• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇوڪريون، پوپٽن جي پَرن جهڙيون ڪومل ۽ نازڪ ...

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
محترم رضوان گُل جو هڪ خوبصورت نظم پيش ڪجي ٿو۔ اميد ته دوستن کي پسند ايندو۔ ياد رهي ته سندس هي نظم عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل آهي۔

ڇوڪريون
پوپٽن جي پَرن جهڙيون
ڪومل ۽ نازڪ ...
خيالن ۾ جن جي
اڏامڻ جون ڳالهيون
اکين ۾ حياء
۽ لبن تي ڪهاڻيون
ها مرڪن جا ٽولا
سندن ساڻ هريل ..!
گهمن ٿيون هوائن سان
گڏجي جيئين
پوپٽن جون اڏارون...

16h23r8.jpg

جواب: ڇوڪريون، پوپٽن جي پَرن جهڙيون ڪومل ۽ نازڪ ...

تمام بهترين شاعري ۽ خوبصورت ڊزائين ادا سلمان وساڻ۔
بلڪل هن شاعري جيان به منهنجي هڪ ننڍڙي سوچ ته“،

ڪاش ته مان پکي هجان ها
آڪاش مٿي اڏاما ها
ڪير نه مون کي قيد ڪري ها
ڪنهن جي نه آء هٿ اچان ها
ڪاش ته مان رنگن ڀريو
پوپٽ هجان ها
رنگ برنگي گل چمان ها
ننڍڙي حياتي خوب جيان ها
 
جواب: ڇوڪريون، پوپٽن جي پَرن جهڙيون ڪومل ۽ نازڪ ...

واهه جون پوپريون ڏيکاريون اٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

لاجواب
 
جواب: ڇوڪريون، پوپٽن جي پَرن جهڙيون ڪومل ۽ نازڪ ...

خيالن ۾ جن جي
اڏامڻ جون ڳالهيون
اکين ۾ حياء
۽ لبن تي ڪهاڻيون

بهترين سائين
زبردست
 
مهرباني ادي نور صاحبه جي

اوهان بهترين نظم ونڊ ڪيو آهي۔ انشاء الله محرم الحرام کانپوء ان کي خوبصورت رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس۔ پوپٽ ۽ انهن جا رنگ مونکي به خوب ونندا آهن۔ مونکي ياد آهي ته ڪيئن ننڍي هوندي فصلن ۽ لن ۾ رنگين پوپٽن جي جهرمر ۾ پاڻ به اڏندو رهندو هوس۔

مونکي امر جليل جا اهي لفظ ياد پيا اچن جن ۾ هن چيو آهي ته

مان پوپٽن ۽ ڇوڪرين جي راھ ناهيان روڪيندو ! .. ڇو ته مونکي پوپٽ اڏامندي ۽ ڇوڪريون گهمندي پسند اينديون آهن ...!

200418_1911015173302_1179567033_32417804_8132444_n.jpg
 
جواب: ڇوڪريون، پوپٽن جي پَرن جهڙيون ڪومل ۽ نازڪ ...

واهه جون پوپريون ڏيکاريون اٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

لاجواب

مهرباني ادا عرس

لڳي ٿو دوستن جي واپسي شروع ٿي آهي ۽ سنڌ سلامت تي به ڪجهه حاضري وڌي آهي۔

ڀليڪار سڀني دوستن کي
 
جواب: ڇوڪريون، پوپٽن جي پَرن جهڙيون ڪومل ۽ نازڪ ...

خيالن ۾ جن جي
اڏامڻ جون ڳالهيون
اکين ۾ حياء
۽ لبن تي ڪهاڻيون

بهترين سائين
زبردست

لک قرب پسند ڪرڻ جا

اوهان جي به خوبصورت چونڊ ۽ ڊزائن جو انتظار رهندو آهي۔
 
جواب: ڇوڪريون، پوپٽن جي پَرن جهڙيون ڪومل ۽ نازڪ ...

مهرباني ادا عرس

لڳي ٿو دوستن جي واپسي شروع ٿي آهي ۽ سنڌ سلامت تي به ڪجهه حاضري وڌي آهي۔

ڀليڪار سڀني دوستن کي

ها ادا تواهن جي دعائن سان پهچي ويا آيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڪئلينڊر جو ڇا ٿيو ؟؟؟؟؟؟؟
 
جواب: ڇوڪريون، پوپٽن جي پَرن جهڙيون ڪومل ۽ نازڪ ...

ها ادا تواهن جي دعائن سان پهچي ويا آيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڪئلينڊر جو ڇا ٿيو ؟؟؟؟؟؟؟

ڪيلينڊر تي ڪم ڪيون پيا ۔۔۔۔۔۔۔

جلد اوهان خوشخبري ٻڌندا
 
جواب: ڇوڪريون، پوپٽن جي پَرن جهڙيون ڪومل ۽ نازڪ ...

شاعر هميشه خوبصورتي کي درست نالو ڏيڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن۔۔۔ ڪي چنڊ ته ڪي تارا ۽ ڪي وري پوپٽ ۔۔
هڪ سوال جيڪو بار بار ذهن تي ايندو آهي ته ڀلا خوبصورتي ايتري نازڪ ڇو هوندي آهي۔۔۔؟
شايد نازڪ هجڻ سان ئي خوبصورتي جو وجود هوندو آهي۔۔۔
خير ڀلا لفظ ۽ ڀلي سوچ نظر آئي شاعري ۾۔۔۔
 
جواب: ڇوڪريون، پوپٽن جي پَرن جهڙيون ڪومل ۽ نازڪ ...

ادا توهان به پاڪستاني آهيو اثر ته رهندو نه باقي ڏسون ٿا ته ڊسمبر ۾ ڇا ٿو ٿئي

هاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڊسمبر ۾ ٻيو ڪجهه ٿئي يا نه پر ٿڌ ضرور ٿيندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top