نثارابڙو
نائب منتظم

http://imageshack.us
هڪ خيال
اي زمانا!
تون پاڻ کي عاشق ٿو چوائين؟
ڇا تو سسئيءَ جيئان جهر جهنگ ۽ جبل جهاڳيا آهن؟
ڇا تو سهڻيءَ جيئان مشڪلاتن جا درياهه پار ڪيا آهن؟
ڇا تو مارئيءَ جيئان قيد وبند جا ڏک برداشت ڪيا آهن؟
ڇا تو مومل جيئان پنهنجا حال هيڻان ڪيا آهن؟
ڇا تو راجا راءِ ڏياچ جيئان سِرُ ڌڙ کان ڌار ڪرايو آهي؟
ڇا تو ڄام سمي جيئان غريب ماروئڙن جي پرگهور لڌي آهي؟
ڇا تو حق جي حمايت ۾ بلاول جيئان پاڻ گهاڻي ۾ پيڙايو آهي؟
جي جواب ها ته؛
پوءِ تون سچو عاشق آهين .. لک سلام
جي جواب نه ته؛
پوءِ تون ڪوڙو ۽ تنهنجي دعوٰ به ڪوڙي
نثارابڙو