مان آهيان اعجاز وساڻ ، سچل ڳوٺ ڪراچي کان مان مئٽرڪ جو شاگرد آهيان ۽ روشن تارا اسڪول ۾ پڙهندو آهيان۔ سنڌي لکڻ اڃان سکان پيو۔ سنڌ سلامت هڪ سٺي ويب سائيٽ آهي۔ ٻارن لاء ڪو به سيڪشن نه آهي۔ اسڪول جا نوٽس ۽ مواد به رکو ته ڪم ايندو۔
جواب: سچل ڳوٺ کان اعجاز وساڻ جو سلام ادا وساڻ صاحب توهان کي اسان سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون اميد ته توهان کي هتي سکڻ ۽ سيکارڻ جو ڀرپور موقعو ملندو سدائين گڏ
جواب: سچل ڳوٺ کان اعجاز وساڻ جو سلام ادا اعجاز وساڻ صاحب اسلام عليڪم۔پيارا ننڍڙا ڀاء توهان کي دل جي گهرائين سان اسان هن فورم تي ڀليڪار ٿئا چئون۔توهان ميٽرڪ جا طالبعلم آهيو۔مهرباني ڪري پنهنجي تعليم تي گهڻي توجه ڏيندا ۽ تمام گهڻي محنت ڪري اهو ثابت ڪندا ته توهان هڪ هونهار ۽ روشن ضمير ٻار آهيو۔ادا سليمان وساڻ جيڪو هن محبتي اڳڻ جي محفل جو مور آهي ۽ سچل ڳوٺ ۾ رهندو آهي ،ان سان توهانجو ڪهڙو رشتو آهي؟ اميد ته توهان کي هن فورم تي ڪافي تعليمي ڄاڻ جي حوالي سان معلومات ملندي۔هن فورم جي ميمبرن مان ڪافي تعليمي ماهر به آهن،اميد ته هو توهان جي تعليمي ميدان تي صحيحي رهنمائي ڪندا۔
جواب: سچل ڳوٺ کان اعجاز وساڻ جو سلام ڪراچي ۾ ننڍڙي سنڌ جي سچل ڳوٺ کان ڪهي آيل اعجاز وساڻ کي دل جي گهراين سان ڀليڪار، سچل ڳوٺ ۾ رهندڙ سڀ وساڻ، سنڌ جا سڄڻ ۽ حب الوطن آهن، اسانجي دعا آهي ته سنڌي سڀ سچل ڳوٺ جي وساڻن جيئان سنڌ ۽ سنڌي وسندين لئه پاڻ پتوڙن ته هوند سنڌ جنت مثل ٿي پوي ۔۔۔ سهڻا ڀائڙا اعجاز، اوهانجون سڀ ڳالهيون اکين تي سنڌي ادب ۾ ٻارڙن لئه ڪافي مواد موجود آهي پر پو به سنڌي ٻارڙن لئه ڌار هڪ سيڪشن ۽ تعليمي مواد لا پڻ هڪ ڌار سان سيڪشن انتهائي ضروري آهي جت گهٽ ۾ گهٽ مئٽرڪ کان وٺي انٽر تائين جا نوٽس موجود هجن ۔۔۔ اميد ته انتظاميه ان صلاح تي غور ضرور ڪندي ۔۔۔ ڀائڙا اعجاز اميد ته اوهان جلد کان جلد سنڌي لکڻ سکي وٺندا ۽ هن اوطاق تي پنهنجا خيال ۽ رايا ونڊ ڪندا رهندا ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ جي ايندي چوني آ، ويندي چوني ويهه، ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچج انهن جي۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سچل ڳوٺ کان اعجاز وساڻ جو سلام سچل ڳوٺ روشن تارا اسڪول جي نوجوانن اعجاز وساڻ کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون اعجاز منهنجو ڪزن (ماروٽ) آهي ۽ سماجي اڳواڻ تاج محمد وساڻ جو فرزند آهي۔ مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي جو هي نوجوان سنڌ سلامت فورم جو ميمبر ٿيو آهي جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي پرچارڪ لاء ڪوشان آهي۔ اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔ ٻارن جي سيڪشن جي حوالي سان ۽ اهم نوٽس مهيا ڪرڻ واري ڳالهه نوٽ ڪئي وئي آهي ۽ جلد ان تي ڪو عمل ڪيو ويندو۔ ٻاراڻي ادب بابت اوهان کي سنڌي ادب ۾ سٺو مواد ملي ويندو۔
جواب: سچل ڳوٺ کان اعجاز وساڻ جو سلام ڀاء توهان کي دل جي گهرائين سان اسان هن فورم تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔ [/center][/img]