• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سياسي مداخلت سبب سم نالن ۽ ڍورن مان اڏاوتون هٽائڻ مشڪل آهي:ادريس راجپوت

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
ملڪاڻي شريف (نمائنده ڪاوش) ملڪاڻي شريف سميت ڀرپاسي ۾ ٽن مهينن کان بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، خبر موجب ملڪاڻي شريف سميت يوسي خيرپور گمبو ۽ يوسي پنگريو جي سوين ڳوٺن مان ٽي مهينا گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، ان سلسلي ۾ سنڌ جو ناليوارو آبپاشي ماهر ادريس راجپوت ملڪاڻي شريف پهتو، جتي هن ملڪاڻي شريف سميت ٻڏل خيرپور گمبو، سمن سرڪار، پير حامد علي شاهه راشدي ۽ ٻين علائقن جي تازي صورتحال جو معائنو ڪيو، ادريس راجپوت چيو ته خيرپور گمبو يوسي کي ايم ايم ڊي ڊرين سم نالي ٻوڙيو، مستقبل ۾ اهڙا اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن ايتري وڏي تباهي کان بچي سگهجي، هن چيو ته ايريگيشن وارن کي برساتن دوران واهه اڳ ۾ بند ڪرڻ کپندا هئا، جيڪو هنن نه ڪيو پر اهڙو عمل هنن هروڀرو نه ڪيو، هن چيو ته سم نالن جي کوٽائي ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ ايل بي او ڊي پڻ شامل آهي، ٻيو ته برساتن جي درست اڳڪٿي ٿيندي ئي واهه بند ڪرڻا پوندا، هن چيو ته سياسي مداخلت سبب سم نالن ۽ ڍورن تي ٿيل ناجائز اوڏاوتون هٽائڻ انتهائي مشڪل آهي پر اهي ڪنهن به حالت ۾ هٽائڻ کپن، هن چيو ته هڪ سال ۾ سمورو تباهه ٿيل سسٽم ته نٿو ٺاهي سگهجي پر ان ۾ بهتري ضرور آڻي سگهجي ٿي، ادريس راجپوت چيو ته اکوڙي به ڪالاباغ ڊيم جيان سنڌ لاءِ انتهائي نقصانڪار ۽ خطرناڪ آهي، ان جي سنڌ واسي ڀرپور مزاحمت ڪندا ۽ اهو ڊيم نه ٺهڻ ڏيندا، هن چيو ته ڪالاباغ مان 24 سئو ميگاواٽ، ڀاشا ڊيم مان 45 سئو ميگاواٽ، جڏهن ته اکوڙي مان فقط 6 سئو ميگاواٽ بجلي ٺهي سگهندي، جنهن جو ڪو به فائدو ناهي.
 
جواب: سياسي مداخلت سبب سم نالن ۽ ڍورن مان اڏاوتون هٽائڻ مشڪل آهي:ادريس راجپوت

ادا پاڻ وارا حڪمران پنهنجي ويڙهه کان واندا ٿين ته پوء ان طرف به توجهه ڏيندا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ملندو ته مڙئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سياسي مداخلت سبب سم نالن ۽ ڍورن مان اڏاوتون هٽائڻ مشڪل آهي:ادريس راجپوت

هاڻي ا نه آ اسان پليو آسرو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!
 
Back
Top