• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

الرسول و النبي جي تفسير ڪر

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
پنهنجي نگاه عالمگير ڪر
الرسول و النبي جي تفسير ڪر

تنهنجو وجود آهي الڪتاب
بهتر و بدتر تقدير ڪر

عزت گهرين آسمانن کان تون
ته پهريان پاڻ کي فقير ڪر

خدا رهي ٿو آدم جي اندر
نه ڪنهن انسان جي تحقير ڪر

دل ۾ ڪتاب تنهنجو وارث تون
جيڪو گهرين ان ۾ تحرير ڪر

معراجِ مصطفى ملڪيتِ انسان
باءِ بسم الله جي تعبير ڪر

هر مخلوق تابع تنهنجي آهي
عمل اهڙو ڪو بي نظير ڪر

ڏاڏل کي ڏاهن ڏنو اهو ڏس
لا جي خنجر سان پاڻ تي تڪبير ڪر



 
Back
Top