سليمان وساڻ جي شادي جي وليمي جو احوال!

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏25 نومبر 2011۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    گذريل هڪ هفتي جي مصروف اسڪيجول ۾ ڪا خبر ئي نه پئي ته وقت ڪيئن گذريو. ڪڏنهن يونس جي ڪئيميرا ريپئير لاءِ صدر ته ڪڏنهن شاهجهان جي ايف پي ايس سي ٽيسٽ لاءِ ساڻس گڏ فيڊرل اسڪول (نزد هاڪي ڪلب)، ڪڏنهن نويد اسلم لاءِ ايئرفورس يونيفارم لاءِ زينب مارڪيٽ جا چڪر، ڪڏنهن چاچا جي فالو اپ وزٽ لاءِ دارالصحت ته ڪڏنهن هڪ ٻي رشتيدار سان گڏجي ڪارڊيو (جناح). پر وقت نه مليو ته سليمان وساڻ جي وليمي ۾ هٿين خالي وڃڻ بجاءِ ڪو تحفو خريد ڪجي. 22 نومر تي جناح کان موٽندي موٽندي رات جا اٺ ٿي ويا ۽ رڳو تيار ٿي ڪراچي يونيورسٽي پهچڻ ئي وڏي ڳالهه هئي. گهر پهتس ته منهنجي ننڍڙي فائقه به تيار ويٺي هئي ۽ چئي ته “آئون به هلنديس شادي تي.” پهرين ته نٽايم پر پوءِ خيال آيو ته ڪراچي آئي مون کي ساڍا ٽي سال ٿي آهن پر منهنجو هي ٻيو دفعو آهي جو ڪنهن وليمي ۾ پيو وڃان. فائقه به خيرن سان هن جنوري ۾ ٽي سال جي پئي ٿيئي سو جيڪڏنهن هِڪ وليمو هي به ڏسي وٺي ته انهي ۾ حرج ناهي. مٿان وري هوم منسٽري جي سفارش به اڻٽر هئي ڇو ته سائين نثار ناز وانگي اسان کي به شادي لاءِ فنڊنگ جي لاءِ انهي جي ئي محتاجي هئي. ڀلي کڻي اسان ڀندارڙو نه ڀڃرايو پر مهيني تي ايندر پگهار مان اهڙين موقعن لاءِ بچت هُوئي ڪندي آهي ۽ خرچن جا نخرا سهندي گڏ ڪندي ويندي آهي. سو فائقه ۽ فنڊ وٺ ٻئي تيار ٿي پهتاسين پنهنجي فٽفٽي تي شادي قلعه هال جيڪو ڪراچي يونيورسٽي جي سامهون آهي.
    هتي تڪڙ ۾ پهچڻ جو مقصد انهي ٽائيم جلدي هُجڻ به هو پر هتي وليمي جي احوال ۾ به اوهان کي جلدي شادي هال وٺي هلڻ جو مقصد هڪ ڊپ به آهي ته متان يونس نه چوي ته لڳي ٿو ڀت دير سان مليو سو اسان کي به پيو سسپينس ڏي. (توڙي جو ڀت اسان کي وقعي به دير سان مليو)
    شادي هال ٻاهر پوليس ڏسي هونئن ئي حيرت ٿيئي ها پر معمول کان وڏيڪ پوليس ۽ پارڪنگ ۾ ايندڙ هر گاڏي تي چوڪس نظر ۽ هر ايندڙ ويندڙ تي پوليس جو خاص ڌيان، ڇرڪائيندڙ عمل هو. هڪ دفعو تسلي خاطر پوئتي مُڙي نهاريم ته ڪراچي يونيورسٽي جي سامهون ئي آهيان ڪي نه پر ايئن ئي هو. پويان يونيورسٽي روڊ ۽ يونيورسٽي جي ڊگهي ديوار ئي نظر آئي. وري هڪ نظر صحيح دڳ تي پُهچڻ لاءِ پڪ ڪيم ته شدي قلعه ئي پُهتا آهيون نه؟ شادي هال جي ڊگهي ديوارن مٿان لڳل ڳاڙهي رنگ سان چمڪندڙ اکرن ۾ شادي قلعه ئي لکيل هو. بهرحال پوليس جي غير معمولي تعداد ۽ چوڪسي سمجهه ۾ نه آئي سا نه آئي.... فائقه کي وٺي مکيه داخلي دروازي طرف رُخ ڪيم.
    شادي ڪارڊن ۾ اڪثر rsvp لکيل ته هوندو آهي پر يا ته اُهي ماڻهو گيٽ تي هوندا ناهن يا وري ملندا ناهن. پر هتي ته واه جي ڀلي ڪار ملي. ٻه قطارن ۾ بيٺل سائين سليمان وساڻ جا وڏڙا (مائٽ، دوست ۽ عزيز) بيٺا هئا. هڪ هڪ ڪري سڀ مليا. ۽ پڪ ٿي ته سچل ڳوٺ اڏيندڙ، آباد ڪندڙ ۽ انهي ۾ اسان جهڙن لاغرضن کي پنهنجائپ ۽ پُر سڪون ماحول ۾ رهڻ لاءِ وسيلو پئدا ڪندڙ هنن محنتي ماڻهن ۾ انتظام ۽ ترتيب ڄڻ ته فطرت بڻجي وئي آهي.

    [​IMG]

    گذريل ساڍن ٽِن سالن کان آئون سچل ڳوٺ جي هنن همران جي ڪارڪردگي جو اکين ڏٺو شاهد آهيان ته ڪيئن نه هر وقت ڳوٺ ۽ ڳوٺ وارن جي هر مسئل جو اونو هوندو اٿن ۽ پنهنجو سُک ڦٽائي هن ڳوٺ ۽ڳوٺ واسين لاءِ ڪم ڪن ٿا پيا. ۽ هن ڳوٺ ۾ مختلف حوالن سان رچندڙ پروگرام شاندار طريقي سان آرگنائيز ڪن ٿا. سو اهڙن خير خواهن هوندي سليمان وساڻ جي وليمي ۾ ڀليڪار جي اهڙي توقع رکي ئي سگهجي ٿي.

    [​IMG]

    سائين گوپانگ صاحب مون کي سائيڊ تي سڏ ڪري چيو ته “پُٽ هي ويلڪم بورڊ اسان پاڻ لکي ٺهرائي لڳرايو آهي ڏس ته ڪا پروف يا گرامر جي غلطي ته نه اٿس.” مون ڏسي ۽ پڙهي کين خاطري ڪرائي ته اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي. بورڊ جي عبارت بلڪل صحيح آهي. اهو ڏسي خوشي به ٿي ته انتطام سنڀاليندڙ هي دوست هر لحاظ کان فڪرمند آهن ته ڪٿي ڪا چُڪ رهجي نه وڃي.

    [​IMG]

    اندر پهتاسين ته ساڄي پاسي ڪنڊ تي اسٽيج تي گهوٽ پنهنجي والد محترم ۽ ڪجهه دوستن سان گڏ موجود هو. ۽ کاٻي ڪنڊ تي اسٽيج تي هڪ بانسري وڄائيندڙ همراه دُلهري جي مدد سان سُر پئي وکيريا.

    [​IMG]

    “پيرين پوندي سانءِ، چوندي سانءِ، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾” جي ڌُن ٻُڌي هڪ پل لاءِ خوشي ۽ افسوس جي گڏيل احساسن ۾ گُم ٿي ويس. خوشي انهي ڳالهه جي ته ڪراچي شهر (جيڪو اسان جي اڳواڻن جي مَصلحتن جي ڪري) اسان لاءِ ڌاريو ٿيندو پيو وڃي انهي ۾ سنڌين جو هيڏو ميڙ ۽ نِج سنڌي ماحول. هر پاسي ٽوپي اجرڪ پهريل سنڌي ۽ بانسري تي رقص ڪندڙ سنڌي ڪلامن جي ڌُن. ٻي پل لاءِ اهو احساس به هو ته هي صر ف چند جڳهن تي آهي ته اسان پنهنجو ڪلچر ۽ انهي سان لاڳاپيل شين جو تحفظ ڪندي اهو ڪندا ٿا اچون. نه ته اڄ اسان جي پنهنجي ڳوٺن ۾ به اهڙن محفلن ۾ ايڪو سسٽم تي اردو گانن ۽ ميوزڪ جي ڍُش ڍُش هوندي آهي. الاءِ ڇو اسان ۾ اسان جي ڪلچر کان دوري ٿيندي پئي وڃي. بهرحال خوشي ٿي ته ڪراچي ۾ ڪنهن سنڌي جي پهرين وليمي ۾ شرڪت ڪري پهريون امپريشن سُٺو بيٺو. خاص طور تي بانسري وارن همراهن وارو ڪم. نه ته ايڪو ته هلندر فُل آواز ۾ گانن جي ڪري مٿي ۾ سور الڳ ته ڪنهن سان ڳالهائي سگهڻ جهڙو به نه رهڻ ڪري بوريت الڳ.! هتي ته ويٺي روح کي راحت پئي مِلي. اِنهي وچ ۾ سليمان وساڻ سان ويٺل دوست اٿيا ته وڃي ساڻس ملي آيس.

    [​IMG]

    حسبِ توقع ميار ڏنائين ته “تنهنجي والد صاحب ڳوٺ واري پروگرام ۾ اچي اسان کي فُل ٽائيم ڏنو پر تون ته عائب لڳو پيو آهي.” دل ۾ چيم يار ڇا ٻُڌايان ته منهنجي سُست طبيعت جي ڪري اهي فرض سدائين بابا پورا ڪيا آهن (شايد اهو به سبب آهي جو مرڻن، پرڻڻ جا اڪثر سڏ ناهيان ڀري سگهندو جو بابا منهنجي طبيعت کان واقف هوندي پاڻ وڃي ٿيو اچي). بهرحال سليمان پياري کان معذرت ڪيم ۽ هڪدفعو وري شادي جون مُبارڪون ڏيئي اچي پنهنجي ڪرسي سنڀاليم.

    [​IMG]

    سليمان وساڻ آيل معزز مهمانن سان. (بزرگ شخصيت سليمان شيخ “سگا”[/center]

    ماڻهن جي اچڻ جو سلسلو جاري رهيو. بانسري وارو پنهنجي حساب سان مختلف سنڌي ڪلامن جي ڌُنن سان ماحول خوشگوار ڪندو رهيو. اچانڪ پاڙيسري قربان ڪلوڙ جو سڏ ٿيو. وٽس وڃي ويٺس. ڪلوڙ صاحب طبيعتاَ انتهائي منفرد ماڻهو آهي. آئون سدائين کيس چوندو آهيان ته تنهجي “هر خواهش تي دم نڪري وارو ڪم آهي.” هي همراه انڊيا جي مشهور اداڪار عامر خان وانگر مسٽر پرفيڪشنسٽ ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هوندو آهي. نه کيس ڪنهنجو ڪيل ڪم وڻي نه ڪا ڳالهه. هتي به چئي ويٺو “يار هي هال ننڍا ٿا ٺاهين. مان ٿو چوان ته هال ايترو هُجي جنهن ۾ 10 هزار ماڻهو ويهي سگهن” (دل ۾ چيم ڀلي مدعوئين 1000 ئي هُجن ته به؟) وري چئي “مهمانِ خاص لاءِ چون پيا ته جلدي ايندو ۽ تڪڙ ۾ وڃڻو اٿس سو هنن جلدي ماني ڪرائي آهي پر مان نه ٿو سمجهان ته هُو ايڏو جلدي پُهچي.” پُڇيم ته “ڪير آهي مهمانِ خاص؟” چئي “هوم منسٽر منظور وساڻ.” اڇا هاڻي سمجهيم ته ٻاهر پوليس جا ٽولا ڇو آهن؟ بهرحال ڪلوڙ صاحب اها معلومات صحيح ۽ سُٺي ڏني. باقي ڳالهين ۾ ته پنهنجين منفرد خواهشن جو اظهار ڪندو رهيو.

    انهي وچ ۾ سيوا جا دوست نور حسين چانڊيو ۽ نويد ڪلوڙ به مليا. هي پيارا دوست سچل ۾ ئي رهن ٿا ۽ سنڌسلامت جا به ميمبر آهن. تعليم لاءِ سندن خدمتن جو قابل تعريف ڪم آهي.

    [​IMG]

    انهي کان علاوه عبرت اخبار ڪراچي جو بيورو هتي پاڙيسري ۽ اصل ۾ ڳوٺائي صالح لنڊ سان به ڪچهري ٿي. جنهن جي توسل سان عوامي آواز جي شاه محمد چنا سان به ملاقات ٿي ۽ ٻئي مون کان منهنجي تازي ملائيشيا جي ٽوئر جا هال احوال وٺندا رهيا. گڏوگڏ اهو به محسوس ٿيو ته پنڊال ڀرجي چُڪو آهي. ماني به وچ تي مخصوص ٽيبلن تي لڳي چُڪي آهي پر منظور وساڻ جو انتظار وڌندو پئي ويو. هڪ وقت وڌندو پئي ويو، ٻيو مصالحن جي خوشبو سان سامهون پيل ماني ايپيٽائيزر جو ڪم ٿي ڪيو. پر ڪلوڙ جي ڳالهه صحيح هئي ته منظور وساڻ ليٽ ايندو.
    ۽ آخرڪار ٻاهر سائرن جا آواز تيز ٿيا. هال ۾ هلچل ٿي ۽ ٿوري دير ۾ منظور وساڻ صاحب، رڪارڊ ٿيندڙ مووي جي آنلايئن پروجيڪٽر تي نظر آيو. کيس تاج محمد وساڻ صاحب پاڻ اسٽيج طرف وٺي هلڻ لڳا ته هو پاڻ هر اڳيان ايندڙ ماڻهو سان هٿ ملائي خير آفيت معلوم ڪندو رهيو. فوٽو سيشن هلندو رهيو.

    [​IMG]

    ۽ پوءِ اچانڪ انتظاميه پاران ماني هلائڻ جو اعلان ٿيو. ۽ پوءِ اُهو ٿيو جيڪو ٿيندو آهي. مشهور لطيفو آهي ته روزِ آخرت ۾ وٺ وٺان جي هلڪي جهلڪ ڏسڻي آهي ته ڪنهن شادي ۾ دير سان شروع ٿيل ماني کان پوءِ پهريان چند منٽ ڏسو. پاڻ اهڙي موقي تي چُرون ئي ڪونه. ۽ آخرت جي جهلڪ انجوائي ڪندو آهيان. ڀلي کڻي اها حقيقيت آهي ته “شادي جي اڳياڙي ۽ جهيڙي جي پڇاڙي” سُٺي هجي ٿي پر اهڙي وٺ وٺان ۾ رسڪ وٺڻ کان بهتر آهي ته انتظار ڪجي ته رش هٽي. نصيب ۾ لکيل روزي ضرور ملندي. جي نه ته هِڪ اڌ اهڙو آئٽم ته ضرور بچندو آهي جنهن تي مارو گهٽ هوندو ۽ اوهان اُهو آرام سان کڻي سُڪون سان کائي سگهو ٿا.
    ۽ ايئن ماني هلندي رهي. ڪلاڪ کن ۾ سڀ دعوتي کائي آجا ٿيا. الحمدُلله خير خوبي سان پورت ٿي. ڪاڄ ڌڻين جي لاءِ اهو وقت ڏاڍو ڏکيو هُجي ٿو ته ڪٿي گِلا نه ٿي پئي. ۽ پُوءِ آهستي آهستي سڀني سَڏ (نينڍ) لکرائي. گيٽ تي بيهي فردا فردا هر دعوتي کان موڪلائيندڙ سائين تاج محمد وساڻ سان اسان به ملياسين ۽ موڪلايوسين. هڪ ته ڪافي دير ٿي وئي هئي ۽ ٻيو ته صبح موڪل نه هئي. ورڪنگ ڊي هُجڻ ڪري سوير اٿي آفيس وڃڻ جي فڪر به هر ڪنهن کي هئي. مون پارا (هيستائين ته سليمان وساڻ به پر هاڻي جي خبر ناهي) سوير سمهندڙ ته جلدي جلدي نڪرڻ جي ڪَن پيا. ۽ پوءِ منهنجي فٽفٽي يونيورسٽي روڊ تي دوڙڻ لڳي اُتر طرف سچل ڳوٺ ڏانهن جنهن طرف کان تازو شروع ٿيل ٿڌين هوائن سياري جي آمد جا اطلاع ڏِنا آهن ۽ اسان جو هي پيارو دوست لاڏو ٿيو آهي.

    سدا سينڌ تنهنجي سلامت رهي
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سليمان وساڻ جي شادي جي وليمي جو احوال!

    يار حفيظ! اصل قرب ڪري ڇڏيا اٿئي، سهڻي سليمان جي وليمي جو احوال ته مليو ئي پر خوشي ان ڳالهه جي ته تو جنهن انداز سان لکيو آهي، سو انتهائي وڻندڙ ۽ ڪنهن منفرد ليک کان گهٽ ناهي، تنهنجي ان لکڻ جي انداز مونکي اها فرمائش ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي ته“ ” لک“ لکندو رهه، قلم جي سگهه سگهاري آهي، ان سگهه کي سنڌ جي سگهه ۾ تبديل ڪر ۔۔۔

    خئير، گهوٽ سليمانَ جي وليمي ۾ پنهنجو نه هجڻ ۽ سچل جي يارن جي چوياري ۾ پاڻ کي غير حاضر محسوس ڪري ڏک به ٿيو ۔۔۔ پر ڇا ڪجي نڀاڳي نوڪري ۽ اهو به پرديس جنهن ۾ ويزا ۽ ٽڪيٽ ائين سنڀالڻا پوندا آهن جيئن ڪو پنهنجا اعمال روز قيامت سنڀالي ۔۔۔

    سليمان کي وهانوَ جو واڌايون ۽ اوهانکي سٺي ليک لکڻ جو واڌايون ۔۔۔ قبول پون

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سليمان وساڻ جي شادي جي وليمي جو احوال!

    ادا عبدالحفيظ اسلام عليڪم۔سڀ کان پهريان توهان کي لک لک مبارڪون هجن جو هڪ دلچسپ ۽ وڻندڙ انداز ۾ ادا سليمان وساڻ جي وليمي جو احوال هن فورم تي ونڍ ڪيو اٿئو۔اسان به ادا نثار ابڙو صاحب سان متفق آهيون ته ان انداز کي جاري رکندا ۽ پنهنجي قلم ۽ ذهن کي زنگ نه لڳڻ ڏيندا۔ادا اسان به محترم سليمان وساڻ جي وليمي ۾ شرڪت ڪئي پر هزار خواهشن ۽ ڪوششن جي باوجود ادا سليمان وساڻ ۽ ادا غلام مرتضي وساڻ کان سواء ٻين سنڌ سلامت جي ميمبرن سان ملاقات ۽ ڪچهري نه ٿئي سگهئي۔هڪ ته تمام گهڻي رش هئي ،ٻيو ته دوستن جي چهرن کان اسان واقف نه هئاسين ۽ اسان ٿورو دير سان به آيا هئاسين ۽ ان وقت تائين هال تمام گهڻو ڀرجي چڪو هئو۔بلڪل اسان جو آڌرڀاء به ٻن لائينن ۾ بيٺل سچل ڳوٺ جي قربائتي ماڻهون جيڪي ادا سليمان وساڻ کي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان نزديڪ هئا انهن ڪيو ۽ ايڏو ته قرب ونڍيو جو دل پئي چوي ته انهن مهربانن سان اتئي آڌرڀاء گيٽ تي بيهي رهئجي پر پوء سوچيو سين ته ايئن نه ٿئي جو اسان جي ڪري هئو پهنجي آڌرڀاء واري ڪم ڏي وڌيڪ توجه نه ڏئي سگهن انڪري اسان ادا غلام مرتضي وساڻ جي رهنمائي ۾ گهوٽ جي اسٽيج ڏئي وڌيا سين۔ادا سليمان صوفي تان اٿئي اسان کي اسٽيج تي رسيوئي ڪيو ۽ اسان جون مهربانيون ادا ڪيون ته اسان انهن جي سڏ تي وليمي ۾ شرڪت ڪئي آهي۔هڪ وڏو ڀاڪر پائي جنهن ۾ هنن جي محبت جي اڪير اچي رهي هئي اسان کي پنهنجي ڀرسان ويهاريون ۽ ان کانپوء ُفوٽوگرافر ۽ وڍيو ڪيمرا مين کي اشارو ڪيائين ته اسان جي هنن سان گڏ ڦوٽو ڪڍن ۽ ويڊيو ڀرين۔ادا سليمان ان کان پوء ادا غلام مرتضي وساڻ کي چيوء ته اسان کي ڪنهن بهتر جاء تي ويهارين ۔اسان ادا سليمان وساڻ کان سنڌ سلامت جي ٻين دوستن متعلق پڇوء ۔انهن ٻڌايو ته محترم ممتاز علي وگهيو۔دادن سائين ۽ عبدالحفيظ جن ان وقت تائين پهچي چڪا آهن ۽ ٻين جو آنتظار آهي۔ادا مرتضي کي ادا سليمان وساڻ چيو ته هو اسان کي مٿين مهربانن سان ملائين۔ادا مرتضي جي مصروفيت ڏسي اسان ادا سليمان وساڻ کي چيو ته اسان پاڻهئي انهن کي ڳولي وٺنداسين۔(اهو اسان جو فيصلو بعد ۾ غلط ثابت ٿيو ڇاڪاڻ ڪوششن جي باوجود اسان مٿين محترمن کي ڳولي نه سگهياسين ۽ ملاقات جو ارمان دل ۾ کڻي واپس موٽي آياسين)اسان پنهنجي هڪ پراڻي ملڻ وارو محترم يوسف ڪلهوڙ صاحب جيڪو پڻ سچل ڳوٺ ۾ رهندو آهي سان گڏ وڃي ويهي رهياسين۔ڪجه وقت کانپوء اسان جي نظر محترم شفيق جوکيو ۽ بيهڻ صاحب تي پئي۔اسان پري کان انهن جو آڌرڀاء ڪيو۔هنن شايد اسان سان اڳ ۾ ملاقات نه هئڻ جي ڪري اسان کي نه سڃائتو ۽ فارمل انداز ۾ پيش آيا۔ان جي وجه شايد دير ۽ مهمان خصوصي جو ان وقت تائين نه اچڻ به ٿئي سگهئي ٿو۔رات جي پوڻي ٻارهن بئجي محترم منظور وساڻ ۔وزير داخلا تشريف کڻي آيا ۽ هال ۾ ويٺل مهمانن سان ملندي وڃي اسٽيج تي گهوٽ محترم سليمان وساڻ صاحب سان ملي اتئي ڪجه وقت لاء ويهي رهيا ۽ آنهن جو گهوٽ ۽ ٻين محترمن سان ڦوٽو سيشن ٿيو۔ان کان پوء گهوٽ پنهنجي انهن مهمانن سان گڏ هڪ مخصوص ٽيبل تي ويٺا ۽ ماني شروع ٿئي ويئي۔بلڪل ادا اسان توهان جي ڳاله کان متفي آهيون ته مهمانن ماني جي ٽيبلن تي ايئن حملو ڪيو ڄڻ انهن کي ان کانپوء ماني ڪانه ملندي۔هت مان هڪ ڀوڳ توهان سان ونڍ ڪندو هلئن۔هڪ دفعو اسڪول ۾ ڪنهن ٻار کان پڇوء ته اهو ڪهڙو وقت هوندو آهي جڏهن ماء،پٽ جي نه هوندي آهي،پٽ ماء جو نه هوندو آهي۔ڀاء ڀاء جو نه هوندو آهي۔ڀيڻ ڀيڻ جي نه هوندي آهي۔پي اولاد جو نه هوندو آهي۔دوست دوست جو نه هوندو آهي؟ ٻار هڪدم جواب ڏنو جڏهن سنڌي جي شادي ۾ سڏ ٿيندو آهي ته ماني کولي ويئي آهي۔

    اسان کي محترم يوسف ڪلهوڙو صاحب جن ٽيبل تان اٿڻ نه ڏنو ۽ هنن جي صاحبزاده اسان کي ماني ٽيبل تي آڻي ڏني۔ماني ۾ ٻين ايٽمن کان علاوه بيھ ڏسي اسان کي ڏاڍي خوشي ٿئي ته سليمان وساڻ صاحب سنڌ جو اهئو منفرد ايٽم ڪراچي ۾ اسان کي کارايو۔سائين توهان جون مهربانيون۔ماني ۾ ڏاڍو سواد هئو۔شايد اهئا ماني اسان جي هن محبتي اڳڻ جي روح روان جي شادي جي هئي انڪري شايد اسان کي تمام سٺي لڳئي۔ماني کائڻ کانپوء اسان ادا سليمان وساڻ سان وري وڃي اسٽيج تي ملاقات ڪئي هئي۔محترم منظور وساڻ صاحب اڳ ۾ ئي روانا ٿئي چڪا هئا۔،اسان ادا سليمان کي لفافو ڏنو۔ادا سليمان وساڻ صاحب هڪ مرتبو ٻيهر اسان جي مهرباني ادا ڪئي ته اسان انهن جي وليمي ۾ شرڪت ڪئي۔اسان گيٽ تي آيا سين آتي هڪ مهربان اسان جي تعارف محترم تاج محمد وساڻ صاحب سان ڪرائڻ چاهيو۔سائين تاج محمد محبت سان اسان کي هڪ وڏو ڀاڪر پائي انهن مهربان کي چيئو ته هو اسان کي چڳي طرح سڄڻ ٿا ڇاڪاڻ ته هنن جي اسان سان اڳ ۾ سچل ڳوٺ ۽ ٻين جڳهن تي ملاقات ٿئي چڪي آهي۔ان کانپوء اسان پنهنجي گهر جي طرف روانه ٿياسن۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سليمان وساڻ جي شادي جي وليمي جو احوال!

    ادا حفيظ لِغاري صاحب توهان جو حال احوال پڙهي ڪري اصل سٺو محسوس ڪيوسين

    توهان جي سربستا احوال ڏيڻ مان ائين لڳو ڄڻ ته اسان به سائين سليمان وساڻ جي دعوت ۾ گڏ هئاسين

    توهان جا لک لائق ادا

    سدائين گڏ
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سليمان وساڻ جي شادي جي وليمي جو احوال!

    ادا حفيظ لغاري صاحب

    ادا سليمان وساڻ جي وليمي جو سربستو احوال ونڊي ڪري اسان کي تي وڏو احسان ڪيو اٿوَ۔۔۔۔ ادا سليمان وساڻ جي طرف کان اسان کي ڪو به دعوت نامون وصول نه ٿي سگهيو۔۔۔ ادا سليمان وساڻ کي اسان جي طرف کان لکين لکين واڌايون قبول هجن۔۔۔۔۔

    تمام بهترين ونڊ پيش ڪرڻ تي اوهان به لکين کيرون لهڻو۔۔۔۔۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ جي شادي جي وليمي جو احوال!

    [JUSTIFY]رب پاڪ جا ڪروڙين قرب جو شادي جي تقريب وانگر ڪراچي ۾ ڪيل وليمي جي تقريب به انتهائي شاندار نموني ٿي گذري۔

    ادا حفيظ لغاري جي لکڻ۽ سمجهڻ جو انداز به لاجواب هوندو آهي ۽ سندس هي ننڍڙي رپورٽ ان جو ثبوت آهي۔ بهترين لکڻ تي اوهان کي واڌايون هجن۔ اميد ته اوهان پنهنجي مصروف وقت مان چند گهڙيون ڪڍي سنڌ سلامت تي موضوع موڪليندا رهندا۔

    انتهائي ٿورائتو آهيان سڀني دوستن جن شرڪت ڪري مان بخشيو۔ پراڻن ۽ نون دوستن سان گڏ سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي شرڪت هن پروگرام کي شاندار بڻائي ڇڏيو۔ ٿورا سنڌ سلامت جي دوستن سائين غلام مصطفى ميمڻ، ادا عبدالحفيظ لغاري، محترم ممتاز وگهيو، سائين بشارت شاهه، نويد ڪلوڙ ، نور چانڊيو ۽ مانواري هر دلعزيز چاچا ڪريم چانڊيو جن جو جيڪي مهمانن جي آڌرڀاء لاء 9 بجي کان گيٽ تي موجود رهيا۔

    سچ ته هي تقريبات هونديون ئي دل گهرين دوستن لاء آهن جن جو اچڻ محفل کي چار چنڊ لڳائيندو آهي۔ ادا زاهد سومرو ۽ ٻين دوستن کان معذرت جو کين دعوت نه ڏئي سگهيس۔[/JUSTIFY]

    تصويرون ته گهنيون آهن پر ڪجهه چونڊ تصويرون ونڊ ڪيان پيو۔


    [​IMG]


    [​IMG]
    يونيورسٽي جا ڪلاس ميٽ

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جا دوست نويد ڪلوڙ، ممتاز وگهيو ۽ ڏاڏل شينو

    [​IMG]
    عبرت ڪراچي جو بيورو چيف محمد صالح بلوچ ۽ سنڌ سلامت جو ممتاز وگهيو

    [​IMG]
    ڄام مدد علي جو ننڍو ڀاء ڄام طارق ۽ منهنجي آفيس جا ساٿي

    [​IMG]
    سنڌ سلامت ۽ فيسبوڪ جا سرگرم دوست ذولفقار بهڻ ۽ شفيق احمد جوکيو

    [​IMG]
    هوم منسٽر سنڌ جناب منظور وساڻ صاحب سان گڏ گروپ فوٽو​
     
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سليمان وساڻ جي شادي جي وليمي جو احوال!

    ادي عبدالحفيظ ء سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب جون تحريرون پڙهي اندازو ٿيو ته هڪ بهترين شاديء جو ميڙاڪو ٿيو جٿي ڪافي سارا سنڌ سلامت جا دوست به شريڪ ٿيا ۔۔۔۔۔۔ دوستن اکين ڏٺو احوال پيش ڪيو ائين محسوس ٿيو ته جڻ اسان به اتي شامل هجون۔۔۔۔۔۔۔۔ عبدالحفيظ سان ملاقات نه ٿي سگهي آهي پر تحرير مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تمام محنتي دوست آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب سان ٻه دفعا ملاقات ٿي آهي سائين جهڙو ڪچهريء جو مور ء کيس ۾ سنڌ ء سنڌيت جي پرچار جو ڀرپور جذبو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام سٺي نموني احوال پيش ڪيومهرباني
     
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سليمان وساڻ جي شادي جي وليمي جو احوال!

    ادا سليمان وساڻ صاحب جن کي شادي جون مبارڪون هجن ، ادي سليمان وساڻ صاحب جي شادي بابت مون غريب کي نه دعوت ڌنل هئي ۽ نه ئي اسين شرڪت ڪري سگهياسين جيڪر دعوت هجي ها ته ضرور شامل ٿي شرڪت ڪجي ها ، خير ادي عبدالحفيظ جن تمام سهڻي طريقي سان شادي جي وليمي بابت رپورٽ پيش ڪئي آهي لڳي ائين ٿو ڄڻ محفل ۾ اسين به شامل هئاسين ، ادي عبدالحفيظ کي جس هجي جو ايتري محنت ڪري معلومات اسان تائين پهچائي آهي ۔
    هتي اها ڳالھ به سمجه ۾ آئي آهي ته فورم مان پري رهڻ ڪري دوستن بابت رابطو ڪٽجي وڃي ٿو ، جيڪا ڳالھ ڏاڍي اڻوڻندڙ آهي ، خير اسان ادي سليمان وساڻ لاءِ دعاگو آهيون ، الله تعالى سندس زندگي ۾ خوشيون عطا فرماءِ ، آمين
     
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ جي شادي جي وليمي جو احوال!

    سڀني دوستن، نثار ابڙو، غلام مصطفي ميمڻ، زاهد سومرو، فقير، افتخار چوهاڻ، سليمان وساڻ ۽ عرس پريو جن جو ٿورائتو آهيان جن هن ڪوشش کي مان بخشيو ۽ پنهنجا رايا ڏنا۔ ڪجه دوستن کي فردا فردا جواب ڏيڻ چاهيندس۔

    سائين نثار صاحب اوهان همت افزائي ڪرڻ لاءِ ڪُجه ٻيو به ڪري پئي سگهيا۔ هِن ڪچي تحرير جي ايتري تعريف ڪٿي اوهان جي ذوق کي شڪ ۾ نه وِجهي۔ بهرحال اوهان جي هُجت اکين تي۔ ملائيشيا جي سفر جا احوال لکان پيو۔ قسطن ۾ وند ڪبا۔ باقي سستيون ته آهن سي رهنديون۔

    ميمڻ صاحب اوهان جهڙن بزرگن جي هُجت هوندي ته اسان جي مجال آهي جو پوئتي هٽون۔ اوهان جي شادي ۾ هُجڻ جو اطلاع مليو پر رش سبب ملاقات نه ٿي سگهي۔

    سليمان صاهب آئون اڳي ئي اوهان آڏو شرمنده آهيان۔ پر هاني ڪوشش ڪبي ته شڪايت نه ٿيئي۔

    هڪدفعو وري سڀني دوستن جي راءِ ڏيڻ جي مهرباني۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو