• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجو اسڪول کلي ويو پر پاڻي نه سُڪو!

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
مئي 2011 ۾ بند ٿيل گورنمنٽ هاءِ اسڪول ملڪاڻي نيٺ کلي ويو آهي جيتوڻيڪ اڃان پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب شاگرد پاڻي ۾ هلي ڪلاس رومن تائين ايندا آهن جنهن سبب کين سخت پريشاني آهي جيڪڏهن حڪومت ڪجهه ڪلاڪ مشين هلائڻ جي زحمت ڪري ته اهو پاڻي نڪري ويندو ۽ شاگرد سڪون سان پڙهائي جاري رکي سگهندا

2s6x93q.jpg

جڏنهن پرئمري اسڪول جي هيڊ ماستر سان رابطو ڪيو ويو ته هُن ٻُڌايو ته اسان اي ڊي او کي چيو آهي ته اسڪولن مان پاڻي نڪرڻ جو رستو موجود آهي رڳو اوهان مشينري ڏيو. پر اي ڊي او چيو ته اوهان لاءِ تنبو جو بندوبست ڪريون ٿا اوهان انهن ۾ ڪلاس هلايو. جيستائين تنبو نه ٿا اچن تڪڙ ڇڏيو.
 
جواب: منهنجو اسڪول کلي ويو پر پاڻي نه سُڪو!

غلام قومن کي ڪو حق ناهي هوندو ته هو مطالبه ڪن ۔۔۔ اسين اها ڳالهه الائجي ڪڏهن سمجهنداسون، پر پو به ڳوٺ جي چڱن مڙسن، حب الوطن ڌرين، مذهبي مهندارن ۽ عام ماڻهن کي ( جن جو اولاد تعليم وٺڻ وڃي ٿو) پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي به ڪجهه ڪرڻ جي همٿ ڪرڻ گهرجي، پر افسوس! اسين پنهنجي بنيادي گهرج ” تعليم“ کان بلڪل اڻ واقف ٿي انڌيري راهه جا مسافر ٿي رهيا آهيون ۔۔۔

الله مالڪ آهي ۔۔۔ اڳتي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي؟

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: منهنجو اسڪول کلي ويو پر پاڻي نه سُڪو!

ملڪاڻي جي نوجوانن کي پوسٽ گريجوئيشن ڪندي ۽ وري مقابلي واري متحانن ۾ امتيازي نمبرن سان پاس ٿي روزگار حاصل ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي۔ اتان جي اسڪول جي اها حالت ڏسي سچ ته روئڻ پيو اچي پر پوء به جذبا جوان آهن، اميدون قائم آهن ۔۔۔۔۔۔ راتين پٺيان ڏينهن ۽ ڏکن پويان سک ضرورو ايندا آهن۔

اميد ته ملڪاڻي جا نوجوان ۽ ٻار ان وچن سان نئين سر شروعات ڪندا ته ڪاميابي اسان جو مقدر آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

تتيء ٿڌيء ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ جي
متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرينء جو
 
جواب: منهنجو اسڪول کلي ويو پر پاڻي نه سُڪو!

گورنمنٽ ها اسڪول ملڪاڻي 10 اگسٽ تي پيل برساتن ۾ ٻڏي ويو هو جيڪو اڃان تائين پاڻي هيٺ آهي ان سلسلي ۾ مون ڪجهه تصويرون ڪڍي رکيون هيون اهي به ونڊ ڪريان ٿو

30aulxz.jpg

گورنمنٽ هاءِ اسڪول ملڪاڻي جي بلڊنگ جي ڪجهه ڏينهن اڳ ورتل تصوير، عمارت آڏو هڪ کان ٻه فٽ پاڻي بيٺل آهي
2lse8gn.jpg

هاءِ اسڪول ملڪاڻي جي مرڪزي دروازي آڏو ٻه مهينا 3 فٽ پاڻي ٻيٺل رهيو
2cel2r.jpg

ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پڻ هن اسڪول جو وزٽ ڪيو پر افسوس جو پاڻي جي حوالي سان ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا
 
Back
Top