محبوب ۔

مگسي

سينيئر رڪن
محبوب​
شاعر-عباس مگسي
محبوب جي ھر ادائن،ماريو مونکي
ھا ! جانب جي جفائن،ڳاريو مونکي

مري وڃان ھا پر مرندي مرندي،
ان جي ئي دعائن،جياريو مونکي

ھئي ڦاٿل ٻيڙي منھنجي منجھدار ۾،
قسمت ڇولين ھوائن تاريو مونکي

مون تھ چنڊ تارا، ڏنا پئي تحفي ۾،
پر زماني جي گلائن، ٽاريو مونکي

وري اڄ ھڏڪين آ ورايو”عباس” کي،
لڳي ٿوھن جي صدائن،ساريومونکي
 
Back
Top