سوچيون خادم گھراڻو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2011۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    سوچيون
    خادم گھراڻو
    ڪافي وقت گذري ويو هو مهنجي ننڍپڻ جي دوست عليءَسان ملاقات نه ٿي هئي هيءُ ڪافي وقت کان ٻاهرين ملڪ ۾ نوڪري ڪندو آهي هڪ دفعي منهنجي انباڪس ۾ هن جي اي ميل پيل هئي جنهن ۾ هن لکيو هو ته آئون جلد ڳوٺ اچي رهيو آهيان اها منهنجي لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه هئي جو منهنجو دوست اچي رهيو هو .هن جو اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس هڪ ڏينهن آئون پنهنجي اسٽدي روم ۾ ويٺو هوس ته در تي سڏ ٿيو ٻاهر نڪري ڏٺم ته منهنجي ننڍپڻ جو دوست يٺل هوجنهن سان سڪ ۽ اڪير سان مليس هن ٻڌايو ته آئون اڄ صبح جو هتي پهتو آهيان ائين آئون هن کي وٺي اسٽدي روم ۾ آيس جتي هن چيو ته دوست اڳي هتي سماجي ۽ ادبي تنظيمون هونديون آهن هاڻ منهنجي شڪ ۾ اهي نه آهن جو انهن جو ڪوه ڪم ميڊيا تي نه آهي جيڪي سماجي ورڪر ۽ اديب هئا اهي ڪيڏانهن ويا هليا آهن هن کي چيم ته يار آئون به هاڻي پاسو وٺي ويٺو آهيان هتي هڪ ٻن سماجي تنظيمن کان سواءِ ڪابه تنظيم نه آهي جيڪي لکڻ وارا آهن اهي لکن پيا پر انهن جو مواد به پرنٽ ميڊيا تي نه اچي رهيو آهي اهي پنهنجو مواد ڪٻٽن ۾ رکيو ويٺا آهن خر نه آهي اهي ڇو مايوس ٿي ويا آهن ڪجھه دوست روزگار جي ڪري هتان لڏي ويا آهن ائين اسان هڪئي کان حال احوال وٺندا رهيا سين وقت گذرڻ جي ڪابه ڪل ڪانه پيئي ته ڪنهن وقت سج لهي ويو هونءَ به ڪشنچند بيوس جي شاعري موجب وقت چوي ته آئون بادشاهه آهيان وقت ائين گذري ويندو آهي جنهن جي ڪابه ڪل ڪانه پوندي آهي منهنجي دوست کي گھر وڃڻو هو جنهن ڪري اسان جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته آسمان تي تارن جي چمڪاٽ هئي .جڏهن اسان ٻاهر آيا سين ته علي چيو ته اڳ هر هنڌ ماڻهن جا انبوهه هوندا هئا جيڪي پاڻ پيا محفل مچائيندا هئا اڄ اها شي ءِ نه آهي اوطاقون به ختم ٿي ويون آهن اوچتو اسان جي ڀر مان هڪ ننڍي ڇوڪر اهڙي ته اسپيڊ سان موٽر سائيڪل ڪڍي جو اسين ڊڄي وياسين منهنجي دوست چيو ته هنن کي زندگي جو اهشاس نه آهي ته زندگي هڪ دفعو ملندي آهي هنن ٻارن کي هنن جا مائٽ به نٿا روڪين جو اهڙي تيز گاڏيون ٿا هلائين جنهن تي مون دوست کي ٻڌايو ته هتي ائين ڪيترائي حادثا ٿي چڪا آهن جنهن ۾ ڪافي ماڻهن کي زخم به رسيا آهن انهن جا هڏا به ٽٽا آهن پر پوءِ به انهن کي احساس نه آهي اهو نٿا سمجھن ته اهي هن ديس جو سرمايو آهن پنهنجي والدين جو سهارو آهن اڃا ٿورو اڳتي هلياسين ته هن جي نظر هڪ ڇوڪر تي پيئي جنهن کي ڏسڻ لڳو مون کي چيائين ته ڏس ڇوڪر جي عمر ڇا آهي پر ڪيئن نه اهو مين پڙي کائي رهيو آهي پنهنجي پاڻ کيزهر ڏيئي رهيو آهي هن جا ارمان سپنا ته اڌورا رهجي ويندا .هنن کي ڪير ه روڪي نٿو ته بابا پنهنجي جيون کي ائين تباهه نه ڪريو زندگي نعمت آهي ان کي بچايو علي کي چيم هن وقت وڏي تبديلي آهي تون ڇڏ انهن قصن کي تون پنهنجي وقت واريون ڳالهيون ڪري رهيو آهين هي ڏس دوڪان ڪيئن نه انهن مين پڙين ۽ گھٽڪن سان سينگاريا پيا آهن اڳتي هن هڪ نوجوان ڏٺو جيڪو ٿڙي ٿابڙجي رهيو هو جڏهن هيءُ اسان جي ڀر مان لنگھيو ته وات مان بدبو3 علي چيو ته هن جو شرا پيتل آهي هاڻي هيءُ هوش ۾ نه آهي تڏهن ته ائين هلي رهيو آهي علي کي مون چيو ته اهو هر هنڌ مسئلو آهي اسان جو نوجوان نسل جنهن ۾ اسان جا خواب ارمان سپنا آهن انهن زهر وارين شين جي گھيري ۾ اچي تباهه ٿي رهيو آهي اسان کي انهن کي بچائڻو پوندو انهن جي تريت ڪرڻي پوندي انهن کي انهن جي زندگي جي مقصد بات ٻڌائڻو پوندو هن کي مون چيو ته هيءَ اخبار ڏس هن ۾ هيءَ خبر آهي ته ٻه نوجوان زهريلو شراب پيئڻ جي ڪري مري ويا . هاڻي مون کي ٻڌائي ته اها خبر رپورٽ ٿي آهي اهڙيون خبر نه آهي ڪيتريون خبرون هونديون جيڪي رپورٽ نه ٿينديون هونديون اسان جا نوجوان جيڪي اسان سرمايو آهن اهي ائين موت جي ننڊ سمهندا رهندا بس دوست اسان کي سوچڻ گھرجي اسان جي نوجوان ۽ ايندڙ نسل جي وارثن کي هنن زهريلي شين کان بچائڻ گھرجي چکو تنهنجو گھر اچي ويو وري سڀاڻي ملاقات ڪننداسين علي جي ڳالهين مون کي سوچن ۾ وجھي ڇڏيو آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته اهي نوجوان ٻار اسان جي ايندڙ وقت جو سرمايو آهن انهن کي ڪيئن انهن زهريلين شين کان بچائجي .
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سوچيون خادم گھراڻو


    """ اسان جو نوجوان نسل جنهن ۾ اسان جا خواب ارمان سپنا آهن انهن زهر وارين شين جي گھيري ۾ اچي تباهه ٿي رهيو آهي اسان کي انهن کي بچائڻو پوندو انهن جي تريت ڪرڻي پوندي انهن کي انهن جي زندگي جي مقصد بات ٻڌائڻو پوندو """



    ادا خادم گهراڻو صاحب ۔ان ڳاله ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان جو اڄڪله جو نوجوان پنهنجي ڪم عقلي ۽ بيروزگاري جي ڪري نشي کي واپرائڻ لڳو آهي۔انهنجي بهتري جي باري ۾ توهان جو احساس هڪ وڏي اهميت رکي ٿو۔ان لاء ڪا گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي نه ته اسان جو نئون نسل زهر جي ڀينٽ چڙهي ويندو۔انهن نوجوانن کي ايئن ڇڏي ته نه ڏبو۔هنن کي پيار ۽ محبت سان سمجهائبو ته زندگي الله پاڪ جي طرفان ڏنل هڪ قيمتي تحفو آهي ان کي ايئن ذايعا نه ڪرڻ گهرجي۔توهانجو ليک پنهنجي اندر هڪ وڏي سوچ رکي ٿو۔ان قسم جي ليکن سان معاشري جا ناسور پردي ته آڻي سگهجن ٿا ۽ ان ۾ مبتلا ڪو به ماڻهو اهو ليک پڙهي پاڻ ۾ جيڪڏهن ڪجه تبدليون آڻيندوته سمجه ته ان قسم جي ليکن جي قيمت وصول ٿئي ويئي۔هميشه خوش رهو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو