مگسي
سينيئر رڪن
آخر ڇا ڪجي
شاعر-عباس مگسي
رُئندي رُلندي راھن ۾ ٿيس خوارڪونھي ڪٿي بھ مون لئھ ڪو ڪم ڪار
آخر ڇا ڪجي
عرصو ٿيو آ مليا رڳو آسرا بيڪار
ڪيم ڪوشش ڪيئي پراڄ بھ بيروزگار
آخر ڇا ڪجي
پرايا تھ ڇا پر ٿيا پنھنجا سڀ بيزار
ڀر منھنجي ۾ ويھڻ ٿا سمجھن بيگار
آخر ڇا ڪجي
ٿيس مصور ڪري ڪيئي سوچ ويچار
ڪيم تيار ڪيئي شھڪار لڀن نٿا خريدار
آخر ڇا ڪجي
ويو وٺي ووٽ وڏيرو ڪندس سھڪار
ليکن نٿا ڀوتار سرڪار ۽ سڀئي ڪمدار
آخر ڇا ڪجي
کپائي گھربار ڪيم شروع واپار وھنوار
ڪيئن ڪيان ڪاروبار خالي آھي بازار
آخر ڇا ڪجي
نھ ملندئي ڪو روزگار ھاڻي کڻ ھٿيار
سوچي ڪيم انڪار ايندو ٻڌڻ صوبيدار
آخر ڇا ڪجي
ٿيان فنڪار پر ڪٿان اچن ڇمڪا جھنڪار
جوٿيان خرڪار تھ بھ گڏھ ڪيئي درڪار
آخر ڇا ڪجي
کڻي ھٻڪار ٿيس حاضر وڃي درٻار
دل جي ٻڌ دلدار جو آھيان صفا لاچار
آخر ڇا ڪجي
ڪر ڪرم الاھي جو ”عباس” ٿئي جاندار
ھر پاسي موت آ حياتيء جا ناھن آثار
آخرڇا ڪجي