يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
ملڪاڻي شريف ۾ 10 آگسٽ ۽ 6 سيپٽمبر تي آيل ٻوڏ سبب سمورو شهر ٻڏي ويو هو هر طرف پاڻي ئي پاڻي هو جڏهن ته اڃان به ملڪاڻي شريف جا سوين گهر پاڻي هيٺ آهن ۽ رستا بڏل آهن ملڪاڻي شريف ٻه مهينا مڪمل پاڻي هيٺ رهيو پر هن شهر ۾ ڪنهن به اداري ٻيڙي فراهم به نه ڪئي هئي شهر جي قبرستان جو رستو ۽ قبرستان پڻ پاڻي هيٺ آهي جنهن سبب ماڻهو مري وڃڻ جي صورت ۾ انتهائي پريشاني ٿيندي آهي، هتي لاش کي تيل جي ڊرمن تي رکي شهر کان ٻاهر شاخ جي بندن تائين پهچائي دفنائڻ جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي
