ نه آحي پر آهي 177 سو سال پراڻي مسجد . برساتن جي ڪري هن تاريخي ورثي کي نقصان رسندو رهيو آهي هن جون ديوارون زمين کان 40 فوٽ بلند هونديون هنيون . ڪنهن وقت محمد عرس ڪاسائي هن مسجد جي تعمير پنهنجي خرچ سان ڪرائيندو رهندو هو . ان کان پوءِ نويد احمد گھراڻو ۽ نذيراحمد ڀاڻو پنهنجي سنگت سان گڏ چندا ڪري هن مسجد جي ڪجھه مرمت ڪرائي . پر تازو جيڪي خطرناڪ برساتون پيون هنيون ان ۾ هن مسجد جي اولهه طرف واري ڀت ڪري پئي جنهن وقت ڀت ڪري ان وقت اتي ڪوبه نه جنهن ڪري ڪوبه جاني نقصان نٿيو . هن وقت ڪجھه حافظ عبدالمجيد ڇٽي پنهنجي ساتين سان گڏ هن مسجد جي مرمت ڪرائي رهيو آهي هتي باقاعده پنج وقت نماز پڙهجي پيئي . ان کان سواءِ هتي مدرسو به قائم ڪيو ويو آهي جتي ٻار ۽ وڏا قرآن شريف جي تعليم وٺي رهيا آهن . هن وصت هن مسجد جون ڀتيون مڪمل طرح مرمت ٿي چڪيون آهن جنهن ۾ تاريخي اڏاوت کي به بچايو ويو باقي ڇت جو ڪم رهيل آهي جيئن ته هي مسجد خدا جو گھرا آهي ۽ اسان جو تاريخي ورثو آهي جنهن جي مرمت ڪرائڻ ۽ بچائڻ اسان سڀني جو فرض آهي . اسان پنهنجي خرچ مان ڪجھه رقم ڪڍي مسجد جي تعمير ۾ ڏيون . جنهن جو اجر اسان کي اسان جو رب ڏيندو . جتا اسان ٻيا خرچ ڪري رهيا آهيون اتي اسان تي هن مسجد تي به خرچ ڪرڻ فرض آهي . اسان سڀ شهر جا ماڻهو گڏجي پنج پنج روپيه به گڏ ڪنداسين ته اسان وٽ ايترو پئسو تي ويندو جو هيءَ مسجد مڪمل نموني تعمير ٿي ويندي . اسان جو تاريخي ورثو به بچي ويندو جنهن کي ڏسي اسان جو ايندڙ نسل ناز ڪندو ته واه اسان جو شهر ڪيڏو پراڻو شهر آهي
     
  2. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    جواب: نصرپور جي تاريخي مسجد

    هيءَ نصرپور جي تاريخي مسجد آهي جڏهن نصرپور مان سنڌو درياءُوهندو هو تڏهن ان جي ڪپ تي ٺهيل هئي
     
  3. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: نصرپور جي تاريخي مسجد

    سائين بهترين معلومات آهي
     
  4. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: نصرپور جي تاريخي مسجد

    سائين تمام سٺي معلومات آهي ۽ نصرپور ايندو آهيان پر خبر ڪانه هئي پر هاڻ جڏهن به نصرپور اچڻ ٿيو ته ضرور ڏسبي اها تاريخي مسجد نصرپور شهر جي سونهن جيڪا آهي۔
     
  5. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    جواب: نصرپور جي تاريخي مسجد

    ادا معظم علي نصرپور اچو ته اسان توهان کي اسان جو تاريخي ورثو ڏيکاريون
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: نصرپور جي تاريخي مسجد

    ادا اوهان ان مسجد جا فوٽو جي اسان سان شيئر ڪيو ها ۽ ان جي لوڪيشن ته اڃا به بهتر ٿي ها اسان نصرپور ڪافي دفعا آيا آهيو پر ان بابت نه ٻڌو آهي يقينن هي معلوماٽ سيئر ڪري اوهان تمام بهترين ڪم ڪيو آهي مهرباني اوهان جي
     
  7. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: نصرپور جي تاريخي مسجد

    سائين تمام سٺي معلومات آهي
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: نصرپور جي تاريخي مسجد

    سائين اهڙي بهترين معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    لاجواب ڪوشش آهي سائين اوهان جي

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  9. Ghazanfar Iqbal

    Ghazanfar Iqbal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    sukkur
    جواب: نصرپور جي تاريخي مسجد

    سائين تمام سٺي معلومات آهي
     
  10. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: نصرپور جي تاريخي مسجد

    سائين اسلام عليڪم۔توهان جي مهرباني جو توهان نصرپور جي تاريخي مسجد جي باري ۾ مفيد معلومات ڏئي هڪ نيڪ عمل ڪيو آهي۔اسان مسلمانن کي پنهنجي مسجدن جي باري م ضروري ڄاڻ رکڻ گهرجي جو صبحاڻي اسان پنهنجي اولاد کي انهن مقدس جڳهن جي باري ۾ آگاهي ڏئي سگهون۔اسان توهان جي ڳاله کان سوء فيصد متفق آهيون ته اسان کي ان قسم جي پراڻين مسجدن جي حفاظت لاء پنهنجي هڙون ٻه ّخرچ ڪرڻ گهرجي۔ٿوري ٿوري مان تلاء ٿيندو آهي۔توهان بسم الله ڪيو اسان توهان سان گڏ آهيون۔توهان جي مهرباني۔
     
  11. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: نصرپور جي تاريخي مسجد

    سٺي معلومات ڏني وئي آهي ۔ اها ڳالھ پنهنجي جا تي درست آهي ته اهڙن تاريخي ورثن تي مڪمل ڄاڻ حاصل هجڻ گهرجي ۔ جئين اسين پنهنجن پوئرن کي هنن بابت اڳاهي ڏئي سگهون ، رهي ڳالھ ادي علي علي جي ته واقعي جيڪر مسجد جون تصويرون هجن ها ته بهتر هو ، پر ادي علي علي کي مايوس نه ڪبو هن لا آئون پنهنجي ننڌڙي ڪوشش پيش ڪري رهيو آهيان اميد آهي ته مسجد جو ديدار حاصل ٿي ويندو ، باقي الله تعالى سڀنن مسلمانن کي اهڙن ديني جگهن جو تقدس ۽ هنن جي اڏاوٽ نئي سر ڪر جي توفيق عطا فرماءِ ، ٿيڻ ائين گهرجي جو هن علاقي جو ڪو معزز شخصيت هن ڪم تي سندرو ٻڌي اڳتي اچي پوءِ انشاء الله ڦڙي ڦڙي تلاءُ ٿي ويندو .

    [​IMG]

    ويتر مٽياري جي اها سائيٽ پيش ڪجي ٿي جنهن ۾ ٻين مسجدن بابت به معلومات ملي ويندي ، ويب سائيٽ انگريزي ۾ ترتيب ڏنل آهي
    http://www.nasarpur.com
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نصرپور جي تاريخي مسجد

    تمام سٺو معلوماتي ليک آهي۔

    اهڙي بهترين شيئرنگ تي اوهان کي جس هجي
     
  13. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: نصرپور جي تاريخي مسجد

    ادا تمام سٺي تاريخي معلومات ڏني اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔افتخار ڀاء جي مهرباني جو تصوير به ونڊ ڪئي ۔۔۔۔۔۔۔ اهڙو ونڊ جاري رکو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو