حڪيم محمد يوسف کتري
سينيئر رڪن
سالارو
سنڌي اڇو ڪڪڙ، سالارو
اردو سفيد مرغا
عربي برطانيقي
پنجابي جل چلي .سل گار ،سل
سڌها طب،تامل : جيتا آڌاري
گجراتي لاپاوي
انگريزيQuail grass
لاطيني Celdosia argentea
خاندان Amaranthaceae
سڃاڻپ
سروالي جو ٻوٽو برسات جي موسم ۾ جوار ٻاجھر وغيره جي پوک ۾ تمام گھڻو پيدا ٿئي ٿو هن جي نازڪ پنن جو ساڳ کاڌو وڃي ٿو. هي لڳ ڀڳ ميٽر کن ڊگھو هوندو آهي. هن جا پن تبديل ٿيندڙ ساڍا ٽي سينٽي ميٽر ڊگھا ۽ اڌ سينٽي ميٽر ويڪرا هوندا آهن.هن جا گل شروع ۾ گلابي ان کان پوءِ سفيد ٿي وڃن ٿا. ٽاريون سڻڀيون ڳاڙهاڻ مائل هونديون آهن هن جي ٽارين جي آخر ۾ گل لڳي ٿو.هٿ لڳائڻ سان نرم محسوس ٿئي ٿو جيڪڏهن سڪل گل کي هٿ سان مهٽي صاف ڪيووڃي ته خشخاش جي داڻن کان ٿورا وڏا چمڪدار داڻا نڪرن ٿا هي ٻوٽو عام آهي سنڌ جي سرزمين تي انتهائي بهتر ٿئي ٿو مون خود لڳائي هن جا ٻج ڪڍياهئا.
مقام پيدائش : پاڪستان سنڌ کان سواءِ انڊيا چائنا سري لنڪا ٽراپيڪل ايشيا،امريڪا ۽ آفريڪا ۾ ڪثرت سان ٿئي ٿو
مقدار وخوراڪ ٻج 6گرام
مزاج سرد خشڪ مضر اٻڙڪا پيدا ڪري ٿو
استعمال ۾ ايندڙ جز ٻج پاڙ ۽ پن
فائدا
سروالي جي ٻجن کي ڪٽي سفوف ڪري اڪيلو به استعمال ڪيو ويندو آهي مغلظ مني هئڻ ڪري جريان ۾ مفيد آهي .ذيابيطس ۾ به ڪارائتو آهي ان ۾ هن جو ساڳ رڌي کارايو وڃي ٿو هن جا پن دافع بخار آهن هن جا پن سوڄ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا مقوي باه به آهن سوزاڪ ۽ جگر ۾ فا.ئدو ڪن ٿا. هن جي پنن جي ڏانڊين مان لپري ٺاهي وڃي ٿي، هن جا گل جلدي سوڄ ۾ ليپ ڪيا وڃن ٿا.هي اڄ ڪلهه ڪثرت حيض پيچش واتان رت اچڻ بواسير سيلان الرحم۾استعمال ڪرايا وڃن ٿا.هن جا ٻج کٽا آهن. جيڪي ڪيڙا خارج ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن. ٻج دستن پيچش رت جي بيمارين وات جي زخمن ۾ به استعمال ڪرايا وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح اکين جي بيماري به هن جو استعمال ٿيندو آهي.
ڪيميائي جز
هن ٻوٽي ۾ بيٽانين ۽ تمام گھڻا اسٽيرول هوندا آهن ايمارسن ،ايمارسٽن، آئيو ايماريتين سيلوسيانن ۽ آئسوسيلوسيانن هوندو آهي.هن جي ٻج ۾ 10.1کان 12.8سيڪڙو پروٽين هوندي آهي هن مان 7.2کان 7.9 تيل نڪري ٿو ڪولن اينٿرس آف هائيلونورڪ ايسڊ ٻوٽي مان حاصل ڪري ڪوئن کي کارايو ويو ته اينٽي السر ۽ گيس کي ختم ڪرڻ لاءِمؤثر رهيو.
مرڪبات
مرڪبات سفوف دارچيني والا، سفوف ڪلان