
سنڌ سلامت سٿ پاران قومي ثقافتي ۽ ايڪتا ڏينهن تي سڀني سنڌين کي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ هزارين سالن جي ثقافتي ورثي جي مالڪ سنڌ جنهن جي اجرڪ ۽ ٽوپي جو هڪ الڳ ۽ نرالو انداز آهي، جنهن جي پوشاڪ جي پنهنجي خوبصورتي آهي ، اڄوڪي ڏينهن تي اسان سڀ سنڌي اهو وچن ٿا ڪيون ته پنهنجي ثقافت جي رکوالي ۽ ان جي پذيرائي ڪندا رهنداسون۔