ثقافتي ڏينهن ۽ سنڌ سلامت

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2011۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    ثقافتي ڏينهن ۽ سنڌ سلامت
    دوستو سنڌ جي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان هن ڀيري 19 ۽ 20 نومبر کي چونڊيو ويو۔ گذريل سال اهو 5 ڊسمبر تي ملهايو ويو۔ هن ڀيري 5 ڊسمبر محرم الحرام جي پهرين ڏهاڪي ۾ اچي رهيو۔ آَهي ان لا انهن ڏينهن ۾ خوشي يا جشن ملهائڻ مناسب نه آهي۔ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪندڙ هن ڏينهن جو مقصد سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر اهو پيغام پهچائڻ آهي ته سنڌ پرامن، معزز، باتحذيب ۽ ڌرتي سان پيار ڪرڻ وارن جي نگري آهي۔ هتي جو ٻار ٻچو سندس صدين پراڻي ثقافت سان پيار ڪري ٿو۔ هن ڏينهن کي سنڌ جي عيد چوڻ شايد غلط نه هوندو۔ هن ڏهاڙي تي هر پاسي عيد جو ڏيک هوندو اهي ۽ ٻئي نظر ۾ عيد کان به وڌيڪ خوشي ۽ جشن جا ميڙاڪا دل کي خوش ڪري ڇڏيندا آهن۔ تمام سياسي، سماجي ۽ صحافتي تنظيمن جيان سنڌ سلامت فورم به انهن ڏينهن کي ڀرپور طريقي سان ملهائي رهيو آهي۔ جنهن ۾ سنڌ سلامت جا سمورا دوست پڻ شريڪ آهن۔ انهي ڏينهن جي مخصوصيت جي حوالي سان اڄ سنڌ سلامت فورم کي پڻ ثقافتي لباس پهرايو ويو آهي۔

    سنڌ سلامت فورم جي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان سنڌ ٽي وي نيوز تي نشر ٿيل ٽِڪَر جو ڏيک


    [​IMG]

    ٽڪر وڊيو جي صورت ۾



    .
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ثقافتي ڏينهن ۽ سنڌ سلامت

    سنڌ سلامت جا مول متا ئي سنڌ ۽ سنڌيت آهن، انڪري سنڌ سلامت جو مرڻ ۽ جيئن سنڌين سان آهي، سنڌ سموري اسانجي آهي، سنڌ جي ثقافت اسانجي ثقافت آهي ۽ اسانجو ايمان آهي ته سنڌين جي ثقافت دنيا جي هڪ سهڻي ۽ نرالي ثقافت آهي ۔۔۔ سنڌ جو هر چپو اسانکي پنهنجي جان کان پيارو آهي، سنڌ صدين کان آهي ۽ روز قيامت تائين رهندي ۔۔۔

    جيتوڻيڪ هن وقت سنڌ ڪيترين ئي مشڪلاتن ۾ گهريل آهي، پر پو به اسانجو ايمان آهي ته هڪ ڏينهن سڀ سنڌي جوڌو، دودا ۽ دولهه جاڳندا ۽ سنڌ امڙ جي سينڌ سنواري، دنيا ۾ ترقي يافته ملڪ جي طور تي اڀاريندا ۔۔۔

    جڏهن سنڌ سلامت ٺهي جڙي راس ٿي رهي هئي ته ان وقت ئي مون دوستن کي صرف سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي نعري طرف راغب ڪيو هو، اڄ الله جي ڪرم سان سنڌ سلامت سنڌي ميڊيا يا سنڌي قوم ۾ هڪ خالص سنڌي ويب سائيٽ جي طور تي پاڻ مڃرائي پنهنجو سفر روان دوان رکيون پئي اچي ۔۔۔

    جنهن ساٿ ۾ نثار ناز، رشيد سمون، علي علي، سليمان وساڻ، مولوي رحيم بخش، مست، فقير، ۽ درويش سميت ٻيا اڻ ڳڻيا سنڌ دوست شامل هوندا ته ان اداري جو سنڌ دوست هجڻ يقيني آهي ۔۔۔

    آ مبارڪون ۽ واڌايون ڏيان ٿو سنڌ سلامت جي هر هڪ رڪن کي ته هنن جي محنت سان سنڌ سلامت سنڌيت جو فرض نڀائي پئي ۔۔۔

    اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار،
    ڪني ٿورا، ڪني گهڻا، ناهي ڪا سورن ڌار،
    ڏنا جي ڏاتار، مون جهولي پائي جهليا۔

    سڀني دوستن کي سنڌي ثقافتي ۽ ايڪتا ڏينهن جون واڌايون قبول پون

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ثقافتي ڏينهن ۽ سنڌ سلامت

    تمام بهترين ادا۔۔ سنڌ سلامت انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ميڊيا جي طور اڀري رهي آهي۔۔ سڀني دوستن کي ايڪتا ۽ ثقافتي ڏينهن جون مبارڪون هجن،،،،،،
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔
     
  4. Mohammad Jan Balooch

    Mohammad Jan Balooch
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 مارچ 2011
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    لڪي آٽو سينٽر پير پکڙوئي لعل
    ماڳ:
    پير پکڙوئي لعل پوسٽ آفيس يارو لنڊ تعلقو مير پور ما
    جواب: ثقافتي ڏينهن ۽ سنڌ سلامت

    منجهان منهنجي روح ، جي وڃي سنڌ وسري
    ته مر لڳي لوه ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران

    سڀني سٻاجهڙين سنڌين کي سنهڻي سنڌي ثقافتي ڏينهن جون مٺيون ماکي جهڙيون مبارکون هجن
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ثقافتي ڏينهن ۽ سنڌ سلامت

