• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دانش و دانستگي

مگسي

سينيئر رڪن
دانش و دانستگي

شاعر- عباس مگسي

ڏاڍن ڏنُجھ ڏُراڇن ۾ اٿئي زندگي
ڏيک ڏيساور،ڏاڍي ڏُھيري آ درندگي

ڏونگر ڏاري ڏوھ ڪيا ٿئي ڏاڍا ڏيھ ۾
ڏڙھ ڏڌل سان ڏُرمائڻ آھي گندگي

شابس ھجئي شاطر سڀ ڪندئي شاقُ
شپڪو ھوندئي شاھ جو ۽ شرمندگي

درويشي دروازو کولي ڪڍ درماندگي
درس وٺي دانائي ڪر حاصل دانستگي

ڏي نھ دادائي داٻو دائم دنيا کي ”عباس”
سڃاڻ درد کي دُرشت جي ڪر درستگي


ڏکين لفظن جي سمجھاڻي

ڏنجھ- تڪليف،آزار،مصيبت
ڏراڇ- ڪشالو،ڏاکڙو،درد
ڏيک- نظارو،ديدار،جنسار
ڏيساور- پرڏيھ،تمام پري
ڏھيري- ڏکيو،اھنجو،مشڪل
ڏڙھ – غيرآباد،ٺوٺ،سُڪل زمين
ڏرمائڻ- نٽائڻ،انڪار ڪرڻ
ڏونگر- جبل،پھاڙ
شاطر- چالاڪ،ٺڳ،عيار
شاق- ناپسند،اڻوڻندڙ
شپڪو- ڪٽڪو،سٽڪو،مار
درشت- سخت،کھرو،ڪاوڙيل
درماندگي- بيماري،تڪليف
دانستگي- ڏاھپ،سمجھ،عقل
 
Back
Top