ڇا نفرت به محبت وانگر آهي ؟؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]محبت ڪرڻ سڀني جو حق آهي ۽ نفرت جو حق به سڀني کي آهي۔ محبت ته امر آهي، محبت ۽ پيار جي ڪا معراج ناهي، محبت کي ماپڻ جو به ڪو پيمانو ناهي، پر نفرت به محبت جو هڪ انداز آهي، نفرت ڪندڙ ماڻهو اوهان کي هر وقت ياد ڪري ٿو ۽ اوهان سندس دماغ تي قابض هوندا آهيو۔

    ڪنهن چيو ته جيڪڏهن ڪوئي به مونسان محبت ڪري يا نفرت ڪري اها منهنجي حق ۾ آهي۔ ڇو ته جيڪڏهن اوهان مونسان نفرت ڪندا ته مان اوهان جي دماغ ۾ ۾ ويهي رهندس ۽ جيڪڏهن اوهان مونسان محبت ڪندا ته مان اوهان جي دل ۾ گهر ڪري ويهندس۔
    [/JUSTIFY]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا نفرت به محبت وانگر آهي ؟؟

    آهن ته ٻئي جذبا شديد، پر ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته ؛

    نفرت جڏهن دماغ ۾ هوندي آهي ته دل جي اڱڻ کي ويران ڪري ڇڏيندي آهي ۽ جڏهن محبت دل ۾ رهندي آهي ته ذهن جي ميدان کي باغ و بهار ڪري ڇڏيندي آهي ۔۔۔ انڪري جيڪڌهن محبت بهار آهي ته نفرت خزان جي موسم ۔۔

    لطيف سڳوري انهن ٻنهي جذبن کي ڪجهه هن طرح سان بيان ڪيو آهي”

    محبت پائي من، ۾ رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو۔

    مدي پائي من ۾، سنهو ڪتيو جن،
    تن جو صرافن، دڪو ئي داخل نه ڪيو۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ڇا نفرت به محبت وانگر آهي ؟؟

    سائين نثار ابڙو جي ڳالهه سان متفق ٿيندي اهو چوندس ته محبت ۽ نفرت بيشڪ شديد جذبا آهن۔ اهو ان لا ته اهي ٻئي هڪ ٻئي جو ضد آهن۔
    جهڙي طرح سچ جو ضد ڪوڙ آهي، کِلَڻَ جو ضِدُ روئڻ آهي۔ ساڳئي طرح محبت ۽ نفرت هڪ ٻئي جو ضد آهن۔ ۽ ڪنهن به شي کي ٻئي شي جو ضد تڏهن ليکيو ويندو آهي جڏهن سندن مشابهت ۾ برابري نظر اچي۔
    ڪو اسان سان محبت ڪري اهو اسانجو حق ته ڪنهن حد تائين سمجهه ۾ اچي ٿو۔ پر نفرت ڪرڻ کي حق جو درجو نه ٿو ڏئي سگهجي ڇوته عام طور تي نفرت جو بنياد غلط فهمين جي وجهه سان ٿئي ٿو۔۔۔
    بهترين سوال آهي۔۔ پنهنجي ناچيز سوچ مطابق جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔

    دعا ۾ ياد​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو