• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ها انهن ستمن جاڳائي وڌو

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
ها انهن ستمن جاڳائي وڌو
هيڻي سان ڏاڍائي
ڏاڍي سان هيٺائين
بن عدل جي سختي
تو اجاڙي خدا جي بستي
ظلم جو تو هلايو رواج
قوم کي مليو آهي اهو ڏاج
هر شڪل ۾ تو ورتو وياج
هٿ ڪري ويٺو آهين اناج
انهن ستمن جاڳائي وڌو

گل ڪونپلن ۾ مرجهائي ويا
ڪئي سوال ضمير کي الجهائي ويا
غريبن جا گهر ڊهي ويا
ٻچا اسان جا رُلي ويا
انهن ستمن جاڳائي وڌو

موت کي منهن لڳائي ڇُڪا آهيون
خوڦ کي پاڻ کان ڀڄائي چُڪا آهيون
واعدو پاڻ کي ٻڌائي چُڪا آهيون
ضمير اسان کي جنجهوڙ ڪئي آهي
احساسن اسان جي جنجهوڙ ڪئي آهي
آخر ڪيسيتائين ظلم کي سهڻو آ
مار خوف کي هڪ ڏينهن مرڻو آ
انهن خيالن اسان کي جاڳائي وڌو
ها ڏاڏل جاڳائي وڌو


 
جواب: ها انهن ستمن جاڳائي وڌو

انهن خيالن اسان کي جاڳائي وڌو
ها ڏاڏل جاڳائي وڌو

ڏاڏل جا خيال به بهترين، وڻيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سماج جي خوب عڪاسي ڪيل آهي۔
 
جواب: ها انهن ستمن جاڳائي وڌو

هيڻي سان ڏاڍائي
ڏاڍي سان هيٺائين
يار هي ڳالههئي اسان جو الميو آهي۔ انهي مان ئي ظاهر آهي ته اسان سان ڏاڍائي ڪندڙ پاڻ ڪمزور آهي۔ بس اسان ۾ ٿورڙي همت هُجي۔
 
جواب: ها انهن ستمن جاڳائي وڌو

گل ڪونپلن ۾ مرجهائي ويا
ڪئي سوال ضمير کي الجهائي ويا
غريبن جا گهر ڊهي ويا
ٻچا اسان جا رُلي ويا
انهن ستمن جاڳائي وڌو


ادا ڏاڏل شينو اسلام عليڪم۔توهان جي شاعري تمام اهم مسئلن ۽ ارباب اختيار جي لاپروهي جي نشاندهي ڪري رهي آهي۔هڪ حساس دل مان نڪتل هي شاعري شل ارباب اختيار جي نظر کان گذري ۽ هنن کي پنهنجي غلطين جو انداز ٿي ان جو ازالو ڪرڻ جي توفيق الله پاڪ عطا فرمائي۔
 
جواب: ها انهن ستمن جاڳائي وڌو

گل ڪونپلن ۾ مرجهائي ويا
ڪئي سوال ضمير کي الجهائي ويا
غريبن جا گهر ڊهي ويا
ٻچا اسان جا رُلي ويا
انهن ستمن جاڳائي وڌو


ادا ڏاڏل شينو اسلام عليڪم۔توهان جي شاعري تمام اهم مسئلن ۽ ارباب اختيار جي لاپروهي جي نشاندهي ڪري رهي آهي۔هڪ حساس دل مان نڪتل هي شاعري شل ارباب اختيار جي نظر کان گذري ۽ هنن کي پنهنجي غلطين جو انداز ٿي ان جو ازالو ڪرڻ جي توفيق الله پاڪ عطا فرمائي۔

سائين مصطفى ميمڻ صاحب اهي بيضمير ته ڪڏهن ڪونه جاڳندا بس اسان کي پنهنجي غفلت کي ختم ڪرڻي آهي جي اسان جاڳي پيا سون ته اسان انهن بيضميرن کان آجيا ٿي پوندا سين ۔ قرآن ۾ به آهي تهخدا ان قوم جي حالت ڪڏهن ناهي بدليندو جيسيتاين ان قوم کي پنهنجو حال بدلي اوهان جي پسند ڪرڻ جي مهرباني وسلام

 
جواب: ها انهن ستمن جاڳائي وڌو

ڏاڏل شينو جو نثري نظم سُٺو آهي ، اسان پنهنجي قوم مان مايوس ڪونه آهيون ، ڪڏهن نه ڪڏهن هي قوم ضرور جاڳندي ۽ پنهنجي حقن کي غاصبن کان ظالمن کان ڦُري وٺندي۔ تمام بهترين شاعري۔
 
Back
Top