اسلام عليڪم دوستو جين ته توهان کي خبر آهي تَه سنڌي ايڪتا ڏينهن اڇڻ وارو آهي ان ڪري اسان جي اسڪول ۾ فنڪشن ٿيندو ته مون کي ڪجه ڏيبلو کپن جيڪڏهن توهان وٽ ڪجه ڏيبلو آهن تَه ڏيندا مهرباني ۔
جواب: اسلام عليڪم محترم ميمبرس ادا سمير احمد هن پيج ته پنهنجو تعارف نه ڪريو آهي پر مدد گهري آهي ته هن کي ڪجه سنڌي ٽيبلو جا اسڪرپٽ ڏيون تاڪي هو سنڌي ايڪتا واري ڏينهن تي ان ٽبليو کي پنهنجي اسڪول ۾ پلي ڪن۔جنهن ادي وٽ به ان قسم جو ڪو مواد هجئي ته برائي مهرباني ادا سمير آحمد کي ڏين۔
جواب: اسلام عليڪم سمير احمد کي گهرجي ته سنڌ سلامت يو ٽيوب وزٽ ڪن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مٿين دوستن کي گذارش آهي ته موضع کي ٿور پڙهن ته سهي ته ڇا لکيل آه
جواب: اسلام عليڪم ادا سمير احمد توهان منهنجي هن موضوع کي ڏسو هي به هڪ قسم جو ٽيبلو آهي پر آهي شاعري واري انداز ۾ جيڪڏهن ان جي باري ۾ ڪا مدد گهرجي ته مون سان رابطو ڪجو۔ موضوع ڏسڻ لا هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو
جواب: اسلام عليڪم مهرباني ڀاءرون ۔ مون کي هن فارم جي وڌيڪ مالومات نَ آهي تَ ڪٿي مدد جي لاء پوسث ڪجي ۔ اسان جي اسڪول ۾ ايسي ڪامپثيشن آهي ان ڪري مون کي ڪجه سندي ڪلچرل ڏينهن جي بري ۾ ٻڌاءيندا۔
جواب: اسلام عليڪم ادا عبدالرحيم اوهان جا لک ٿورا جو اوهان دوست سمير کي مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي ۽ ڪا لنڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر الائجي ڇو اوهانجي ڏنل لنڪ مون وٽ ظاهر ڪون پئي ٿئي يا وري اوهان لنڪ ڏيڻ وساري ويٺا آهيو ۔۔۔ مهرباني ڪري لنڪ وري ڏيندا ته جيئن دوست سمير سميت سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي فائدو ٿئي ۔۔۔ ادا سمير! اوهان اسڪول ۾ ٽيبلو ڪرڻ ٿا چاهيو يا وري مضمون نويسيءَ ۾ حصو وٺڻ ٿا چاهيو؟ کولي لکندا، ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن گذريل سال ثقافت ڏهاڙي تي ڇپيل اخبارون ڏسندا ته به اوهانکي کوڙ ساترو مواد ملي ويندو ۔۔۔ جن ۾ ثقافت جي تشريح ۽ سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي تاريخ به ملي ويندي ۔۔۔ سنڌ سلامت تي ايندڙ دوستن کي گذارش آهي ته اهڙا ليک ملن ته هت ونڊ ضرور ڪن ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اسلام عليڪم ادا سمير! سنڌ سلامت جي فرنٽ پيج تي گوگل ڪسٽم ڳولا ۾ ” سنڌي ثقافت ڏهاڙو“ لکي انٽر ڪندا ته کوڙ ساترا مضمون سنڌ سلامت تي آيل آهن اهي ظاهر ٿيندا اوهان هر هڪ تي ڪلڪ ڪري ڏسو ته ڪيترو ئي مواد ملي ويندو ۔۔۔ اميد ته اوهانکي ڪافي مدد ملي ويندي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اسلام عليڪم نوجوان دوست سمير احمد کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي پرچارڪ لاء ڪوشان آهي۔ اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