سلام ڪهڙا حال آهن سڀني ڀائرن جا مونگي روهڙي شهر جي شاعرن جي باري م ڪجه انفارميشن کپي ٿي ... مهرباني ڪري مونکي انهن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: سلام محترم غضنفر اقبال صاحب جن کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ هون ته روهڙي شهر سنڌ جو تاريخي شهر آهي ۽ ان شهر ۾ سنڌي ادب لا کوڙ ساتريون ڪوششون ورتل آهن، روهڙي شهر جو هڪ عام ۽ عوامي شاعر بيدل ته تمام گهڻو مشهور آهي، اميد ته اسانجا شاعر دوست روهڙي شهر ۾ موجود حيات ۽ گذريل شاعرن جي فهرست ضرور پيش ڪندا ۔۔۔ بس ٿورڙو انتظار، جيئن جئين دوست هن ڌاڳي کي ڏسندا ته اوهانجي سوال جو جواب به اچي ويندو ۔۔۔ شاعر دوستن کي عرض آهي ته ادي غضنفر جو عرض اگهائيندا ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سلام هي حقير جيتوڻيڪ نه ڪو شاعر آهي ۽ نه ئي اديب، پر جيئن ته هن هڪ اهڙي مقدس ۽ مانائتي اداري ۾ ڪم ڪرڻ جو کيس موقعو مليو آهي، انهي ڪري ان ڏس ۾ روهڙي جي ڪجهه مشهور شاعرن جا نالا هن طرح آهن ڪجهه ماضي جا شاعر1_ فقير قادربخش بيدل 2_ محمد محسن بيڪس 3_ مير جان الله رضوي 4_ فقير پارو شاهه (ديوان هو، پر فقير چورائيندو هو) 5_ وسڻ گهوٽ ڪجهه موجوده شاعر1_ رگاهي ميراڻي 2_ اختر درگاهي 3_ نور رضوي 4_ نثار رُڪ