نثارابڙو
نائب منتظم

Uploaded with http://imageshack.us
هڪ خيال
اي زمانا!
عشق جا سڀ قصا ساڙائي ڇڏ،,
پٿرن سان سڀ مجنون مارائي ڇڏ،
دلين جا سڀ گلشن ويران ڪرائي ڇڏ،
ذهن جا سڀ دروازا ٻيڪڙائي ڇڏ،
نظرن جا سڀ رستا روڪي ڇڏ،
گيت ڳائيندڙ سڀ زبانون ڪٽرائي ڇڏ،
اي زمانا!
وري عشق جو نئون قصو جنم وٺندو،
وري نئون مجنون پاڻ ملهائيندو،
وري دلين جو گلشن آباد ٿي پوندو،
وري ذهن جو نئون دروازو کلي پوندو،
وري نيڻن ۾ پيار جو رستو ظاهر ٿيندو،
وري پيار جو گيت ڳائبو،
اي زمانا!
ڇا تون سج کي روشن ٿيڻ کان روڪي سگهيو آهين،
ڇا تون هوائن جا رستا روڪي سگهيو آهين،
ڇا تون آسمان مان وسندڙ مينهن کي جهلي سگهيو آهين،
ڇا تون ڄم ۽ موت تي قبضو ڪري سگهيو آهين،
ڇا تون چنڊ جو رستو بدلائي سگهيو آهين،
ڇا تون زمين جا سڀ سلا سُڪائي سگهيو آهين،
اي زمانا!
تون پنهنجي ڪرت ڪندو رهه ۽ فطرت پنهنجي ريت نڀائيندي رهندي ...
اي زمانا!
هار تنهنجي پڪي آهي .... ڪالهه، اڄ ۽ صبحاڻي