• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قرآن مجيد سنڌي ترجمي سان

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ prince
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

prince

سينيئر رڪن
ادا مون کي قرآن مجيد(مترجم سيد فرمان علي شاه)سنڌي ترجمي سان گهرجي۔
ساٿ سلامت۔
 
جواب: قرآن مجيد سنڌي ترجمي سان

سهڻا شهزادن جهڙا ڀاءُ، اوهانجي فرمائش اکين تي جي پاڻ کي يا ڪنهن دوست کي اوهانجو فرمائش ڪيل قرآن شريف آنلائين ملي ويو ته ضرور ونڊ ڪبو، پر چاهيو ته هيٺ لنڪ تي ڪلڪ ڪري، محترم تاج محمد امروٽيءَ جو ترجمو ڪيل قرآن شريف پڙهي سگهو ٿا، جيڪو اسانجي دوست مست ونڊ ڪيو هو ۔۔۔

هت ڪلڪ ڪندا
 
جواب: قرآن مجيد سنڌي ترجمي سان

ادا نثار توهان جي وڏي مهرباني پر مون کي سيد فرمان علي شاه جي ترجمي وارو قرآن مجيد گهرجي۔
 
جواب: قرآن مجيد سنڌي ترجمي سان

محترم تاج محمد امروٽيءَ جو ترجمو ڪيل قرآن شريف پڙهي سگهو ٿا، جيڪو اسانجي دوست مست ونڊ ڪيو هو ۔۔۔

http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?5956
دوستو! محترم تاج محمود امروٽي صاحب جي صرف ترجمي جي صورت ۾ مڪمل ڪريم مجيد جي ڪمپوزنگ جي سعادت هن حقير جي طرفان پڻ ٿي آهي۔ اهو ترجمو سعودي جي شاهه فهد پرنٽنگ پريس پاران ڇپجي رهيو آهي، جيڪو ”پيغام قرآن پبليڪيشن ڪراچي“ جي سهڪار سان ڇپجي رهيو آهي۔ ان ترجمي جي خصوصيت اها پڻ اهي ته ان ۾ مناسبت سان موضوع وار ٽاپڪ پڻ ڏنل آهي، آيتن جي آخري ۾ قرآن شريف جي سورتن جي نمبر پڻ ڏنل آهي ته جيئن ڪنهن شخص کي جيڪڏهن آيتن جي اصل عربي متن ڏسڻو هجي، يا وري ڪنهن آيت جو تفسير ڏسڻو هجي يا ڪنهن مسند عالم سڳوري کان ان بابت مسئلو پڇڻوهجي ته اهو آساني سان پُڇي سگهي ٿو۔ انشا الله العزيز هن ڇنڇر تي ”پيغام قران پبليڪشن“ جي ڊائريڪٽر سان ڪراچي ۾ ملاقات جو پروگرام رکيو آهي، کانئس اجازت وٺي هن فورم تي پڻ پوسٽ ڪيو ويندو۔
 
سنڌ سلامت جا سهڻا دوست محترم ابو واصف صاحبٌ! اها اسانجي ۽ سنڌ سلامت جي خوشنصيبي چئبي جو اوهانجو ڪمپوز ٿيل ترجمي سان قرآن اسان جي هٿن ۾ پهچندو ۔۔۔ جزاڪ الله۔

اسانجو دوست ابو واصف سنڌ سلامت جو سهڻو دوست ۽ ايمان وارو انسان آهي، جنهن سنڌ سلامت کي هميشه ايمان افروز ڪرڻ لئه پئي جتن ڪيا آهن ۔۔۔ سنڌ سلامت لئه ڪيل سندس ڪم تعريف جوڳا آهن ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top