غزل

'سنڌي شاعري' فورم ۾ خالد_حسين طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2011۔

  1. خالد_حسين

    خالد_حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2011
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    نيڻ نڪتل نقاب کان ٻاهر.
    لفظ آهن ڪتاب کان ٻاهر.

    سونهن سرٻاٽ ڪيو سماعت ۾
    کڻ نگاهون نصاب کان ٻاهر.

    سوچ جي دائري اندر رهندين
    ڪيئن ايندين عذاب کان ٻاهر

    ٿي وئي گم خلا اندر خوشبو،
    جيئن نڪتي گلاب کان ٻاهر.

    زندگي هئي خوشين جو مجموعو
    آئون هوس انتساب کان ٻاهر.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو