سنڌ ۾ آيل ٻن سالن جي مها ٻوڏن جي الجزيره ٽي وي پاران تفصيلي رپورٽ!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2011۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    الجزيره ٽي وي جي هي مڪمل رپورٽ آهي جنهن ۾ پاڪستان ۾ 2010 ۽ 2011 م آيل ٻنهي ٻوڏن تي تفصيلي نظر وڌي وئي آهي. جنهن ۾الجزيره ٽي وي جي ملائيشيا مان آيل رپورٽر ”چائو تائو“ سان سان ٿيل ٽريجڊي به ڏيکاريل آهي جنهن ۾ سنڌ سلامت جي سينيئر ميمبر يونس ملڪاڻي جو قيمتي ڪئميرا ضايع ٿيو. اهو واحد ڪئميرا هو جنهن جي ذريعي هُن ٻوڏ دوران ڪوريج پئي ڪئي ۽ مختلف اخبارن ۾ رپورٽ پئي موڪلي ۽ اهو سڀ ڏسي سرندي وارن علائقي جا دورا ڪري ڪم پئي ڪيو.

    هي رپورٽ ڏسي اندازو ٿيئي ٿو ته ٻوڏ سنڌ واسين کي ڪيئن تباه ڪري ڇڏيو۔


     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ ۾ آيل ٻن سالن جي مها ٻوڏن جي الجزيره ٽي وي پاران تفصيلي رپورٽ!

    ادا عبدالحفيظ، پيرائتي ۽ تفصيلي رپورٽ ونڊ ڪرڻ جا لک ٿورا ۔۔۔ بيشڪ هن دفعي قدرتي آفت (ٻوڏ ۽ مينهن،) سنڌي قوم جي مجموعي طور چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي ۔۔۔۔ انجو اندازو تڏهن ٿيو جڏهن آ نيشنل ها وي سان سفر ڪيو ۽ هڪ هنڌ نماز پڙهڻ لئه روڊ جي ڀر ۾ هڪ مسجد وٽ بيٺس ته ڪيترائي ٻارڙا (10 کان 12 سالن جا) وري آيا، جن خيرات ٿي گهري ۔۔۔ ڏسي ڏندي آڱريون به آيون ته اکين مان نير به وهيا ته قوم تي افسوس به ٿيو ۔۔۔

    سنڌ ملڪ جي ڌرتي، دنيا جي خوشحال ترين ڌرتين مان هڪ آهي، جنهن ۾ درياهه، سمنڊ، ڪاشو، ٿر ۽ چار موسمون پنهنجي اوج تي ٿين، جنهن ۾ هر قسم جو اناج اپائجي ٿو، جنهن ڌرتي مان هر قسم جي معدنيات نڪري ٿي، جنهن ۾ هر قسم جون ڀاڄيون، ميوا ۽ گل ڦل ٿين ٿا، جنهن تي هر قسم جو جانور پرورش پائي ٿو ۔۔۔ تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻيا قدرتي وسيلا ايترا جو اڻ ڳڻيا آهن ۔۔۔۔

    پر پو به افسوس؛ هڪ شاعر جيئان ” مارون اڪيلڙا“، نه ڪو والي نه وارث ۔۔۔ ڪجهه قومي خاميون، ڪجهه سياسي چڪر ۽ ڪجهه اسانجو مٿيون طبقو، سڀني جي ملي ڀڳت سان سڀ دولت مخصوص ماڻهن جي قلفن ۾ بند ۽ گهڻو حصو دنيا کان آيل ٻين قومن تي خرچ ٿيو وڃي ۔۔۔

    سنڌي قوم، ننڌڙڪي، ويڳاڻي ۽ حد درجي جي پوئتي پيل رهجي وئي آهي، قدرتي آفتون، چائنا، آمريڪا، جاپان، آسٽريليا، ترڪي ۽ ٻين تمام قومن ۾ اچن ٿيون پر انهن جي حالت هڪ سال کانپوءِ وري اهڙي جو اهڙي ۔۔۔ نه انهن جا ٻار پن تي گذارو ڪن، نه بئنڪن جي ڌڪا کائن ۽ نه وري انهن جي زندگيءَ تي ڪو اثر پوي ۔۔۔

    ڀلا اهو سڄو معاجرو ۽ حشر سنڌي قوم سان ئي ڇو ؟ آخر ڇو؟ آهي ڪو جواب

    واڳ ڌڻيءَ وس آءُ ڪا پاڻ وهيڻي ۔۔۔ رب جي بارگاهه ۾ هٿ مٿي آهن،

    جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱيان،
    ري ٿوڻيءَ، ري ٿنڀي، تون ڇپر تون ڇانوَ،
    ڪڄاڙو ڪهان، توکي معلوم سڀ ڪا۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سنڌ ۾ آيل ٻن سالن جي مها ٻوڏن جي الجزيره ٽي وي پاران تفصيلي رپورٽ!

    ادا عبدالحفيظ،اسلام عليڪم۔ادا توهان جون تمام گهڻيون مهربانيون جو هي وڍيو شيئر ڪيو اٿئو۔ان کي ڏسڻ سان اسان جي سٻاجهڙن ماڻهن سان ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏيندي جيڪي ويڌن ٿيا ۽ تڪليفون پيش آيون جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو۔ادا نثار ابڙي جي ڳاله سان اسان متفق آهيون ته هن ڌرتي کي الله پاڪ هر قسم جي نعمت سان ملامال ڪيو آهي ،ان جي باوجود به اسان جا ٻوڏ جا ستايل ماڻهون ڪمپرسي ۽ تمام خراب حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن۔ اڃا تائين ڪجه فيمليون ڪيمپن ۾ رهئي رهيو آهن ۽ پنهنجي اباڻن ماڳن تي موٽي نه سگهيون آهن۔ٻارڙا ايڏا ته مجبور ٿئي پيا آهن جو پڙهڻ جي بدران پينڻ شروع ڪيو اٿن۔۔ هڪ ڳاله ٻئي به اسان نوٽ ڪئي آهي ته ڪجه فيمليون جن جو واسطو پينو طبقي سان آهي،اهئي ان ٻوڏ واري تباهي جو فائدو وٺندي نيشنل هائي ويئي تي صبح جو سويل اچي ويهي رهنديون آهن ۽ هر ايندڙ ويندڙ گاڏي جي سامهون اچي ان کي بيهارڻ جون ڪوششون ڪنديون ۽ پنهنجي پاڻ کي ٻوڏ جا ستايل چئي پينديون آهن حالائنڪ هو ٻوڏ جي متاثرين مان نه هوندا آهن۔انهن جي ان حرڪت جي ڪري اصلي مستحق امداد حاصل ڪرڻ کان محروم رهجئي ويندا آهن۔۔۔ بهر حال الله سائين جي در تي دعا آهي ته انهن سڀني جون مشڪلون آسان ڪن ۽ هنن جي حال تي رحم ڪندي هنن لاء هر معاملي ۾ آسانيون پيدا ڪن۔هڪ ڀيرو وري توهانجون مهربانيون هن قسم جا وڍيو ونڊ ڪرڻ تي۔ 
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ ۾ آيل ٻن سالن جي مها ٻوڏن جي الجزيره ٽي وي پاران تفصيلي رپورٽ!

    ادا عبدالحفيظ تمام ڪارائتي ء عبرب ياد ڏياريندڙ وڍيو ونڊ ڪئي اٿو 2010 واري سيلاب ۾ منهنجو ڳوٺ پڻ متاثر ٿيو هيو مان ته هتي ڪراچيء ۾ هيس پنهنجي پوري فيملي کي هتي گهرايو هيم ان ڪري اکين سان اها صورتحال نه ڏٺي هيم پر خبرن ۾ ڏسندو هيس 5 مهينن کان پوء جڏهن ڳوٺ وارا واپس اچي ويا پوء مان به ويس ڳوٺ کي ڏسي دل ڀرجي آئي حالت تمام خراب هئي ڳوٺ وارا ٻڌائين پيا ته ڪهڙي وٺ وٺان هئي قيامت صغراي جو منظر هيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان جو 80 ڳوٺ سيٽ ٿي ويو آهي ڇو جو ٿورو مٿاهين تي هيو باقي اوس پاس جا ڳوٺ نيست و نابوت ٿي ويا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اتي اين جي اوز به هاڻ ڪافي ڪم ڪيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس ادا الله سڀني کي پنهنجي پناه ۾ رکي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان کي اهڙن واقعن کان عبرت حاصل ڪرڻ گهرجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    الله سائين سنڌي قوم تي اهڙا ڏينهن نه آڻِي جو ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻو پوي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو