سائين نثار صاحب جن جي ننڍڙي جي طبيعت ٺيڪ نه هئي دعا ڪندا ته الله تعالى سائين جي ٻچڙي کي صحت و عافيت عاجله و ڪامله عطا فرمائي شايد ان ڪري سائين جن ڪجهه مصروف آهن انشآء الله جلد اوهان جي محنت جو داد ڏيندا۔
سائين مگسي صاحب حق موجود؛ دوست اوهانجي هن نظم جو پيغام قومي جذبي سان ڀريل آهي، بيتن جي تورتڪ به بظاهر ٺيڪ آهي ... هڪ ڳالهه جا چوڻ ضروري سمجهيم ته اوهين ڪوشش ڪري اهڙا لفظ چونڊيا آهن جي عام عوامي ٻوليءَ ۾ رائج ناهن، ها ڪٿي ادبي ڪتابن ۾ يا لغت جي ڪتابن ۾ ته ملندا پر عام ماڻهونءَ اهي لفظ شايد ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنا آهن ... يا وري ممڪن ڪنهن مخصوص علائقن ۾ اهي لفظ اڃان به ڳالهائبا هجن؟ پيارا دوست، ڪئي سالن کان سنڌي ادب ۾ اها ڪوشش ڪئي پئي وئي آهي ته عوام جو ادب عوام لئه ته پوءِ ٻولي به اهڙي استعمال ڪئي وڃي جا رائج الوقت ۽ عام فهم هجي، ڪنهن اهڙي ليک لئه جنهن لئه لغت جا ڪتاب کولڻا پون سو ادبي ليک ته سڏرائبو پر عوامي نه ... بهرحال شاعري سٺي ۽ قومي پيغام سان سرشار آهي ... shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal