[JUSTIFY]سنڌ سلامت سٿ پاران سنڌي ٻوليء جي ناليواري شاعر، ڪهاڻيڪار ، مهقق ۽ مرتب ڊاڪٽر تنوير عباسيء کي سندس 12 هين ورسيء ڏينهن ڀيٽا پيش ڪجي ٿي۔ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي ۽ والد جو نالو گل حسن آهي. سندس جنم 7 ڊسمبر 1934 ۾ ڳوٺ سوڀي ديري ضلعي خيرپور ۾ ٿيو، ميٽرڪ اين-جي- وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، انٽر سائنس ڊي- جي سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم- بي-بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان 1960ع ۾ پاس ڪيائين. [/JUSTIFY] سندس وفات 25 نومبر 1999 اسلام آباد ۾ ٿي ۽ سنڌ کان دور اتي ئي دفن ڪيو ويو. ڊاڪٽر تنوير عباسيء جي شخصيت بابت وڌيڪ تفصيلن لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو۔ ڊاڪٽر تنوير عباسيء جي شاعري ۽ ضامن عليء جو آواز اکيون مون سڃاتيون، نهارڻ کان ڇرڪن نهارڻ لاء آتيون بنا اکين وارن کي بينائي ڏيندڙ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي ڀيٽا! [JUSTIFY]ورهاڱي کانپوءِ ترقي پسند سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ جن اديبن، محققن ۽ شاعرن پاڻ پتوڙيو، انهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي نالي کي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. شيخ اياز جي روح گرمائيندڙ شاعري ۽ شخصي هاڪ هيٺ اچي ويل ڊاڪٽر تنوير عباسي کي توڻي جو اها ناما چاري نصيب نه ٿي آهي، جيڪا هو لهڻي ٿو. جي ايم سيد کانپوءِ سنڌي ۾ جنهن فرد ڀٽائيءَ جي فڪر کي عقليت جي عمارت تي بيهارڻ لاءِ روايتي نه پر سائنسي تحقيق ڪئي، اهو به ڪو ٻيو نه پر سوڀيديري ڄائو ڊاڪٽر تنوير عباسي ئي هو. شاهه لطيف يونيورسٽي کي جڏهن ڪئمپس جو درجو حاصل هو، تڏهن ان کي ڪئمپس مان يونيورسٽي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي کي ضياءُ الحق سان ملاقات واري ڪوءڙي گوري به کائڻي پئي. هڪڙي راءِ موجب، سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌالاجي جي قيام جو بنيادي خاڪو جوڙيندڙ به ڊاڪٽر تنوير ئي هو. هن ڪيترن ئي پرڏيهي شاعرن جي چونڊ شاعري کي سنڌيءَ ٻولي ۾ ترجمو ڪيو. شاهه لطيف جي شاعري کانپوءِ هن چاهيو ٿي ته سچل جي شاعري تي سوشل سائنسز جي معيار موجب تحقيقي ڪم ڪجي. اڄ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم سچل چيئر به ڊاڪٽر تنوير جي ئي جستجو جو نتيجو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ تنوير عباسي جي نالي سان جڙيل تنوير ڪارنر ۾ اڄ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي سرڪاري سطح تي ياد نه پئي ملهائي وڃي. تنوير جهڙن بنا ڪنهن شور شرابي ۽ اجائي واهه واهه ڪرائڻ جي خاموشي سان ڪم ڪندڙ محققن، اديبن ۽ شاعرن سان هن دو رنگي دنيا ۾ ائين ئي ٿيندو آهي! درسگاهن سان تنوير جي دل هئي، ڪتب خانن کي هو پنهنجو وطن سمجهندو هو. ”تنوير چئي“ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽي جي اداري سنڌالاجي ڄامشورو طرفان ڊاڪٽر تنوير جي شاعري جو مشهور ڪليات ڇپيل آهي. ڪجهه ڏيئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين، ٻور آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين جهڙين سٽن جي خالق تنوير دنيا، ديس ۽ پنهنجي ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن لاءِ ٻن اهم محاذن تان مسيحا جو ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر تنوير نثر ۽ شاعري سان هڪڙي پاسي آمريتي دورن ۾ سرد ٿي ويل اسان جا روح پئي گرمايا ۽ هن جي شاعري آمرن لاءِ مٿي جو سور بڻي رهي ته، ٻئي پاسي ڊاڪٽر تنوير خيرپور ميرس ۾ ميرواهه جي ڪپ تي خاڪي شاهه پل لڳ ڪيترن ئي مسڪين ماڻهن جو پنهنجي ميڊيڪل جي خدمتن سان بخار، لڱن ۽ مٿي جو سور ٿي لاٿو. تنوير عباسي رڳو گلن، پوپٽن ۽ پوپرين جي ادائن کي ئي پنهنجي شاعري ۾ نه ڳايو، پر هُن مِلن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن، ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هارين، نارين ۽ سموري پورهيت طبقي جي ڏکن ۽ ڏوجهرن کي به پنهنجي لازوال شاعري جو مرڪز بنايو. مضبوط جهوپڙيون ۽ ڪمزور محل ماڙيون سو ڏينهن آهه ويجهو، ٿينديون اڀيون ڪهاڙيون اوگهڙ جتي اُڻون ٿا ۽ بک جتان لُڻون ٿا ڏيون باهه مِل انهيءَ کي، اهڙي ٻنيءَ کي ساڙيون اوچيون رکون هي لاٽون، هي مشعلون ڏياٽيون پنهنجن لئه روشنيون ۽ دشمنن جي لئه اُماڙيون ڊاڪٽر تنوير عباسي جتي پنهنجي فن ذريعي عوام کي علم ۽ آگاهي جون اکيون عطا ڪيون، اتي هن خلقِ خُدا جي خادم آخر ۾ اها وصيت به ڪئي ته، جسم مان جڏهن روح جو رمتو رمي وڃي ته پوءِ منهنجو بي روح جسم ڪنهن ميڊيڪل يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ تجربن لاءِ عطيي طور ڏنو وڃي. تنوير جي ان وصيت تي پوري طرح ته عمل نه ٿي سگهيو، پر ايترو ضرور ٿيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي جڏهن 25 نومبر 1999ع ۾ اسلام آباد ۾ هن دنيا کي الوداع چيو ته، سندس اکيون اسلام آباد جي ڪنهن بنا نور واري جي بينائي جو ذريعو بڻجي پيون. ڊاڪٽر اديب رضوي به پنهنجو گڙدو عطيي طور ڏيڻ وارن ٻاجهارن انسانن مان آهي. تازو ئي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ ووٽن سان چونڊيل صدر آصف علي زرداري پڻ اها وصيت لکي آهي ته، ساهه جي تند ٽٽڻ بعد منهنجو جسم عطيي طور ڏنو وڃي. هِن کان اڳ ٿوري مختلف پر اهڙي ئي ڀلائي واري وصيت مشهور ڪرڪيٽر ۽ هندوستان جي اڳوڻي ڪپتان منصور پٽودي پڻ ڪئي هئي، جنهن جي هڪڙي اک خراب ٿيل هئي ۽ کيس هڪڙي ئي بينائي واري اک هئي، اها به هن ڪنهن بنا اکين واري کي موت پڄاڻان عطيي ۾ ڏيڻ جو پنهنجي زندگي ۾ ئي اعلان ڪيو هو. منصور پٽودي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي اکين سان دنيا کي ڏسندڙن کي هي دنيا ڪيئن لڳي رهي هوندي؟ ان سوال جو جواب صرف رسول حمزاتوف جي ”ميرا داغستان“ ۾ ئي ملي سگهي ٿو. اشفاق لغاري/ٽنڊو الهيار [/JUSTIFY] روزانه ڪاوش هائيڊ پارڪ تان ورتل