جواب: اسلام عليڪم پيارا سند واسيو
سنڌ جي تاريخي ۽ سهڻي شهر مٽياريءَ جي دوست طفيل احمد کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پير ڌرڻ تي لک لک واڌايون ۔۔۔ اميد ته سنڌ دوستيءَ جو ثبوت ڏيندي اسانجو هي نئون دوست هن اوطاق جي سونهن ٿيندو ۽ پنهنجين پيار ڀرين لکڻين سان شامل حال ٿيندو ۔۔۔
ادا طفيل جي اوهان ڪجهه وڌيڪ تفصيل سان تعرف ڪرايو ها ته هوند اڃان وڌيڪ دوستي رکڻ ۾ آساني ٿي پوي ۔۔۔ پنهنجي تعليم، ڪرت ۽ پسند ناپسند لکو ها ته هوند ڪيترو نه ڀلو ۔۔۔
خئير اسانجون نيڪ تمنائون اوهان سان گڏ ۽ اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا
سنڌ سلامت ساٿ سلامت