• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڏ ڪري پئي سنڌ هلي اچ

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
سڏ ڪري پئي سنڌ هلي اچ
پيدل پيرين پنڌ هلي اچ

سنڌ امڙ تان ساهه به صدقي
لائي سنڌ سان جند هلي اچ

اوکو ويلو سمجهي امڙ تي
سنڌڙيءَ جا فرزند هلي اچ

ڌارين منجهي اڪيلي سنڌڙي
ٻچڙا غيرتمند هلي اچ

قيدون دڙڪا تولاءِ ڇا هن؟
مست نه ٿي پابند هلي اچ

مست جي طرفان سنڌ امڙ جي نانءُ
 
جواب: سڏ ڪري پئي سنڌ هلي اچ

مست جا ڪيل سڏ، ڪير ٻڌندو، ڪير ورنائيندو، آهي ڪو سنڌ ۾ جوڌو، دودو يا دولهه ۔۔۔۔؟؟؟؟ ڪاش سنڌ سموري ان سڏ کي سانڀان ڪرڻ جا جتن ڪري ته هوند، سنڌ موجوده سورن مان آزاد ٿي وڃي ۔۔۔ اميدن تي جهان قائم آهي، هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جو اهي سڏ سموري قوم جي رڳن ۾ سمائجي ويندا ۽ پوِءِ دما دم مست ٿيندي ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top