شاهه لطيف جي سُر ڪيڏارو مان هڪ چونڊ بيت حاضر آهي: سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ؛ رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِيي ڪَربَلا جو.
جواب: سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ جذاڪ الله ڪربلا جي قضيي جو راز جي ڪوئي سمجهي ته اڄ مسلمان ٽولن ۾ ونڊيل نه هجن ها۔ دعا ۾ ياد
جواب: سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم۔امام سڳورن جون ڏنل قربانين جيڪي هنن دين جي لاء ڏنيون ۽ ثابت قدم ٿئي هر مصيبت ۽ مشڪلات کي منهن ڏنو، هنن کي ته قيامت تائين ماڻهن جي دلين ۾ زنده ڪري ڇڏيو۔۔انهن عظيم هستين جي قدمن تي هلي جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ استحڪام نياز ونڙوت،۽ ثا بت قدمي پيدا ڪيون ته گهڻا مسئلا حل ٿئي سگهن ٿا جن سان هن دنيا ۽ آخرت جي زندگي ۾ ڪاميابي ماڻي سگهون ٿا۔شل الله پاڪ اسان کي اهو عقل عطا ڪري جو اسان امام سڳورن جي ڏنل قربانين جي اصلي روح ۽ مقصد کي سمجهي سگهون۔
جواب: سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ شاه سائين جي لفظن کي جهڙي طرح خوبصورت ڊزائين ڏني وئي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙي ئي لفظن جي معني به امام سڳورن جون ڏنل قربانين جيڪي هنن دين جي لاء ڏنيون جو عڪس آهي ،،،،،،،،،،،،، تمام خوبصورت ونڊ ڪيو اٿو
جواب: سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ واقعي اهو مقامِ ناز ئي آهي پر ان راز کي ڪو رند پروڙيندو اسان جو وس ناهي اسان جي نگاه ۾ ڪاميابي و ناڪامي ۽ رند جي نگاه ۾ ڪاميابي و ناڪامي جو نظريو ئي عليحد ه آهن اسان جي زندگي و رند جي زندگي و سوچ جو معيار عليحده آهي ۔ وسلام