    لک ٿورا درويش سائين

    گهڻي خوشي ٿي جڏهن سنڌ سلامت جي خبر سن ٽي وي نيوز جي ٽڪر تي هلي۔ اڄ عوامي آواز سٿ پاران ڪرايل ثقافتي ڏهاڙي واري ڏينهن جڏهن آرٽس ڪائونسل وياسين ته اتي به سنڌ سلامت جو سٿ گڏ هيو۔ جنهن ۾ مان پاڻ، نور چانڊيو، ڪرم الاهي چنه ۽ نويد ڪلوڙ پڻ گڏ هئا۔ اتي به سنڌ سلامت فورم جي دوستن جي آجيان ڪندي اسٽيج تان اعلان ڪرايو ويو۔

    سنڌ سلامت هن ثقافتي ڪاڄ ۾ سڀني سنڌين سان گڏ آهي ۽ پنهنجي ثقافت جي بقا لاء پيش پيش آهي۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ثقافتي ڏينهن ۽ سنڌ سلامت

    ادا نثاراحمد ابڙا صاحب سنڌ سلامت جو محبتي اڱڻ سان وابستگي اسان جهڙن چرين شاعرن لا اعزاز جي ڳالهه آهي ساري دنيا جي سنڌين اسان جي قدم قدم تي رهنمائي ڪئي آهي اسان پنهنجون غميون ، خوشيون هڪ ٻئي سان ونڊيندا آهيون، اسان کي فخر آهي ته اسان پنهنجي مٺڙي سنڌي ٻولي کي هٿي وٺائڻ ۽ ڌرتي ڌڻين جي ايڪتا ۽ ديس واسين کي سندن جائز ۽ عزت ڀريو مقام حاصل ڪرائڻ لا هٿ هٿن ۾ ڏنا آهن ۽ انشاالله اڄوڪي هن 19 ڊسمبر 2011 سنڌي ثقافت جي ڏينهن تي اهو عهد ٿا ڪريو ته اسين پنهنجي ثقافتن جا امين بڻجي سنڌ امڙ جو هميشهه لا مان ۽ شان وڌائينداسين، توهان سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين ۽ دنيا جي سموري سنڌين کي دل جي گهراين سان سنڌ جي هن قومي ڏيهاڙي تي واڌايون ڏيان ٿو
    [​IMG]
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ثقافتي ڏينهن ۽ سنڌ سلامت

    سڀني دوستن کي هن ثقافتي ميلي جون مبارڪون اسان کي خوشي آهي جو اسان جو هي فورم قومي ، تهذيبي ، تعليمي توڙي اسلامي موقعي مناسبت سان هر عمل ۾ سنڌي قوم جي رهنمائي ۾ پيش پيش آهي ڪافي دوست محنتي ، سجاڳ ، با شعور آهن جيڪي هر وقت بيداري جو ثبوت پيش ڪري رهيا آهن جيئن اسانجي محنتي دوست محترم عمران دوريش سنڌ ٽي وي جي خبر فوري طرح پيش ڪئي اسان جو نهايت محترم نائب منتظم سائين نثار احمد ابڙو جن مڪي ۾ رهي ڪري به پنهنجوساٿ بهترين نموني نڀائيندا رهندا آهن سائين نثار ناز جن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي پاڻ ته هر وقت قومي خدمت لاء سندرو ٻڌيو تيار بيٺا هوندا آهن محترم سائين سليمان وساڻ جن جي واتان سندن شادي جي خوشي واري موقعي تي هڪ عجيب جملو ٻڌي بيحد خوشي ٿي سائين ناز صاحب جن کين کان انٽرويو ورتو ته پاڻ آخر ۾ چيائين ته شاديء کان اڳ به سنڌ سلامت پوء به سنڌ سلامت سائين رشيد جن ته سڀني جي سر جا تاج آهن جن اسان سڀني کي گڏ ڪرڻ جي هي بهترين اهتمام ڪيو۔ اهڙي طرح سڀ دوست سائين محترم عبدالوحيد ڦلپوٽو فقير ، محترم غلام مصطفى ميمڻ ، ادو اسد مير جت ، ادا عامر ضياء ، سائين طاهر سنڌي ، چاچو حاجي منير احمد، ٻيا به ڪيترائي دوست جيڪي هر وقت دوستن جي هر سوال جي جواب ڏيڻ کي قومي خدمت جو فريضو سمجهي هر وقت تيار بيٺا هوندا آهن الله تعالى سنڌ سلامت جي پوري ساٿ کي سلامت رکي سندن ان جوش ۽ ولولي کي قائم رکي۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔​
     
  8. قمرالدين

    قمرالدين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ثقافتي ڏينهن ۽ سنڌ سلامت

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت جئي جيجل سنڌ
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ثقافتي ڏينهن ۽ سنڌ سلامت

    هي وڊيو پنهنجي ،صروفيتن جي ڪري ڪونه ڏسي سگهيو هوس، اڄ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي ته آءُ به هن ساٿ جو ادنا رڪن آهيان، ادا درويش سائين رحيم بخش صاحب جن جي مهرباني، جيئي سنڌ
     
  10. ايل-سي-گراچ

    ايل-سي-گراچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ثقافتي ڏينهن ۽ سنڌ سلامت

    اجها ڪمزور ڪچڙا ويا لُڙهي برسات پاڻيءَ ۾
    بچيو ڪجهه بي نه آ درويش مارن جي ڪهاڻيءَ ۾
    سهڻ جي سگهه ناهي هاڻي بس مجبور ٿي پيا هيون
    اي مالڪ ٻاجهه ڪر پنهنجي اجهن جيا چُور ٿي پيا هيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو